Lexical Density of the verse, for usage of Artificial Intelligence (AI) & Computational linguistics
| Number of words: | |
|---|---|
| Lexical Words:* | |
| Non-lexical words:** | |
| Lexical Density: |
* Words of Noun, adjective, verb & adverb
** Words of Pro-noun, post-position, conjunction & interjection
- سُر بروو سنڌي جَي دل جو دلبر جو بيت
مُنھنجِنِ مَدائِنِ جِي، ڪَلَ پِريان پيئِي،
ڪَڏِھِين ڪوسا نَہ ٿِئا، ڏوراپو ڏيئِي،
ساڄَنَ سَڀَيئِي، ڍَڪِيُمِ ڍولَ ڍِلائِيُون.
رسالن ۾ موجودگي: 66 سيڪڙو
سمجهاڻي
جيتوڻيڪ منھنجي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي منھنجي محبوب کي خبر پئجي ويئي، پر پوءِ بہ ڪڏهن ڪاوڙ ڪري ميار نہ ڏنائون، (ناراضگيءَ جو اظھار نہ ڪيائون). منھنجي سڄڻن پاڻ (وڏي ستاري ڪري) منھنجيون سڀ ڪچايون ڍڪي ڇڏيون.
[ شارح: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو ]
گنج ۾، سرود بروو سنڌي، بيت نمبر : 2179
مُھْجِنِ مَدَائِنِجِيْ ڪَلَ پِرِيَان پٖيْئِيْ﮶
ڪَڎِہْ ڪُوْسَا نَٿِئَا ڎُوْرَاپُوْ ڎيْئِيْ﮶
سَاڃَنَ سَڀٖيْئِيْ ڊڪِيُمِ ڊُوْلَ ڊِلَائِيٌ﮶
ھِي بيت ٻين سھيڙيندڙن وٽ ڏِسو
TRANSLITERATION
सिन्धी देवनागिरी
मुंहंजिनि मदाइनि जी। कल पिर्यां पेई।
कडि॒हीं कोसा न थिआ। डो॒रापो डे॒ई।
साज॒न सभेई। ढकियुमि ढोल ढिलाइयूं।
ROMAN SINDHI
Muhinjin madain jee, kal'a piriyan peyi,
KaDheen kosaa na thiya, Doraapa Deyi,
SaJhhan'a sabheyi, Dhhakiyum Dhholl'a Dhhilaeeyun.
TRANSLATIONS
The Beloved (the Prophet) became aware of my faults, but (he was so gracious that) he never lost temper or reproved me therefor. He very kindly condoned all of them.
TRADITION: The Prophet never reproached a person.
My beloved learnt of my faults,
He did not mind and never reproached me for them,
The beloved very kindly cover them all.
بھانپ لیں میری خامیاں تو نے
پیارے ساجن ترا جواب نہیں
جانتا ہے برائیاں میری
پھر بھی مجھ پر کوئی عتاب نہیں
گو میرے عیبوں کو، جان گیا دلبر،
کبھی نہ عیب جتائے، وہ طعنہ دے کر،
مہر ہوئی مجھ پر، ڈھانپ دیئے سب عیب۔
داستان اندر ٻيو اندراج
- (بيت) آءُ تَہ پَرچُون پاڻَ ۾،…
- (بيت) آءُ تَہ پَرچُون پاڻَ ۾،…
- (بيت) آءُ عَجِيبَ اَڳي، سُڻُ حَقِيقَتَ…
- (بيت) آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو،…
- (بيت) اَچَنِ جي ھيڪارَ، مُون سارِيندِيءَ…
- (بيت) اَچَنِ جَي اوطاقَ، مُون سارِيندِيءَ…
- (بيت) جان ڪِي رُٺاسُون، تَہ رُٺي…
- (بيت) جَنِ ريءَ سَري نَہ ساھَ،…
- (بيت) جَنھِن جو ڌَڻِيانَ ڌارَ، ٻيلِي…
- (بيت) جُنگَ نِھاري جَوھَرِي، دانا دوسِتَ…
- (بيت) جِيئَن سا ڪانِي ڪانھَنۡ، لَهسَندي…
- (بيت) دَردَ نَہ توکي دَنگِئو، دَردَ…
- (بيت) دِلبَرُ دُنيادارُ، ٻِنهِي اَکَرُ ھيڪِڙو،…
- (بيت) دِلِ جو دِلبَرُ ھيڪِڙو، گَهڻا…
- (بيت) رُٺا ڪِھَڙِيءَ رِيتِ، پَرچَندا پَرِ…
- (بيت) رُٺِي نَہ سَرَندوءِ، ھَلِي پَرچُ…
- (بيت) عِشقُ اِھَڙِي ذاتِ، جو مانجِهي…
- (بيت) لافُون لَکَ ھَڻَنِ، سَھِڄِ پَئِي…
- (بيت) مُنھِنجِي مَحبُوبَنِ، ڪَچِي ڪِئَڙِي ڪا…
- (بيت) يارُ سَڏائي سَڀَڪو، جانِي زَبانِي،…
- (بيت) ڌارَ نَہ يَڪدِلِ يارُ ٿِيي،…
- (بيت) ڏاتَرَ مُون ڏيکارِئو ھوتَنِ جو…
- (بيت) ڦِٽو ڦوڙائو، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ…
- (بيت) کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، کَنيَئِي…
- (بيت) ڳَورا ۽ ڳُوڙھا، سَڄَڻَ ڊاکَ…
- (بيت) ھوڏَ ڇَڏي ھوڏي، جَي مان…
