فِراقَ بابت
معنيٰ
وڇوڙي يا جدائيءَ جا دُک سُور، جدائي، وڇوڙو، وِرِههُ، ڦوڙائو، ويراڳُ، بِرههُ، هِجر، فُرقت. پياري سڄڻ کان جدائي، جدائي وارو عرصو.
Separation from a loved object; the pangs of separation
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو، ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ، لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ، جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏِيُون! آئُون مارِي، دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ، جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- نَہ سي تَڙِ خُراڪَ، نَہ وايُون وَڻِجارَنِ جُون، سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻ چِڪِيَمِ چاڪَ، مارِينِهُون فِراقَ، پاڙيچِيُون پِرِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- وَڃان ڪِيئَن وَرِي، ھُوندَ ريءَ چئَي رَھِي رَھان، دُونھِينءَ پاسِ دوسَ جي، ماڳھِين پُئانَ مَرِي، نَہ صُورَتَ نَہ سُونھَن ڪا،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- وَڃو سَڀَ وَرِي، اَئِين جٖي وَرَنِ وارِيُون، ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي، ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڄاڻِي جَي ڄاتومِ، تَہ ڪِ پُوندو فَلَقُ فِراقَ سين، اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتومِ، پوءِ تان ڪو نَہ ڪِيومِ، ڪَشالو…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، مَٿان آيو مَوتُ، مُون واجهائِيندي وَرِھَ پِئا، ھَئَي نَہ گَڏُيِمِ ھوتُ، جيڪُسِ ٿيِندِيَس فوتُ، فَنا…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرِ وَراڪا واڪَ، اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ، پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- دَردَ فِراقَ مِيان پُنهون سائِين، عِشقَ فِراقَ، پُنهون سائِين جيڏِيُون اَلو اَلو مارِي آھِيان، اَدِيُون آرِيچَنِ جي، نِھوڙِيَسِ نِفاقَ، ڏُونگَرُ…[ سُر ديسي - وايون ]
- حُسَينِيءَ جي ھاڪَ، مادَرِ مارِي آھِيان، ڏيھان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڻِڪَنِ چاڪَ، ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، جِمَ پوئيمِ پِرِينءَ سين.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- وِصالان وِچُ پِئو، ڦِرِي آءُ فِراقَ، جي ٿي چِڪئَمِ چاڪَ، پِرِينءَ گَڏِجِي پُورِئا.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ڏِجاھُ ڍَاٽِيءَ ڍولَ کي، سَنِيھو ساري، مُون کي ڦَٽُ فِراقَ جو، مَينڌَرا ماري، اَچين نَہ واري، ڪَرَھو ڪَمِيڻِيءَ تي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، پَرَچُ، مَ وانءُ پَري، وِڌُمِ، ڦَٽُ فِراقَ جو، جِھَتَ جي ذَري، لالَڻَ جي لَطِيفُ چئَي، سُونھائِي…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- ڏُورِ وَڃِئو ڏِينھَن لائي، ڪا مُنھِنجي سوڍي سَمجهائي، جيڏِيُون راڻي کي رَحمُ پَئي، ڇَنا مَنَھَن ماڙِيُون اوڏاھِين اَڏائي، ميڙِ مُنجان…[ سُر راڻو - وايون ]
- تان ڪِي وَٽَنِ آءُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾، وِئو تَنِ نَہ وِسَرِي، لاھوتِيءَ ڪو لاءُ، فَنا ۽ فِراقَ جو، سامِيَنِ…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- فَييَئُون فِڪرَ فِراقَ ۾، آديسِي آھِينِ، سَڳا سيلِها گَبرِيُون، جوڳِي جَلائِينِ، إِنَّ ٱلَّذِينَ فَتَنُواْ ٱلۡمُؤۡمِنِينَ ، سَناسِي ساھِينِ، سَنگَتِ سَنوارِينِ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- مَ لَئُن ڪُونجِي ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ ھِنيين چاڪَ، ڦَٽِيُون جي فِراقَ، سي گهَرِ گهارِيندِيُون ڪيتِرو.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- عُمَرَ اَباڻَنِ کي، چوٿِينءَ چِڪَنِ چاڪَ، مارُئِي مارُوئَڙَنِ جي، فَنا ڪِي فِراقَ، ڪاٺِيارا ڪَذاڪَ، ڪَنھِن ڏُوراڻي ڏيھِ وِئا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- چِڪِي چِڪِئَمِ چاڪَ، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جا، واجهائِيندي وِصالَ کي، فَنا ڪِيَسِ فِراقَ، سيئِي سارِئَمِ سُومَرا، ٿَرِ جَنِي جا ٿاڪَ، مارُوءَ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- اَڄُ پُڻ چِڪِئَمِ چاڪَ، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جا، سُورَنِ اَچِي سُومَرا، اَندَرِ ڪِي اوطاقَ، مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ مُنھِنجا ڪَپِيا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي پَکا سَندَنِ پاڪَ، ڪي ڏِينھَن هِتِ جيڏِيين، ٿي مَلِيرَ چُونڊِي ماڪَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]