مارِئو بابت
معنيٰ
فنا ڪيو، تباھ ڪيو، ماري ڇڏيو، قتل ڪري ڇڏيو، ڪُھي ڇڏيو، وڃائي ڇڏيو
Killed, murdered, terminated, vanished.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَينُون ماھِي، عِشقُ رانجَهنِ دا، راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي، دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿَ کَڻِي، دِلِ ۾ تَيرِي دانھَن، ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان، ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان،…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- سُڻِي ويڻُ ڪَنَنِ سِين، وَرائيجِ مَ وَريِ، ھادِيءَ جي ھِدايَتَ جِي، آھي اِيءَ ڳَرِي، تَنِ سَڄِي ساھِسَرِي، جَنِي مارِئو نَفَسُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- مُون کي ٿا مارِينِ، ڪو پَھُ پِيَڙو سَڄَڻين، ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ، لُھان لُھارَنِ جا، مُون کي ٿا مارِينِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، آڌِي آھُون پُونِ، مُئي پُڃاڻا مُنڌَ کي، روجَهہ رُڃنِ ۾ رُونِ، ڀُڻان اِيئَن چُوَنِ، تَہ مُئِيءَ اَسان…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو، پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي، مُنھُن ڪَرِ…[ سُر معذوري - وايون ]
- پَرٽَنِ جي پاڙي، جاڙَ گُذارِيُمِ جيڏِيُون، جَنِي مُون کي مارِئو، سُورَنِ سين ساڙي، ايرادي آڻي، سانگِيَنِ سين سَڱُ ڪِئو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- جَڏائيءَ جا جَلِيلَ، ٻَڌا موڙَ ھَٿَنِ سين، مادَرِ مُون کي مارِئو دَردَ جي دَلِيلَ، وَرِجِ وِيرَ وَسِيلَ، سُورَنِ ساڙِي آھِيان.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مَ وارِئو، رَھو راتِ ڀَنڀورَ ۾، تان گهَڙِي ھِتِ گهارِئو، مَعذُورِ مَ مارِئو، سِڪِي…[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، آن ڪي گَڏِئا سي، تَنَ ۾ طاقَتَ ناھِ ڪا، اَدا اُنِين ري، سُورُ سَلِتُمِ تي، جيلاھَ…[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ سيئِي، پُنهونءَ پيڪانَ پَڇَنڊِئا، ٻِلَنِ تان ٻيئِي، ويڄَنَئُون ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ پاڻا، لوھُو لِڱَنِ ناھِ ڪِي، سَنڌَ مِڙيئِي ساڻا، دارُونءَ جا داڻا، ڏِنَمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- ڀُلِئو سَڀَ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ ھوتَ نَہ ھَلِئو، شَھَرَ سُڃاتو ڪِينَڪِي، آرِياڻِي اَتورُ، مارِئو تَنِي مورُ، جَنِي، ديکِئو دِلِ سين.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- مارِئو جَي مَعذُورِ، تَہ ھَٿائِين ھورُ لَھي ساڄَنَ آھِنجي سُورِ، ڪِينَ جِيئان ٿِي ڪيچِيا.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- مُنھِنجي حُجَتَ ناھي واٽَ، جِيجَن تَنِ جَتَنِ سين، تازو پيرُ پُنهونءَ جو، لُڙئو مَنجِهہ لُڙاٽ، مارِئو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي، ڪيچِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- جانِبَ اِيئَن نَہ جُڳاءِ، جِيئَن مارِئو موٽِئو نَہ پُڇين، رَتِي رَتُ نَہ سِنجِري، سِڪَ تُنھِنجي ساءِ، اَسان تَوِھِين لاءِ، ٿِي…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڪوٺي ڪُٺائُون، اِنَ پَرِ اَکَڙِيُنِ سين، ماسُ وِراھي ھَلِئا، ڪَرنگهَرُ ڇَڏِيائُون، وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ اِيئَن اُتائُون، کِلي گهايائُون، مُرڪِي…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- وَرَنِ وِيھين ڏِينھَن تي، سامِي سُڃاڻِئو، پاڻُ پَچائِينِ پُورَ ۾، آديسِي آڻِئو، مالَهائُون مارِئو، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جُوءِ جيڏاھِين جوڳِيين، اُنَ مُنھِن اکَڙِيُون، سَڳا سيلا سِڱِيُون، تَنِ سين تُنبَڙِيُون، مُون کي جَنِي مارِئو، اُنِ تي اڳَڙِيُون، اِيندا…[ سُر پورب - جوڳي ]
- سامِي چائِيين سُکَ طَلَبِيين، ھُوندَنِ جِيئَن مَ ھو، توکي ويسَ وِڃايو، ويسُ وِڃايو تو، سامِي آھي سو، جَنھِن مَڙُه پُوري…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- وَٺِئو واٽَ وَڃان ٿِي، لُڇان ٿِي، مُسان ٿِي، خَبَرَ ٻاروچَن جي، ڏُونگَرَ مُون کي ڏي، داڳُ جَنِ جو دِلِ تي،…[ سُر پورب - وايون ]
- اَلابَندِي آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ، ڪَنھِين ڪِينَ ھِمَٿِئو، ڪانَ جهَلِيندو ڪيرُ، سُومَرِينِ سانگِ کَنِئي، ڪِئو اَبِڙي اُٺَ پيرُ، ھو مَھائِي…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- بَغَلَ مَنجِهہ بَندُوقَ، مارِيءَ ميرا ڪَپِڙا، مارِئو مِيرَ مَلُوڪَ، لَتاڙِئو لَڪِ چَڙِهي.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ڏِھاڙِي ڏِنُمِ ڪيتِرا، مارِئو جَنِي موڪَ، گهَرَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، ٿا مارِينِمِ ٿوڪَ، لَڏي وِچان لوڪَ، اُونِهي وِئَڙا اوھَرِي.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ڳَئُون مارِئو گِرِ چَڙِهي، گِرِ چَڙِهئو ڳَئُون کاءِ، ڪيھَرِ پَلاڻِي جي سَھي، تَہ لُنءَ لُنءَ لاکِ وِڪاءِ.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبا سيڻَ وِئا، وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جي، مُون کي مارِئو ماءُ، مَريَمَ طٰهٰ اَنبِياءِ، واسي وَسَ وِئا، مارُوءَ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]