وَڳَ بابت
معنيٰ
ولر، گَلو، قطار، ٽولا، ڌڻ . جانورن خاص ڪري اُٺن جا ميڙ، مجموعا.
Herds of cattle or camels.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِيني سَنگهَرَ سونَ جِي، ڳِچِيءَ روپِي ڳَٽِ، ڏاوَڻَ ڏانِئِيو نَہ رَھي وِھي نَہ وَڳَنِ وَٽِ، اِھَڙو لِيڙو لَٽِ، جَو ڪُجوئِئان…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڪَنھِن ڀِنڀُولِيين ڪَرَھا، ڪَنِي ڪامَڻ ڪِياءِ، اَکِيُنِ مَٿي اَکِيا، پِڙَ ۾ پيرَ ڳَٺاءِ، وَڳَ ڪِ وِسَرِياءِ، ٻَڌو جِيئَن گَهاڻي وَھين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- نَہ ڪَنھِن ڀِنڀُولِئو ڪَرَھو، نَہ ڪَنھِن ڪامَڻ ڪِئاسِ، اَکِيُنِ مَٿي اَکيا، پِڙَ ۾ پيرَ گَٺاسِ، وَڳَ نَہ وِسَرِياسِ، ڪَرَھي لِڌو…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- وِئا سي وَڳَ وَھِي، ڪَرَھي قُربُ جَنِ سين، اُنِهان پوءِ رَھِي، چانگي چِنُو ڪِينَ ڪِي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري، ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ، جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ لاڻُو، مَيي کي مَجازَ جو، ٿُوھي ۾ ٿاڻُو، ڀَٽاري ڀاڻُو، مَرَندي سِينءَ نَہ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اُٺَ نَہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نَہ چانگو، لَگيَس نائُڪَ نِينھَن جِي، نِھوڙِئو نانگو، ڇڏِئو سِرَ سانگو، رِڙھي رَندِ پِرِيَنِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اَڃا ٻُوۡرُ ٻِھاڻُ، ڌَڻِيَنِ ھَٿِ ڪِئو، سازُ مِڙيوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پاڪُ پَلاڻُ، پِرِين چَڙھَندو پاڻُ، والِي ٿِيندو وَڳَ جو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اُسَ مَ لَڳي اوٺِيين، ليڙان لَڳُ مَ لُڪَ، اللهَ آرِيچَنِ جي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ، جَتَ جَهجها ۾ جَڳَ، مُنھِنجِي…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- تان مُون ڀينَرُ ڀَئي ناھِ ڪا، جان آرِياڻِي اَڳَ، ڪوسو ڪوھِيارَلَ جي، واءُ مَ لَڳي وَڳَ، ٻِئا پُڻِ جَتَنِ جَڳَ،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڇِڄُ مَ قَطاران، ساٿُ چَڙَھَندو لَڪِيين، مَڇُڻ ٿِيين پُئان، وَڳَ وائُوٺي نَہ لَھين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- جِئان واري وَڳَ، اوٺِي ٿِئا ڇُلَنگِيين، مَٿي تَنھِن مارَڳَ، پَئِي پُرزا نَہ ٿِيين.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪَرَھا ڪاڪِ چَري، وَنءُ وَڻانئُون نِڪِري، لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، آيو ڪو نَہ وَرِي، گَهڻا اِتِ گِهڙِي، وَڳَ وِساري ھَلِئا.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- وَڳَرَ اُڪِيري، سَرُ سارِئو سُورَ چَري، جُهري جِهڄَندي ڏي، سَنِيھا کي سَڄَڻين.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- وَڳَرَ وِساري، ويٺِيئَن ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ڪِ تو نَہ ماري، رُڻِ جُهڻِ سَندِي سَڄَڻين.