آرو جي سنڌي معنيٰ
مرضي، منشا، آرُ، پيارُ، قربُ. حُب، سِڪَ. دِل جو لاڙو. خواهش. لاڏُ، ٻار جو انگل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wish, longing, love, affinity, wish of heart. The nest or eggs on which a hen sits.
آرو جا بيتن ۾ حوالا
اَکَڙِيُنِ آرو، مُونھان پُڇِي نَہ ڪِئو،
وَڃِي اُتي اَڙِيُون، جِتِ چَوَڻَ نَہ چارو،
ھِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَهلِئو وِنجهُلي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 12 ]
وَڃِي اُتي اَڙِيُون، جِتِ چَوَڻَ نَہ چارو،
ھِينئَڙو ويچارو، واٽُون جَهلِئو وِنجهُلي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 12 ]
ڳاڙِھو ئِي ڳاڙِھو، ڪارو پَسَنِ ڪِينَڪِي،
اَکَڙِيُنِ آرو، وَڃِي ڪِئو لاکَ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 39 ]
اَکَڙِيُنِ آرو، وَڃِي ڪِئو لاکَ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 39 ]
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ رَهَنِ،
بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، اَکِيُون رَتُ رُئَنِ،
اوٺِي اَباڻَنِ جا، اللهَ ڪي اَچَنِ،
مُون کي خَبَرَ خَيرَ جِي، سَندِي ڏيھَ ڏِيَنِ،
آرو اَکَڙِيُنِ، آھي عَرَبَ پارَ جو.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 8 ]