فِراقَ جي سنڌي معنيٰ
وڇوڙي يا جدائيءَ جا دُک سُور، جدائي، وڇوڙو، وِرِههُ، ڦوڙائو، ويراڳُ، بِرههُ، هِجر، فُرقت. پياري سڄڻ کان جدائي، جدائي وارو عرصو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Separation from a loved object; the pangs of separation
فِراقَ جا بيتن ۾ حوالا
دَردَ فِراقَ مِيان پُنهون سائِين، عِشقَ فِراقَ،
پُنهون سائِين جيڏِيُون اَلو اَلو مارِي آھِيان،
اَدِيُون آرِيچَنِ جي، نِھوڙِيَسِ نِفاقَ،
ڏُونگَرُ ڏورِئو نَہ ٿِئي، مُون وِلِهِيءَ کان واڪَ.
[ سُر ديسي، وايون، 5 ]
پُنهون سائِين جيڏِيُون اَلو اَلو مارِي آھِيان،
اَدِيُون آرِيچَنِ جي، نِھوڙِيَسِ نِفاقَ،
ڏُونگَرُ ڏورِئو نَہ ٿِئي، مُون وِلِهِيءَ کان واڪَ.
[ سُر ديسي، وايون، 5 ]
يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏِيُون! آئُون مارِي،
دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ،
جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ جِي، آھِ حُسُنَ جِي هاڪَ،
سُرمو سَھِي ڪَرِ اَکِيُنِ جو، خاصُ پِريان جِي خاڪَ،
عَبدِالْلَطِيفُ چي، پِرِين اَسان جو هَميشه حُسناڪَ،
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 11 ]

عاشِقَ زَھَرَ پِياڪَ، وِھُ پَسِي وِھسَنِ گهَڻو،
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]
ڪَڙيۡ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيراڪَ،
لَڳِيءَ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، فَنا ڪِئا فِراقَ،
توڻي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ آھَ نَہ سَلَنِ عامَ کي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 29 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ،
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]
جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 15 ]
وَڃان ڪِيئَن وَرِي، ھُوندَ ريءَ چئَي رَھِي رَھان،
دُونھِينءَ پاسِ دوسَ جي، ماڳھِين پُئانَ مَرِي،
نَہ صُورَتَ نَہ سُونھَن ڪا، ڪِيَسِ چِتَ چَرِي،
وِصالا فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي،
تيلاھِين تَرِي، آئُون مُنھُن ڳِنِهئو موٽِيو وَڃان.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 14 ]

وَڃو سَڀَ وَرِي، اَئِين جٖي وَرَنِ وارِيُون،
ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي،
ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 8 ]
ڦوڙائي فِراقَ جِي، سُڄي ڳالِهہ ڳَرِي،
ٻُنڀان جَنِ ٻَرِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 8 ]
ڄاڻِي جَي ڄاتومِ، تَہ ڪِ پُوندو فَلَقُ فِراقَ سين،
اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتومِ،
پوءِ تان ڪو نَہ ڪِيومِ، ڪَشالو ڪيچَ ڏي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 21 ]
اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتومِ،
پوءِ تان ڪو نَہ ڪِيومِ، ڪَشالو ڪيچَ ڏي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 21 ]
آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، مَٿان آيو مَوتُ،
مُون واجهائِيندي وَرِھَ پِئا، ھَئَي نَہ گَڏُيِمِ ھوتُ،
جيڪُسِ ٿيِندِيَس فوتُ، فَنا ھِنَ فِراقَ ۾.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 9 ]
مُون واجهائِيندي وَرِھَ پِئا، ھَئَي نَہ گَڏُيِمِ ھوتُ،
جيڪُسِ ٿيِندِيَس فوتُ، فَنا ھِنَ فِراقَ ۾.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 9 ]
آڏَ تِراڇا آھُڙا، وِندُرِ وَراڪا واڪَ،
اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،
پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 6 ]
اُجهايَسِ اُٺَنِ جِي، ڦوڙائي فِراقَ،
پُنهون پَرَمَلَ پاڪَ، واحِدَ لَڳِ وريجِ تُون.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 6 ]
حُسَينِيءَ جي ھاڪَ، مادَرِ مارِي آھِيان،
ڏيھان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڻِڪَنِ چاڪَ،
ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، جِمَ پوئيمِ پِرِينءَ سين.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 19 ]
ڏيھان ڏورَڻُ ڏُکَ سين، راتِيان چِڻِڪَنِ چاڪَ،
ڊِڄان ڀَرِ فِراقَ، جِمَ پوئيمِ پِرِينءَ سين.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 19 ]
English Meaning
Separation from a loved object; the pangs of separation