آرَ بابت
معنيٰ
وهڪري جي چوطرفي تيزي يا ڇِڪَ جا سمنڊ ۾ واءَ ۽ درياءَ ۾ اونهي کڏ سبب ٿئي، جنھن ڪري پاڻيءَ جو وهڪرو ڦيرو کائي هڪ جاءِ تي پيو ڦرندو آهي. درياءَ يا سمنڊ ۾ ڪُن پيدا ڪندڙ.
The strong current of the stream rushing against and washing away the bank. Endearment, coaxing, importunate teasing of a child.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويرَ مَ لاھي ويھُ، مَٿي آرَ اوڙاھَ جي، پَسِي پاڙي وارِيُون، ڪِجِ اَنديشو اِي، ويندو نَہ ڏِسين ڏيھُ پَتَڻِ ھُنَ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ڪالَهہ وَڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جِھازَ، تُنھِنجِي اَڄُ طَرازَ، آھي آرَ اَکِيُنِ ۾.[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- آھين آرَ اَکِيُنِ ۾، ناکُئا ڪِجِ نِگاھَ، وَڏا ٻيڙا ٻوڙِيا، سائِر ڏيئِي ساھَ، مُلاحِظو مَلاحَ، ڪِجِ ڪو اِنِهِيءَ ڪُنَ جو.[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- سِھَ سِيارو پاڻِي پارو، جِتِ جُهڙُ جَهڪَ ۽ جهولَ، مَنَ اَندَرِ ميھارَ جا، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ، جيلان ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تي…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڀَلو ڀَلو ٻانڊَ، لُڙِھين لَهِرِنِ وِچَ ۾، ڪِٿي تُنھِنجِيُون پاڙوُن، ڪِٿي تُنھِنجا پاندَ، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ آڻيِ وِڌُءِ آرَ ۾.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ڪَڙِ ڪَڙِ ڪُنَ مَ وَڄُ، ٻانڌِي ٻوڙِ مَ ٻارِ جا، مُون جَا ميھارَ جِي، ڪِيئَن ڌُئَندِيَسِ ڌَڄُ، توءِ گهِڙندِيَسِ اَڄُ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي آرَ، ڪوڙيِين ڪَرَ کَڻندِيُون، سُڻِي سَڏَ ڌَراڙَ، مينھِيُون ساڻُ ميھارَ، پَرَچِي پارِ لَنگهَندِيُون.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي، ڇَڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙِي، جِتي جِيءَ وِڻاھَ، ڏِسِئو ڏوھَ ڏَڪي ھِينئُون، آرَ مَٿي…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- سِڪَڻَ وارِنِ سُٿِرو، جَي دَھشَتَ سان دَرياھُ، اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ، وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- پَرِينءَ ڀَرِ ڀِيرِين، پَسُ جي پارِ پَوَندِيُون، آڻِئو وِجهي آرَ ۾، وَڏا وَڻَ ويڙِھِين، ميھارُ مُون ميڙيِن، لَهِرِنِ ۾ لَطِيفُ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڀَريُون پَرِينءَ ڀَرِ، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون، آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ، سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ميھارَ جي مَحَبتَ جُون، دِلِ اَندَرِ دونھِيُون، آڻِئو وِجِهي آرَ ۾، لُھارو لُوھِيُون، جٖي ساھَڙَ جُون سُونھِيون، سِيرَ سَراڙو تَنِ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان، صُلِحُ ساھَڙَ جو، اُتِ آڏو اَچي ڪِينَ ڪِي، ٻيلِيَپو ٻي جو، ميھارَ ڪِجِ مُنھِنجو، ڪو…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- تَران لاءِ طَعني، مَٿي وَھَ واڪا ڪِئو، آڻي وِڌِيَسِ آرَ ۾ دَرياھَ ديواني، قَلَمَ جي ڪانِي، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڏاتَرَ ڏاتَرَ ويندِي مُنڌَ ميھارَ ڏي، مَٿي لَھرِنِ ڳاٽُ، نَہ گهَڙي نَہ سُهڻِيءَ، نَڪو ڏوھُ ڪُنڀارَ، گُهرِءَ تُنھِنجي گهيڙيِ، آڻي…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِئا، سائُو صُلحَدارَ، آرَڙَ ۾ اِحسانَ سين، سُوڀا ٿِئا سَردارَ، ھِڪُ ڀائُرَ، ٻِئا ڀائِٽِئا، ٽِئا جانِي جِگرَ يارَ،…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ، آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ، وَھمَ حِيلا…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ھَلَڻُ سَھان نَہ ھوتَ جو، وَڃَڻُ مُون نَہ وَسِ، اللهَ آرِيچَنِ جِي، گولِي ميڙِيين گَسِ، پِرِين پَنوَھارَ پُڇان تو، ڏُونگِريا…[ سُر ڪوھياري - لاچارگي ۽ ساھس ]
- سَسُئِي سِڄُ وِئو، ڏِجِ وَراڪو ويڙِھ ۾، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرِ ڏَسُ پِئو، آرَسُ جَنِ ڪِئو، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- ڏِجِ وَراڪو ويڙِه ۾، سَسُئِي وَڏي سُورِ، آرَسُ جَنِ اَسُورِ، اُٺَ نَہ ٻيلِي اُنِ جا.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- سَسُئِيءَ جي سِرِيءَ سين، ڪيچَ ڌَڻِي ڪانڌِي، لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، آرَياڻِيءَ آندِي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، مُنڌَ ھُئِي ماندِي،…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- سُورُ جَنِ کي سَھجَ جو، تَنِ پُڻي نَہ پارو، ٻارَڻُ ٻارِينِ نَہ باھِ جو، سَڄو سِيارو، آرَڙ اُونَهارو، اُوءِ لُڪَ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو مائي جوڳِيَنِ مُون سين جي ڪِئا، ڪَري مَرِجِ ڪاپَڙِي، گُرَ وَٽِ تُون گَدائِي، اِشارَتُون اُنِ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڪا ڪا ڪَمُ اُٻَھرو، آرَسُ ڪَرِ مَ اِيئَن، جاڳُ پَرِ نَہ زورِ پَئُہ، وانءَ وَھلَو وَسِيئَن سِيئَن، سَنِيھَڙا سَيِّدُ چئَي،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَنئِي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- اَلابَندِي آئِيو، جَنھِن جي ھاٿِيءَ ھَنئي ھاڪَ، ڀَڳا ڏيھَ ڀَيءِ پَئِي، سُڻِي ديمَنِ ڌاڪَ، آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، جي ڪا وَسان…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو، پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي، دوسِتُ نَئائُون…[ سُر ليلا - وايون ]
- نيڻَ نَہ نِنڊُون ڪَنِ، ڀَڳو آرَسُ اَکِيين، اُجهامِئو ٻَرَنِ، توکي سارِئو سُپِرِين.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- ماندِي ٿِيءُ نَہ مارُئِي، وَطَنُ ڪِيمَ وِسارِ، پاهُون وَرُ پَنوهارِ، مَ سَھُہ آرَ عُمَرَ جِي.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- ھَٿين پيرين آرَکين، مُنھِن نَہ مُھاڻِي، اَصلِ ھُئِي اُنَ کي، اَھلَ ڄاماڻِي، سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ بانھَن ۾.[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]