پَئي بابت
معنيٰ
مٿان اچي، پئجي، ڇائنجي.
To fall, tumble, to lie down, to occur, befall, happen, enter upon, penetrate.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي تَتو تَنُ تَنُورَ جِيئَن، تَہ ڇَنڊي ساڻُ ڇَماءِ، آڻي آڳِ اَدَبَ سين، ٻاري جانِ جَلاءِ، بُرقَعان اَندَرِ بازِيُون، پَنھِنجُون…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪَرِ، لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي، دوسِتَنِ اَڳِيان ڌَرِ، عِشقُ نانگُ اَپَرِ، خَبَرَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪُڏِي پَئُہ ڪاھي، ڇَڏِ سانگو اَرواحَ جو، لاھُوتِي لاھي، عِشقُ نانگُ آھي، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪِي جو آھي رَنگُ، ڪوڙيِين وِئا ڪيتِرا، نِينھَن نِباھي نَنگُ، عِشقُ نانگُ نِسَنگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو ڪَرِ مَ سانگُ، سُورِيءَ سُپَيرِيَن جي، چَڙُه ٿِيين چانگُ، عِشقُ آھي نانگُ، خَبَرَ کاڌَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- چُوندَلَ چَڱا نَہ ٿِئا، کَمَندَنِ گهَرِ کيِن، ھَٿِ نَہ اَچي ڪِينَ، ويڻَنِئُون ويڌُ پَئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- چَڱا چَنڊَ چَئيجِ، سَنِيھا کي سَڄَڻين، اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ، جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- وَکَرُ سو وِھاءِ، جو ھِتِ کَٽي ھُتِ سَھانگو، ويچيندي ولائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ، سامُونڊِي سَندِياءِ، شَلَ ماٽِيءَ پَئي…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ڳَورا ٻَئِي پارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو، وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ، وَڃان تَہ واڪو پَئي،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڏيئِي ريجُ رائُڪَ کي، ڪِيائين لُوتِڙيءَ تي لَلَ، ڏَلهي ڇَڏِيائِين ڏَڙَه کي، پَئي ڀَريائِين پَلَ، آندِي آبَ اُڇَلَ، موڪَلَ ٿِي…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾، جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو، ميڙو ٿِيندو…[ سُر سارنگ - وايون ]
- سَڳَرُ جَو سَنئُون، سو مُون آڇِيو جيڏِيُون، پَئي پُراڻو نَہ ٿِئي، اَڃا نِينھُن نَئُون، تَہ مُون ڏِينھُن سَنئُون، جَي ٻِيھَرَ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي، پيرُ مَ ڇَڏِجِ پِرينءَ جو، توڻي لَڪِيُنِ لَکَ، ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تَہ پَئي ٻاجَهہ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ھيڪَرَ ھُئَڻُ وِڃاءِ، تَہ ويجهِي ٿِيين وِصالَ کي، وَاذْڪُر رَّبَّڪَ فِي نَفْسِڪَ ، پَھِي اِيءَ پِڃاءِ، لالَڻَ کي لِيلاءِ، تَہ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڪُتا کينَئِي ڪيچَ جا، سَندا جٖي پُنهونءَ، اَگھِين ھُوندَ اَسُونھَن، جٖي جانارَنِ يادِ پَئين.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- وائِي واري وِنگُڙِي، ٻولِي ٻِي نَہ ڪَھَنِ، اللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پَئي نَہ مامِرو.[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڇَپَرِ ڇُلِي جَي، مَرين مُنڌَ مارَڳَ ۾، قَدُرُ ڪيچِيَنِ کي، پَئي تُنھِنجي پَنڌَ جو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ھئَي ھئَي جي نَہ ھُئِي، تَہ جيڪَرَ جِيءُ جَلِي وِئو، پَئي ڪَرٽُ ڪاٺَ ۾، ڪَڍي رُڪُ رَئِي، سَندِي دَردَ دَئِي،…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- مَرُ تَہ آئين مَڱڻا، مامَ پَرُوڙِي مُون، جيڪا ڳاھَ ڳالَهائِيين، سا سَمجِهيسُون، تَنھِن تي تُسجِ تُون، جيڪِي پَئي پَٽَ ۾.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جَڏھِن پَئي يادِ، صُحبَتَ سُپَيرِيَن جِي، فَرِيادُون فَرِيادِ، ناگَھِ وَڃَنِ نِڱَئِو.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- يارُ سَڏائي سَڀَڪو، جانِي زَبانِي، آھي آسانِي ڪَمَ پَئي ڪَلَ پَوي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- سِڪي ھِنيُون سَڌَ مَري، راڻي جِيءَ رِھاڻِ، موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ، تان مُون پَئي نَہ ڪاڻِ، صَباح وِچِ سَرَتِيين.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- ڏُورِ وَڃِئو ڏِينھَن لائي، ڪا مُنھِنجي سوڍي سَمجهائي، جيڏِيُون راڻي کي رَحمُ پَئي، ڇَنا مَنَھَن ماڙِيُون اوڏاھِين اَڏائي، ميڙِ مُنجان…[ سُر راڻو - وايون ]
- سُونھَپَ ۾ سَپَ گَهڻا، مُنجَهڻُ ماکِي ھوءِ، پَرو تَنھِين پوءِ، جو اُجِهي پَئي اُنَ تان.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- رَھِئو ڪَھُ ويٺِي رامُ، رَھَندا ڪِينَ رَضا پَئي، لَڳِي لَنئُن لَطِيفُ چئَي، اَچي نَہ آرامُ، ماتا مُنھِنجو نامُ، ڪوٺِج ڪِنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ڪَري ڪانگَ ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ، آئُون جٖي ڏيِين سَنِيھَڙا، وِچِ مَ وِساريج، لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڳُجهو ڳالَهائيجِ، چُئان…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪا ڪا ڪَمُ اُٻَھرو، آرَسُ ڪَرِ مَ اِيئَن، جاڳُ پَرِ نَہ زورِ پَئُہ، وانءَ وَھلَو وَسِيئَن سِيئَن، سَنِيھَڙا سَيِّدُ چئَي،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- لِيلان جِمَ لَکائِيين، سُوڀِي ساڻُ سُڄاڻِ، آھِين گهَڻو اَڄاڻِ، مَڇُڻ پُوري نَہ پَئين.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- وارِيءَ جِيئَن ويئِي، لَڄَ مُنھِنجِي لوڪَ ۾، جِيئَن اَٽَو پَئي پاڻِيءَ ۾، پَگهرِ جِي پيئِي، مَٿي ھَٿُ ڏيئِي، ڪانڌَ نَہ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- پَل پَل ٿِي پَليانسِ، پَلَڪُ نَہ رَھي پِرِينءَ ري، جَنھِن جهورِيءَ کان جَهلِيانسِ، جِهڄِئو تَنھِن جهوريءَ پَئي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- ڪِي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽِيءَ پائي مَنِئو، تَنھِين مان تِرَ جيتَرِي، جي پَئي خَبَرَ کَرَنِ، ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اَڱَڻِ…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- چَشا چائُرَ چُورِما، قِيمو قَليو اَنُ، جيڪِي آڇي سُومَرو، سو مُورِ نَہ باسي مَنُ، پوئِينءَ راتِ پِڙِ پَئي، جَي مُون…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]