اُڃَ بابت
معنيٰ
پياسَ، تَونس، تِرشنا، تشنگي، عَطِش. ڪيرَ، سِڪ، حُب، اُڪَنڊَ
Thirst.
بيتن ۽ وائين ۾
- جُھ سي اَڱَڻِ آيا، سَرو ڪَندا سُڃَ، سائِي ٿِيندِيَنِ اُڃَ، ھِيءُ پِيتو ھُو آڻِ ڪِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ڪا جَا ڪُنَ ڪَرِينِ، ڀِنِيءَ ڀُڻِ جُهڻِ پاڻَ ۾، آڌِي اُنهِينءَ آبَ کي، اَکِيُون اُڪيرِينِ، توڙي تِڪُون ڏِينِ، تَہ اُڃَ…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون، جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا، ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن کَنڀاتَ، ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ، سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ، جُهوپي…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- جَي سِجهائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي، پِيتائِين پُنُوھَ کي، ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ، اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏِني…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سَسُئِي سَڄِيائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي، سَڄُئِي پيتائِين پُنُوھَ کي، ھَئَي نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ، اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ،…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- مَحَبتَ جَنِ جي مَنَ ۾، تَنِ تِشنَگي تارِ، پِي پِيالو اُڃَ جو، اُڃَ سين اُڃَ اُٿِيارِ، پُنهون پاڻُ پِيارِ، تَہ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ، پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ، جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سَدا سائِرَ سِيرَ ۾ اُنِ کي اَندَرِ لَھي نَہ اُڃَ، پَسَڻُ جو پِرِينءَ جو، سو سَڀائي سُڃَ، تيلاھَن مَرَنِ اُڃَ،…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولي سَسُئِي، اَندَرِ جَنِي اُڃَ، پاڻِي اُڃِئو اُنِ کي.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورَکَ اُڃَ مَرَنِ، ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچِئو تان نَہ لَھَنِ، دَمُ نَہ سُڃاڻَنِ، دانھُون ڪَنِ مُٺَنِ جِيئَن.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڏُکَ لاھِيندا ڏُونگَرَ وو ماءَ، پِرِيَنِ جا مُون کي سَڀَيئِي، ڏاڍِي ذاتِ جَتَنِ جِي، وِئَڙا ڏِيلُ ڏَھِي، جَو پَسان سو…[ سُر آبڙي - وايون ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڳِجُهون ڳارا ڏِينِ، ماري اُڃَ ماندِي ڪِي، جهولا جَهڙَپِينِ، ڦِرئو ڦيرا ڏِينِ، بُکِئا پَکِي بَرَ جا.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو، تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ، لَڳِي…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، لَڳِي اُڃَ اُساٽَ، مَولا اُتِ مِينھَنِ جِي، ڇَپَرَ وِجِهجِ ڇاٽَ، ھَلَنِ سَنگِ سَيِّدُ چئَي، ڪيچِيَنِ جا…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڪِي وارِي ڪِي واٽَ، ڪِي پاھَڻُ ڪِي پيچِرو، ھَلِي ھاڙِھي سامُھِين، لَڳِيَسِ اُڃَ اُساٽَ، ڳوڙَھَنِ ڀَري ڳاٽَ، اَپَرِ آلاپُون ڪَري.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- پَسِي اُڃَ اُساٽَ، ڏُونگَرَ کي ڏارُ پِئو، سَسُئِيءَ جي سُورَنِ جِي، لَڪَ مَٿي لاٽَ، ڇَپَرُ مِڙيوئِي ڇاٽَ، مُنڌَ پارَ ڪَڍي…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- سَرَتِيُون سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين ھَلي، پاڻِي ناھي پَنڌُ گهَڻو، اَڳِئان رائو رُڳي رُڃَ، مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- بُکَ وِڌائُون بَگرِيين، جوڳِي ڪَندا جُڃَ، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِئو پِيَنِ اُڃَ، لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، مَنُ ماري ڪِئو…[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- جَا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا اُڃَ بُکَ آديسيَنِ، روزو رِندَ رَکَنِ، عِيدَ نَہ اوڏا ڪاپَڙِي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- پيرَ پَرِيندي ٺَرِئا، اِيندي لَٿِي اُڃَ، مَنجِهہ وِيَرِي سُڃَ، ڪَرَ لَڌِي رِڻَ اُڪارِيين.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- اوٺِيَنِ ڪارَڻِ اَڄُ، نيڻَ نِھارا مُون ڪِئا، پُنهون ڄامَ پَھُڄُ، تَہ لاھِيُون اُڃَ اَکِيُنِ کي.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- ڏِسِي ڏِسِي آيُون، توءِ تَلاشُون ڪَنِ، ڍايُون نَہ ڍاپَنِ، ڪا جَا اُڃَ اَکِيُنِ کي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- مُون وَرُ گهاري سُڃَ، آئُون ڪِيئَن سَوَڙين سُمَهان، مَرُ اَباڻَنِ سين اُڃَ، کُوءِ شَربَتُ تُنھِنجو سُومَرا.[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- اَرَمَ ھَڏِ نَہ اوڍِيان، پَٽولا پَٽَ چِيرَ، ٻانڌُڻائِي ٻَنِ ڏِيان، اَرغَچَ ۽ عَبِيرَ، مارُوءَ سين ماڻِيان، کَٿِي جِھَڙِي کِيرَ، اَندَرِ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- جهُڙ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ چِيھان چِڪَ، اَندَرُ ٿو اُڃَ مَري، ساھُ اُنِين جِيءَ سِڪَ، پِيان شالَ پَھِيُون ڀَري، تِئان…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ڪَوَنرَ پاڙُون پَتارَ ۾، ڀَؤُنرُ ڀِري ۾ سُڃَ، ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، عَشقَ اِي اُھِڃَ، تَہ پُڻ مَرَنِ اُڃَ، جي پِيو…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]