آرامُ جي سنڌي معنيٰ
بدن جي آسايش واري حالت. فرحت. سُکُ، آنند، راحت، آسايش. مرض ۾ افاقو. درد ۽ سور لھڻ بعد قرار. اطمينان، چَين، ننڊ. تندرستي، صحت. خوشي. فراغت فرصت، واندڪائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Best, ease, amusement, repose. cure, rest, respose, relief, relaxation, comfort, health.
آرامُ جا بيتن ۾ حوالا
عاشِقَنِ آرامُ، ڪَڏِھِين تان ڪو نَہ ڪِئو،
طَعني ڪِئا تَمامُ، حَبيباڻي ھيڪَڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 2 ]
طَعني ڪِئا تَمامُ، حَبيباڻي ھيڪَڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 2 ]
جَڏائِيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي،
مَنگَلُ مُنھِنجي مَنَ ۾، ٻارِئو ھوتَ حُمامُ،
اَرَڳِ ٿِئو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 1 ]
مَنگَلُ مُنھِنجي مَنَ ۾، ٻارِئو ھوتَ حُمامُ،
اَرَڳِ ٿِئو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 1 ]
ڪيچان آيو قافِلو، ڄامَنِ سَندو ڄامُ،
پَسَندي پُنُوھَ کي، اَکِيُنِ ڪِئو آرامُ،
ناتَرِ چايان نامُ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 18 ]
پَسَندي پُنُوھَ کي، اَکِيُنِ ڪِئو آرامُ،
ناتَرِ چايان نامُ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 18 ]
ڪِھَڙو اَٿِئِي ڪامُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ ۾،
پَسِي تَنھِن پاھَڻَ کي، اَچي نَہ آرامُ،
مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُجهين ڪُھ عَوامُ،
حَرا ڪَرِ حَرامُ، کاءُ تَہ کاھوڙِي ٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 11 ]
پَسِي تَنھِن پاھَڻَ کي، اَچي نَہ آرامُ،
مَتان ڏُونگَرُ ڏورِيين، اُجهين ڪُھ عَوامُ،
حَرا ڪَرِ حَرامُ، کاءُ تَہ کاھوڙِي ٿِيين.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 11 ]
آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي نَہ آرامُ،
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنِي جي تَمامُ،
مُون کي ٿِئو ماتامُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 20 ]
ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنِي جي تَمامُ،
مُون کي ٿِئو ماتامُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 20 ]
رَھِئو ڪَھُ ويٺِي رامُ، رَھَندا ڪِينَ رَضا پَئي،
لَڳِي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، اَچي نَہ آرامُ،
ماتا مُنھِنجو نامُ، ڪوٺِج ڪِنِ ٻِئَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 4 ]
لَڳِي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، اَچي نَہ آرامُ،
ماتا مُنھِنجو نامُ، ڪوٺِج ڪِنِ ٻِئَنِ کي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 4 ]
پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي گامُ،
تَنِ ويھِي ڪِئو نَہ وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ،
گُرُوءَ سَندي گَسَ ۾، ڪِئائُون تَنَ تَمامُ،
راھَ ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 19 ]
تَنِ ويھِي ڪِئو نَہ وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ،
گُرُوءَ سَندي گَسَ ۾، ڪِئائُون تَنَ تَمامُ،
راھَ ۾ گَڏِيُنِ رامُ، پَنڌان ڇُٽا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 19 ]
شينَئُون شَرِيعَتَ جا، تابِعَ ٿِئا تَمامُ،
تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ،
ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ، آھي تَنِ آرامُ،
جَنَتَ پِيتائُون جامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 13 ]

عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو،
حُسُنُ پَسِئو حَقَ جو، خامِي ڀانئِين خامُ،
اَچي ٿِئا اِسلامُ، ڪُفرُ ڪافِرُ پاڻَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 22 ]