مِڙيوئِي بابت
معنيٰ
مڙئي. مڙيئي.
All, all to all.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڃا ٻُوۡرُ ٻِھاڻُ، ڌَڻِيَنِ ھَٿِ ڪِئو، سازُ مِڙيوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پاڪُ پَلاڻُ، پِرِين چَڙھَندو پاڻُ، والِي ٿِيندو وَڳَ جو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- لَھَرِ مِڙيوئِي لالُ، وِھَڻُ کَٿُورِيان وِتَرو، اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ، ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- اوراڙِ نَہ پَراڙِ، ويچارِي وَھَ وِچَ ۾، سُڪِيءَ ڏَنِيءَ سُپِرِين، ٻِئو مِڙيوئِي تارِ، تُون گِهڙُ ڪِيمَ نِھارِ، ٻُڏَندَنِ سين ٻاجُهون…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- سَختِي شَھادَتَ جِي، مِڙيوئِي مَلارُ، ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ، ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- سَختِي شَھادَتَ جِي، مَلارُ مِڙيوئِي، ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي، ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- قَضِيو ڪَربَلا جو، مِڙيوئِي مَلارُ، ڳالِهہ سَڄِيائِي ڳُجَهہ جِي، اِلاھِي اِسرارُ، مَولو ٿِئو مُختِيارُ، پَنھِنجَنِ جُون پَرَکُون لَھي.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو، اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ، طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ، رَسِئو سُورُ شَبانَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪِرا، لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ، رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- کُھِي جَا کَنيائِين، تَنھِين وِکَ ويجهِي ڪِي، ڇِڪي ڇِنائِين، پَنڌُ مِڙيوئِي پَٻَ جو.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- پَنڌُ مِڙيوئِي پاڻَ تي، ويچارِيءَ وِڌو، ڏِيلُ تَنھِن جو ڏُکَ سين، سَڀوئِي سِڌو، ھُئَڙُسِ اَڳَ لِڌو، پوءِ ٿِي ڪَري پَنڌَڙا.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو، ھُورُ مِڙيوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونِهي ھورُ، زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَہ حَبِيبَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- مَرِدَ جَنھِن ماتُ ڪِئا، سَسُئِي لَنگِهئو سو، جَبَلُ وَڏو جو، نُوڻِ مِڙيوئِي نِينھَن کي.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- پَسِي اُڃَ اُساٽَ، ڏُونگَرَ کي ڏارُ پِئو، سَسُئِيءَ جي سُورَنِ جِي، لَڪَ مَٿي لاٽَ، ڇَپَرُ مِڙيوئِي ڇاٽَ، مُنڌَ پارَ ڪَڍي…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڪِھَڙي آندين سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، اوٺِيَنِ اُٺَ پَلاڻِئا، تاڻي ٻَڌائُون تانگَ، جِيءَ جَڙَھُيَمِ جَنِ سين، سي پِرِين ٿِئا پاَسانگَ،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ھوتُ نَہ مَٽِيان ماءَ، ٻِئو مالُ مِڙيوئِي مَٽِيان، جَنھِين جيءَ ساڃاءِ، رِڙھان ٿِي رَندَنِ ۾.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- وَڍِ سِرُ ٿِيءُ سَرَھو، مَ ڪِي آءُ مَ ڳاءُ، جاجِڪَ تو مَٿان، مُلڪُ مِڙيوئِي گهورِيان.[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ، مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ، ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، سوڍو سَڀَنِي سُونھَن، لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان، دِلِيَن دُونھَن، ڪانِهي ٻِي وِرُونھَن، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، ڪو سوڍا ٻِئا سُڄاڻَ، نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ، ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪاڪِ ڇَڏِيائُون ڪُنڊَ ۾، پاڻان وِئا پَئِي، لوڌِيَڙَنِ لَطِيفُ چئَي، سوڍو ڪِئو سَھِي، مُومَلَ ماڳِ رَھِي، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ، گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ، راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ، چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ، سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- گامُ مِڙيوئِي گوجَرِيين، مَنجِهہ رَٺُڙِيُون رَھَنِ، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ، سامُهُون وَڃُ مَ تَنِ، اَڳِئان راڻا…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- مَينڌَرا مُون کي، راڻا جِمَ وِساري ڇَڏِيين، مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي، راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين…[ سُر راڻو - وايون ]
- سامِيَنِ سِڱُ ڪُلَهنِ تي، سِڱُ مِڙيوئِي سُورُ، ڪَھَندا وِئا ڪابُولَ ڏي، ڪو جو پَيَڙُنِ پُورُ، مَڙِهيءَ جو مَذڪُورُ، ڪالَهہ ڪَندا…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- اَسُکُ جَنِ اَويرَ، سي سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي آڌِيءَ ڏِينِ اُليرَ، اُٿِئو لوڪُ پَسي پَٽِ پِئا، سامِي مَٿي…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- نَظَرُ اَکَڙِيُنِ، وَڃِي پِئو لاکَ تي، ڪارو ڪِينَ پَسَنِ، مِڙيوئِي ڳاڙِھو ٿِئو.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- کَٿِيءَ ۾ خِلافُ، رَھي نَہ رَتِيءَ جيتَرو، لَٿو لوئِڙيارِيين، گُوندَرَ جو غِلافُ، ميرائي لاٿا مارُوئين، سَڀَ اوڍِئائُون صافُ، مَلِيرُ مِڙيوئِي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پَينامُ، اُنِين کي اِنعامُ، مَڃَرُ مِڙيوئِي ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- تَختُ بَختُ تَماچِي، سَڀَ نُورِيءَ کي نَمَنِ، لِڪِئو لِياڪا پايا، سارِي راتِ سَمِيُنِ، ٻايُون راڻِيُون دايُون، تَنھِن جا پيرَ چُمَنِ،…[ سُر ڪاموڏ - مِڙيوئي معاف ]