آرَ جي سنڌي معنيٰ
وهڪري جي چوطرفي تيزي يا ڇِڪَ جا سمنڊ ۾ واءَ ۽ درياءَ ۾ اونهي کڏ سبب ٿئي، جنھن ڪري پاڻيءَ جو وهڪرو ڦيرو کائي هڪ جاءِ تي پيو ڦرندو آهي. درياءَ يا سمنڊ ۾ ڪُن پيدا ڪندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The strong current of the stream rushing against and washing away the bank. Endearment, coaxing, importunate teasing of a child.
آرَ جا بيتن ۾ حوالا
ڀَريُون پَرِينءَ ڀَرِ، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون،
آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ،
سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ ڀَڄِي ڪَرِ،
تو ڀانيو آئُون گهَرِ، آھِين آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 9 ]

ويرَ مَ لاھي ويھُ، مَٿي آرَ اوڙاھَ جي،
پَسِي پاڙي وارِيُون، ڪِجِ اَنديشو اِي،
ويندو نَہ ڏِسين ڏيھُ پَتَڻِ ھُنَ پارِ مَڻي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 18 ]

ڪالَهہ وَڌائِين ڪُنَ ۾، جاڏا جُنگَ جَھازَ،
تُنھِنجِي اَڄُ طَرازَ، آھي آرَ اَکِيُنِ ۾.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 4 ]

آھين آرَ اَکِيُنِ ۾، ناکُئا ڪِجِ نِگاھَ،
وَڏا ٻيڙا ٻوڙِيا، سائِرَ ڏيئِي ساھَ،
مُلاحِظو مَلاحَ، ڪِجِ ڪو اِنِهِيءَ ڪُنَ جو.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 5 ]

سِھَ سِيارو پاڻِي پارو، جِتِ جُهڙُ جَهڪَ ۽ جهولَ،
مَنَ اَندَرِ ميھارَ جا، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ،
جيلان ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تي اَڙانگا آرَ تَران.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 18 ]

ڀَلو ڀَلو ٻانڊَ، لُڙِھين لَهِرِنِ وِچَ ۾،
ڪِٿي تُنھِنجِيُون پاڙوُن، ڪِٿي تُنھِنجا پاندَ،
ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ آڻيِ وِڌُءِ آرَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 31 ]

ڪَڙِ ڪَڙِ ڪُنَ مَ وَڄُ، ٻانڌِي ٻوڙِ مَ ٻارِ جا،
مُون تي جَا ميھارَ جِي، ڪِيئَن ڌُئَندِيَسِ ڌَڄُ،
توءِ گهِڙندِيَسِ اَڄُ، جَي اُبَتا آرَ ڪَرِيين.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 33 ]

چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون مَٿي آرَ،
ڪوڙيِين ڪَرَ کَڻندِيُون، سُڻِي سَڏَ ڌَراڙَ،
مينھِيُون ساڻُ ميھارَ، پَرَچِي پارِ لَنگهَندِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 28 ]

ساندَھِ سَڀَ دَرياھُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي،
ڇَڪِي ڇولِيءَ ۾ گِهڙِي، جِتي جِيءَ وِڻاھَ،
ڏِسِئو ڏوھَ ڏَڪي ھِينئُون، آرَ مَٿي اَرواحُ،
جَي توھُ ٿِئي تو ڏانھَن، تَہ وِيرِ وِھِيڻو ناھِ ڪِي.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 1 ]

سِڪَڻَ وارِنِ سُٿِرو، جَي دَھشَتَ سان دَرياھُ،
اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ،
وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون ساھُ،
جِنِ کي حُبَ اُنِهين جِي آھِ، ساھَڙُ ساڻِي تَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 3 ]