ڪَلامُ جي سنڌي معنيٰ
خدا جو ارشاد ٿيل حڪم، اِلاھي پيغامُ ڪلمو، سُخنُ، ڳالهہ، گفتگوءِ. قول، وچن، انجام. تصنيف، مضمون. جملو يا فقرو. ڪنھن مسئلي کي ثابت ڪرڻ لاءِ عقلي حجت، تقريري يا تحريري بيان. ثبوت، پيش خبري، اڳڪٿي، شاعر جا ٻول، شعر. ڪافي پِٽَ پاراتو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The word of God. The Muslims karima. A prophecy.
ڪَلامُ جا بيتن ۾ حوالا
مِٺايان مِٺو گهَڻو، ڪَڙوۡ ناھِ ڪَلامُ،
سُڪُوتُوءِ سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 10 ]
سُڪُوتُوءِ سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 10 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، عاشِقَ ٿِيءُ آچامُ،
سَمُھان سَلَ سَيِّدُ چئَي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ،
ڪَھِجِ ڪو مَ ڪَلامُ، جِمَ دوسِتَنِئُون دُورِ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 13 ]
سَمُھان سَلَ سَيِّدُ چئَي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ،
ڪَھِجِ ڪو مَ ڪَلامُ، جِمَ دوسِتَنِئُون دُورِ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 13 ]
ٿِيَنِ سِڪَ سَيِّدُ چئَي، تيرَھينِ ڏيِنھِن تَمامُ،
گَنگا لُوٽِي گودَڙِئا، جَرُ پِيتائُون جامُ،
ويٺا آھِين وِجودَ ۾، نانگا رَکِئو نامُ،
ڪھِئو اِي ڪَلامُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 13 ]
گَنگا لُوٽِي گودَڙِئا، جَرُ پِيتائُون جامُ،
ويٺا آھِين وِجودَ ۾، نانگا رَکِئو نامُ،
ڪھِئو اِي ڪَلامُ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 13 ]
مُونا طُورُ سِيناءَ، سَندا سَناسِيَنِ،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ،
سُکَنِ کي سَڀَين پَرِيين، ٻُجهِي ڏِنائُون ٻَنِ،
اَلِفَ آدِيسِيَنِ، چوري رَکِئو چِتَ ۾.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 2 ]
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ،
سُکَنِ کي سَڀَين پَرِيين، ٻُجهِي ڏِنائُون ٻَنِ،
اَلِفَ آدِيسِيَنِ، چوري رَکِئو چِتَ ۾.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 2 ]
سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ،
نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ،
جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾، آھي وِردُ ويراڳِيَنِ،
فاِنَ النَومَ عَلَ الُمحِبِ حَرامُ ، ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ،
اِھَڙَنِ اُھڃاڻَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 12 ]