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- وَڳَرَ وِئا وَھِي، ڪالَهہ تُنھِنجا ڪُونجَڙِي، ڪَندِينءَ ڪوھُ رَھِي، سَرَ ۾ سُپَيرِيَن ري.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- وَڳَرَ ۾ وائِي، ڪالَهہ، تُنھِنجِي ڪُونجَڙيِ، سَرَ ۾ سارِينَئِي گهَڻو، ڀينَرُ ۽ ڀائِي، پَسين نَہ ڦاھِي، جا مارِيءَ سَندي مَنَ…[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- وَڳَرَ وِچائِين، بازَ جهوري ڪُونجَهڙِي، ٻَچَن اِيئَن ڀانئِين، تَہ آيَلِ اِيندِي واھِري.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- وَڳَرَ ڪِئو وَتَنِ، پِرتِ نَہ ڇِنَنِ پاڻَ ۾، پَسو پَکِيَڙَنِ، ماڻُهنِئان ميٺُ گهَڻو.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- چُڻي نَہ ٻِئَنِ گَڏُ، وَڏي وَڳَرَ ھيرُئِين، ڪُونجَ ڪَرِيندي سَڏُ، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ڪُونجَ نَہ پَسين ڪَکَ، ڍَٻُ جَنِي سين ڍَڪِئو، ماريءَ ماري لَکَ،وَڳَرَ سَڀَ ويڇُون ڪِئا.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ڪُونجَ نَہ لَکِيُئِي ٻاڻَ،جو مارِيءَ سَندي مَنَ ۾، اوچِتي پَرياڻَ، وَڳَرَ ھَڻِي ويڇُون ڪِئا.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- جهوڪُون نَہ جُهڻِڪَنِ، وَڳَ نَہ پَسان وَٽِ ۾، آيَلِ سَنگهارَنِ، جيُڪُسِ چِٽاڻُو چِتِ ڪِئو.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- مَنڌِيءَ مَٽَ گُڙَنِ، وَڳَ نَہ پَسان وَٽِ ۾، آيَلِ سَنگهارَنِ، جيڪُسِ چِٽاڻُو چِتِ ڪِئو.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- رَڙي ريٻارِڻِ روءِ، اُڀِي ڍَنگهَرَ ڍارَ، وَڃَنِ اَڄُ وَڳَ ھَڻِئو، سُئِم جي سُوارَ، ڪاڇي ٻِنِهِي پارَ، ڌاڪو ھِنِ جو دِسِيين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- وَڳَ نَہ وارِئائُون، چارِيءَ جو چَيو ڪَري، تَڏِھِين سارِئائُون، جَڏَھِين ھَيِنِ جو ھُلُ ٿِئو.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- وَڳَ مَ وِساريجِ، ھاڻُو ٿو ھُلي، مَٿي ڀُڄَ ڀُلي، لاکو لوڙائُنِ سين.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- والِي وَڳَ مَ ڍارِ، ھِنَ پَرائي ديسَ ۾، چِيھو چِلَڙُ چِڪَ ٿِي، وَڳَ اِتائِين وارِ، ڏِئُمِ ڪالَهہ پَرارِ، لاکو لوڙائُنِ…[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- جاءِ نَہ سڄو ڏِينھُن، ھِنيُون اوٺي وَڳَ جِيئَن، مُون پِريان سين نِينھُن، ڇِنَڻَ ڪارَڻِ نَہ ڪِئو.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- اوڏا جانۡ ھُئا، تانۡ ٿِي نِتُ نِياپا آيا، مارُوئَڙا مَلِيرَ ڏي، واري وَڳَ وِئا، تَنِي ڏُونھِن ڪِئا، ڏيئِي ڏوراپا چائِيان.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ويڙِھِيين وَڳَ وارِينِ، ڇَڇين ڇيڪارِئو ڇيلِڙا، پَٽين پَھِرائِينِ، نيڻَ مُنھِنجا اُنِ کي، جَهجهو جَرُ ھارِينِ، تاڙا…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- ڪَنھِن ڪَنھِن ڪارِيءَ ذاتِ کي، مورَ پِہ مَٽائِينِ، جي چَتُرِئا چَڱِي ڪَري، تَہ وَڳَ وَرائي ڏِينِ، ساٿَ سَمُورا نِينِ، جي…[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]