ويلَ جي سنڌي معنيٰ
وقت، وير، ٽاڻو، مھل، موقعو، ڪجهہ وقت، پَلُ، ساعت، کِن، دم، گهڙي. فُرصت، واندڪائي، وارکائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Time, delay, a length.
ويلَ جا بيتن ۾ حوالا
رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَ ڪَنھِن،
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 6 ]
لُڇَنِ ڪُڇَنِ نَہ ٻِئو، جانِبَ ريءَ جَوابُ،
سو سَڌِيدُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جَنھِن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 6 ]
عاشِقَنِ اللهَ جِي، سَدا وائِي واتِ،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، تَنَ ۾ اِھا تاتِ،
اُنھِيِن کان ڪَنھِن ساعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ وِسَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 4 ]
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، تَنَ ۾ اِھا تاتِ،
اُنھِيِن کان ڪَنھِن ساعَتِ، سَڄَڻُ ويلَ نَہ وِسَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 4 ]
جيڏِيُون ھِيءُ ضَرُورُ، آيَلِ ڪِيئَن رَھَندو پِرِينءَ ري،
سَگهو ساٿَ نَہ جِندَڙو، چارَئِي پَھَرَ چُورُ،
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ساجَنَ تُنھِنجو سُورُ،
پيرين آئُون نَہ پُڄِڻي، ڏيھُ پِريان جو ڏُورِ،
وَڃي ويلَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِينئَڙو پِرِينءَ حُضورُ.
[ سُر کنڀات، وايون، 7 ]

پانڌِي پِرِيَنِ جو، اِي آئُون مان نَڪو پَسان،
ڀينَرُ ڀِريِ اُسَھو، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ اَسان،
مُندائِتي مِينھَن جِيئَن، ويلو ويلَ ٿِي وَسان.
[ سُر سھڻي، وايون، 5 ]
ڀينَرُ ڀِريِ اُسَھو، ڏُونگَرُ ڏورَڻُ اَسان،
مُندائِتي مِينھَن جِيئَن، ويلو ويلَ ٿِي وَسان.
[ سُر سھڻي، وايون، 5 ]
موٽِي مانڊاڻَنِ جي، ڀَري ڪِئائِين ڀَرَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪِوڏاَن کَڻي ڪَرَ،
مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا چَرَنِ ٿَرَ،
وَڏِيءَ ويلَ آيُون، پُٺِيءَ لائي ڦَرَ،
ساڙِھي اَچَنِ سامُهِيُون، ڏِينِ کِيرَ سُٻَرَ،
ساڻُ وانڊِنِ وَرَ، پِرِين پَرَچَنِ ڪَڏِھِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 2 ]

جاران جَتُ ڏِٺومِ، عَينَنِ سين آمِينَ اَلا،
سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ،
اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ،
سَرَھو ساھُ ٿِيومِ، اَچَڻَ ويلَ عَجِيبَ جي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 10 ]
سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ،
اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ،
سَرَھو ساھُ ٿِيومِ، اَچَڻَ ويلَ عَجِيبَ جي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 10 ]
ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو،
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ،
ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 10 ]
حَشَرَ ويلَ حِسابَ ۾، ڇَڏي نَہ ويندومِ،
ساري سَڏُ ڪَندومِ، ڪوھِيارو ڪيچَ ڌَڻِي.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 10 ]
شَبان شَب ساٿَ پَلاڻِئو، لِکَ نَہ جاڳِيئَن لَيلَ،
نِماڻِيءَ کي نَومَ جا، نيڻين پِيَڙا نيلَ،
ھئَي ھئَي ھَبسايُون ڪَرِيين، اَزدَرِ نَہ اِيندَءِ ايلَ،
ساجُهرِ وَقتِ صُبوحَ جي، پَلٽِئو پُونِ پَيلَ،
ٿِي واويلا جِي ويلَ، ٿِي سَسُئِيءَ ساڻُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 6 ]

جانۡ جِيئَين تانۡ جَلُ، ڪانِهي جاءِ جَلَڻَ ري،
ٿَڌِي تَتِيءَ ھَلُ، ڪانِهي ويلَ وِھَڻَ جِي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 19 ]
ٿَڌِي تَتِيءَ ھَلُ، ڪانِهي ويلَ وِھَڻَ جِي.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 19 ]
سُورَ مَ مَٽِجِ ساءُ، آئُون نِوَڪِڻِي آھِيان،
وَڃُ مَ ويلَ ڪَنھِن، وِرِھَ مُون وَٽان،
تُون پُڻ تَڏِھِين جا، جَڏھِن ٿِيان ھيڪاندِي ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 7 ]
وَڃُ مَ ويلَ ڪَنھِن، وِرِھَ مُون وَٽان،
تُون پُڻ تَڏِھِين جا، جَڏھِن ٿِيان ھيڪاندِي ھوتَ سين.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 7 ]
English Meaning
Time, delay, a length.