ويلَ بابت
معنيٰ
وقت، وير، ٽاڻو، مھل، موقعو، ڪجهہ وقت، پَلُ، ساعت، کِن، دم، گهڙي. فُرصت، واندڪائي، وارکائي.
Time, delay, a length.
بيتن ۽ وائين ۾
- رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ، سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- عاشِقَنِ اللهَ جِي، سَدا وائِي واتِ، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، تَنَ ۾ اِھا تاتِ، اُنھِيِن کان ڪَنھِن ساعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- جيڏِيُون ھِيءُ ضَرُورُ، آيَلِ ڪِيئَن رَھَندو پِرِينءَ ري، سَگهو ساٿَ نَہ جِندَڙو، چارَئِي پَھَرَ چُورُ، مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ساجَنَ…[ سُر کنڀات - وايون ]
- پانڌِي پِرِيَنِ جو، اِي آئُون مان نَڪو پَسان، ڀينَرُ ڀِريِ اُسَھو، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ اَسان، مُندائِتي مِينھَن جِيئَن، ويلو ويلَ ٿِي…[ سُر سھڻي - وايون ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جي، ڀَري ڪِئائِين ڀَرَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪِوڏاَن کَڻي ڪَرَ، مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا چَرَنِ ٿَرَ، وَڏِيءَ ويلَ آيُون،…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- جاران جَتُ ڏِٺومِ، عَينَنِ سين آمِينَ اَلا، سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ، اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ، سَرَھو…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- جَڏَھانڪَرَ ٿَئامِ، ساڃَھِ سُپَيرِيَن سين، تَڏَھانڪُون تِرَ جيتَرو، ويلَ نَہ وِسرِئامِ، اَندَرِ رُوحَ رَھِئامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو، حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ، ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- شَبان شَب ساٿَ پَلاڻِئو، لِکَ نَہ جاڳِيئَن لَيلَ، نِماڻِيءَ کي نَومَ جا، نيڻين پِيَڙا نيلَ، ھئَي ھئَي ھَبسايُون ڪَرِيين، اَزدَرِ…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- جانۡ جِيئَين تانۡ جَلُ، ڪانِهي جاءِ جَلَڻَ ري، ٿَڌِي تَتِيءَ ھَلُ، ڪانِهي ويلَ وِھَڻَ جِي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- سُورَ مَ مَٽِجِ ساءُ، آئُون نِوَڪِڻِي آھِيان، وَڃُ مَ ويلَ ڪَنھِن، وِرِھَ مُون وَٽان، تُون پُڻ تَڏِھِين جا، جَڏھِن ٿِيان…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڇُلَندِيَسِ سَڀَ ڇَپَرُ، پُٺِيءَ پيرِ پُنهونءَ جي، سيڻَنِ لاءِ سَفَرُ، وَڻِيَمِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ساجَنَ سِپاھِي، آئُون اَوَھانجو آھِيان، اَچان ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، وَڃان واجهائِي، لالَڻَ تو لائِي کيڪارِئُمِ کَرَنِ کي.[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- ڪَتِيُون ڪَپارِ آيُون، ٽيڙُو اُڀا ٽيئي، راڻو راتِ نَہ آيو، ويلَ ٽَرِي ويئئِي، کُوءِ سا کاڻِي راتِڙِي، پِريان ريءَ پيئِي،…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- وارو ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ، قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لالائي لَھيجِ، پَيرَتِ پَسِئو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيجِ، راتو ڏِينھَن…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- واڄَٽَ ويراڳِيَنِ جا، مُون وَٽِ وَڏِي وَٿُ، سونُ سَڀوئِي سِڱيُون، پَسِي ڪِينَ مَ ڪَٿُ، ويساھي ويلَ ڪَھِين، پُورَڀِ ويندو پَٿُ،…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ذالَئُون ذِڪِرُ رَبَ جو، ويلَ نَہ وِسارينِ، سَناسِي سُبحانَ کي، سَدائِين سارِينِ، تَسبِيحَ جي تَرارِ سين، مُلحِدَ کي مارِينِ، جَزَآؤُهُمْ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- لاکو لوءِ بَہ لوءِ، وِڙِھي ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، ڪَرڳَلُ مَٿي ڪَڇَڙي، پِرھَ ڦُٽِيءَ پوءِ، ھَئَي تَنِ کي ھوءِ، جَنِ اَڻَ…[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ھيٺِ، سونارِيُون سَرِ ڪِئو، ڀيڙِئو ٻَڌي بيٺِ، ڏَمَرُ ڪندو ڏيٺِ، صُبحَ ويلَ سَڀَ ڪَنھِين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو جُهلَ، ھُئا جٖي اَمُلَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪُلَ سُڃاتو ڪِينَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو زِينَ، ھُئا جٖي اَمِينَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ٺاھِينِ مَڏَ، پاڻِيءَ ويلَ پَنوھارِيُون، سَرَتِيُون ڪَنِ سَڏَ، ھِتي مُنھِنجا ھَڏَ، رُوحُ پَنھِنجي راڄَ ۾.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ رَهِئامِ، بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ، ويڙِهِيچا وُجُودَ مان، ڪَنھِن ويلَ نَہ وِسَرِئامِ،…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ سَندامِ، بَندَ ۾ بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ، عُمَرَ اَباَڻَنِ کي، ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ويڙِهيچا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ، سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو، ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ، اُڀِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- ھارِئا ھَنجَ ٻَگهَنِ سين، ڪِھَڙِي ٻَڌين ٻيلَ، ميرو مَٽائي تُون، اَڇي ڪَرِ اُڪيلَ، ڪَنگَنِ سين ڪويلَ، لَلا جِمَ لُڙُ پِيين.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]