سَڏُ بابت
معنيٰ
ڳالهاءُ، گفتو، ڪوٺ، دعوت، ٻڌاڻو، نِينڍَ، سيھَندَ، ڪانڍَ. طلب، پُڪار. آواز، پرلاءُ، واڪو، رڙ، ڪُوڪ، دانھن، نعرو.
Call, calling, snout, bawl.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَھين، ھُئا اَڳھَيِن گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَہ ٿِئا.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا ھَلَندِي جيڏِيُون، وَڃَڻُ تَنِ پِئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي، اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري، سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- حَبِيبَنِ ھيڪارَ، مَنجهان مِھرَ سَڏُ ڪِئو، سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- سَڀَڪا پِريان ڪُون پُوڄي، نِينھُن نيڻين ڳُڻُ ڳالِهہ وو. جَا چِتايَمِ چِتَ ۾، سَڄَڻُ سا ٿو ٻُجهي. لاتِ جَا لَطِيفَ…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- اَگَهنِ مِڙِي اَڄُ، ڪِئو سَڏُ صِحَتَ کي، ڏُورِ ڏُکَندا ڀَڄُ، مِھرِيءَ مُنھُن ڏيکارِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ٻُڏِين تان ٻُڏُ، سُڪي جِي سانباھَ ۾، ڪَکَ ڪانڊيراَ ڪاٺِيُون، ميڙي ٻَڌُ مَ مَڏُ، نَڪو ساھَڙَ سَڏُ، نَہ ڪا سُڄي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- سُڪي ھُئَڙا گَڏُ، ٻانڊَ مِڙيئِي ٻيٽَ ۾، جَڏھِن ساوَڻَ ٿِيُنِ سَڏُ، لُڙِھِيُ لَهِوارا ٿِئا.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾، کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ، آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- سَسُئِيءَ کي سَڏُ ٿِئو، اَسان اولاڻو، پَنڌُ نَہ پِڃاڻو، اَڻَ ڪوٺِي ڪانَ ڪَري.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- چَونِمِ مَرُ چَرِي ٿِي، پَرَ جي سَڏُ سُڻِينِ، مَرُ مُونھِين کي ڏِينِ، ماڻُهو اَچِئو ميھَڻا.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو، حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ، ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- آئُون جَي ھُيَسِ ھَڏُ، اَدِيُون آرِيچَنِ جو، ساٿِ لَڏيِندي سَڏُ، مانَ ڪوھِيارا ڪَرِينِ مُون.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ڪِ ڪي کاھوڙِي، ڇَپَرَ ۾ سَڏُ ٿِئو، اَڳي ٿِي سُئِي، اُنِهين سَندِي ڳالِهڙِي.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- چُڻي نَہ ٻِئَنِ گَڏُ، وَڏي وَڳَرَ ھيرُئِين، ڪُونجَ ڪَرِيندي سَڏُ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- اُٿِي وَرَ اوناءِ، دانھُون دَمبُورَنِ جُون، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي، لَنگها تُون لِيلاءِ، جوڙِ تَندُون ڪَرِ جاءِ، مَتان سَٻَڙَ جو…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- اُٿِئو اَٻوجها، سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿِئو، جِيئَن اَئِين ڪِيرَتِ ڪَٽُ نَہ سِکِئا، تِيئَن پاڻان رِيڌو راءُ، مَڱو مُون مُلا، آئُون…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون ڏاتَرُ آئُون ڏَڏُ، سُڻِي تُنھِنجو سَڏُ، ڪُلهي پاتُمِ ڪِينِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڏَڏُ وَڏو ڏَڏُ، پاڻُ ڪوٺائي مَڱِڻو، نَہ ڪَنھِن نِيو پاڻَ سين، نَہ ڪَنھِن ڪِئو گَڏُ، سَٻَڙَ ڪَري سَڏُ، کَڻِي ڏَڏُ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- وَڏَڙا ڏانَ ڏِنائِين، کَنيائِين رَختُ ريزالَنِ جو، ڏاتِيُوم ڏي ڏَڏَنِ کي، سونُ سَراھِيُون سائِين، اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- جَو ڏيھَ ڏاڏاڻا آيو، ڏِنُمِ تَنھِن طَعنو، پائي ويھُ مَ پَلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو، مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئَي، کاءُ مَ…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]