ڪَلَ جي سنڌي معنيٰ
سُڌَ، سَمَاءُ، خَبَرَ، ڏَسُ، پتو، معلومات، سَمَڪَ، پَرُوڙَ، ڄاڻ. رازُ، ڳُجهہ، ڀيدُ، اَنتُ، اندر جو حالُ. ٻاڦ وغيرہ تي هلندڙ اوزارُ، انجڻ، مشين، ڪم ڪرڻ جو اوزارُ، پرزو، سانچو، سَنجَٽُ، آلات. ٽل، ڦندو، ڄاڻ، حڪمت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Knowledge, acquaintance. A machine, machinery.
ڪَلَ جا بيتن ۾ حوالا
ويڄَنِ ويٺيئي، دوسِتُ پيھِي دَرِ آيو،
صِحَتَ جِي سَرِيرَ ۾، ڪَلَ ڪَرِين پيئِي،
پِيڙَ پَري ويئِي، اَچَڻَ ساڻُ عَجِيبَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 9 ]
صِحَتَ جِي سَرِيرَ ۾، ڪَلَ ڪَرِين پيئِي،
پِيڙَ پَري ويئِي، اَچَڻَ ساڻُ عَجِيبَ جي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 9 ]
عُقابِيلَ اَکِيُنِ ۾، تِيرَ تِکا تو کي،
ساجَنَ اِنَهِيءَ سُورَ جِي، ڪَلَ نَہ آھي ڪَنھِن کي،
مارِيين ٿو مُون کي، چاڙِھِئو لوھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 4 ]
ساجَنَ اِنَهِيءَ سُورَ جِي، ڪَلَ نَہ آھي ڪَنھِن کي،
مارِيين ٿو مُون کي، چاڙِھِئو لوھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 4 ]
ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ نَہ ڏيِين ڪَلَ،
قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا تَوِھِين جَهلَ،
سُڻِي ھوتُ ھَڪَلَ، مَنَ ٻُڌِي ٻاروچو وَري.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 3 ]
قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا تَوِھِين جَهلَ،
سُڻِي ھوتُ ھَڪَلَ، مَنَ ٻُڌِي ٻاروچو وَري.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 3 ]
ڪَلَ نَہ پييَمِ ڪا تَہ ڪو ھوتُ وَٺِي ويندا، اَدا ڏيرا،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڀانڀَڻِ ڪَري ٻيرا،
پَسان شالَ اَکِيُنِ سين، دوسِتَ سَندا ديرا،
ساجُهرِ سيڻَنِ لَڏِئو، پوءِ ٿي پُڇي پيرا،
ٻَڙَڪَنِ ٿا ٻانڀَڻِ جا،جِگرَ ۽ جيرا،
ڏانيُئِي نَہ ڏانگهَنِ کي، وَنگِيُئِي نَہ تَنھِن ويرا،
کانئِيندِيَسِ کيرِنِ ۾، جانِبَ لاءِ جيرا.
[ سُر حسيني، وايون، 24 ]

نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ،
راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ،
رازُ ڪِئائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھَلَ،
اَنَا اَحْمَدٌ بِلَا میْم چَئِي، سَينَ ھَنئِي سائِلَ،
ڪَنھِن ڪَنھِن پيئِي ڪَلَ، تَہ ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 16 ]

ڪَنِي ڪَنِي ماڻهين، پيئِي ڪَلَ ڪائِي،
رَسِئا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسِي پائِي،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، وَرَتِي اِيءَ وائِي،
راجا راڳائِي، ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 17 ]
رَسِئا جي رَمزَ کي، تَنِ پارِسِي پائِي،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، وَرَتِي اِيءَ وائِي،
راجا راڳائِي، ھَردوئِي ھيڪُ ٿِئا.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 17 ]
مُنھنجِنِ مَدائِنِ جِي، ڪَلَ پِريان پيئِي،
ڪَڏِھِين ڪوسا نَہ ٿِئا، ڏوراپو ڏيئِي،
ساڄَنَ سَڀَيئِي، ڍَڪِيُمِ ڍولَ ڍِلائِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 12 ]
ڪَڏِھِين ڪوسا نَہ ٿِئا، ڏوراپو ڏيئِي،
ساڄَنَ سَڀَيئِي، ڍَڪِيُمِ ڍولَ ڍِلائِيُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 12 ]
اَڃا ڀيرو ھيڪِڙو، پَسِبِي مُومَلَ،
وَٺِي ويندِي پاڻَ سين، ڏِيندِي نَہ موڪَلَ،
ھِتِ وِيهُنِ ٿي وَڄايا، طَرحُنِ سين طَبَلَ،
جِن ھُيُون ڪَلَنگِيُون ۾ ڪَلَ، سي وِئا ڪَندي ڪاڪِ ڏي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 26 ]
وَٺِي ويندِي پاڻَ سين، ڏِيندِي نَہ موڪَلَ،
ھِتِ وِيهُنِ ٿي وَڄايا، طَرحُنِ سين طَبَلَ،
جِن ھُيُون ڪَلَنگِيُون ۾ ڪَلَ، سي وِئا ڪَندي ڪاڪِ ڏي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 26 ]
سوڍا صَبُرُ تُنھِنجي، ماڻُهو ڪِي مُومَلَ،
ڪَپَرِ مَنجهان ڪَلَ، پييَمِ پِرِين تُنھِنجِي.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 14 ]
ڪَپَرِ مَنجهان ڪَلَ، پييَمِ پِرِين تُنھِنجِي.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 14 ]
English Meaning
Knowledge, acquaintance. A machine, machinery.