سارِيان بابت
معنيٰ
ياد ڪيان، سَنڀارِيان، ساروڻيون ڪيان، گهُران، طَلبيان.
Remembering, wanting, longing.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ، بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ، سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- چَڙَنِ چَرِي ڪِي آھِيان، سُکِ ٿِي سُمَهان ڪِيئَن، سارِيان ساھَڙَ ڄامَ کي، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن، ميھارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَرَ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- نَڪِي ساھَڙُ سارِيان، نَڪِي ٻيلِي ڏَمُ، اَچِي پييُمِ اوچِتو، ساڻُ ڪُنَنِ ڪَمُ، ڀيڙِيِينُ مَنجِهہ ڀَرَمُ، آگا رَکُ اَتارِ جو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- اَڱَڻِ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُونۡ، پَکا پَٽِ سُونھَنِ، سُرَھِي سيجَ پاسَنِ ۾، پوءِ مَرُ ٿا مِينھَن وَسَنِ، اللهَ اُنِ ڏِينھَن، ويٺِي…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڪانڌَ تُنھِنجي پاندَ ري، سِيءَ مَران سَڀَ راتِ، ڪامِلَ ڪَپاھَنِ ۾، جَهپَ نَہ اَچي جهاتِ، اَچين جي پِرِڀاتِ، تَہ آئُون…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مَڇُڻ وَرَ وِسارِئين، صَبُرُ نَہ سارِيان، توکي نِھارِيان، آءُ مُنھِنجا سُپِرِين.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ڌُرِيان ئِي ڌارِيان، مِٽَ مُئِيءَ جا نَہ ٿِئا، ڏَمَرُ ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِئو کِيڪارِيان، صُبحِ ٿِي سارِيان، اُٺَ نَہ اوطاقُنِ…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ويندِيَسِ ڪيچِ ڪَھِي، سيڻَنِ ساڻُ صَحِي، ڀينَرُ آئُون جِيئَندِيَسِ تان نَہ جَتَنِ ري، وِھان ڪِيئَن ماٺِ ڪَري، ھيڏو سُورُ سَھِي،…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڏُونگَرَ مُون مَ ڏُکوءِ، اَڳَ ڏُکوئِي آھِيان، سارِيان ڪو نَہ سُکوءِ، سُورَ گَهڻائِي سَنبِران.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون پاڻَ ڏي، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ، وَرُ وِلَهَنِ جا وَسِيلَ، رَسِجِ رَھبَرَ…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- توڻي مُون نَہ سَنڀالَ، توءِ سارِيان تَنِ کي، ڪا جَا ڪِيائُون ڳالِهہ، جَنھِن مُنھِنجو چِتُ چَرِئو ڪِئو.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهايَلِ ٿِي گهارِيان، سَڄَڻَ جي سانگِ وِئا، سيئِي ٿِي سارِيان، سي ڪِيئَن وِسارِئان، جي وَٽان مُون…[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- ٻيُون سَڀَ سَڱِيڻِيُون سَرَتِيُون، مُون چُکَ سين چاءُ، اَندَرِ آھي ڳالِهڙِي، ڪوھِيارِي جِي ڪا، لَڳُمِ ذَرو واءَ، سَڄو سَڱُ نَہ…[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- يادِ ڪَرِيان جَنِ کي، نَڪِي وِسارِيان، سَرَتِيُون نَہ سارِئان، ڳُجهو ڪَري اُنِ کي.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ وِئا تَڪِڙا، جوڳِي جُنبِي ھَلِئا، ڪَنھِن ڏُوراھِين ڏيسِ، اِنَ اَڳھَيِن ٿي ڪِئا، پَھَ مَٿي پَرَديسَ،…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- رامُ رَھِيُنِ ۾ رُوحَ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو، سَدائِين سَفَرَ ۾، مَٿا ٿِئَڙَنِ مُوھَ، سامِيَنِ جا صُبوحَ، سارِيان گهَڻو سَيِّدُ…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- کامِي خاڪِ ٿِئا، مَحَبتَ جِي مَيدانَ ۾، تَمامُ ٿِي طالَبَ ۾، وَحدَتَ جي وِئا، جَنَبُ مَوچارو جوڳِيين، ڏِکِئا مَهِندِ ڏِھا،…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- مَدِيني جا ڌَڻِي سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، تُنھِنجِي آھِ تَڻِي، ٻِي ڪَنڌِي سارِيان ڪا نَہ ڪا.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- چيتارِيان چُڻِڪَن، وِسارِيانِ نَہ وَري، ويرو تارِ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀڳي ھَڏُ جِيئَن.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو، جاڳو اَکَڙيُون، لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون، توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي…[ سُر رِپ - وايون ]
- پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين، سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان، اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين…[ سُر آسا - وايون ]
- سيئِي سارِيان سُومَرا، هُو جي مارُو هُئا مِٽَ، پَسان پَنوَهارَنِ جي سَندا چَونرَنِ چِٽَ، ڪَرِيان وَلَھارِيين وَٽَ، وَڃِي ويڙهِيچَنِ سان.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- سيئِي ساريان سُومَرا، جَنِ جا ٿَرَنِ اَندَرِ ٿاڻا، چارِيان هُوندَ چَڱا ڪَري، ٻَڪَرَ ٻاٻاڻا، جَنِ جا وارِيءَ وِڇاڻا، سي ٿِي…[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- سيئِي سارِيان سُومَرا، جَنِ جا ٿَرَنِ آهِينِ ٿوڪَ، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، کِينِ مَرِيڙا موڪَ، جِهڄان پَسِئو جهوڪَ، تَنِ وَنھِيَنِ…[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- هيڪاندِيءَ حُضُورِ، جٖي گهَرِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا، سيئِي سِڪان سارِيان، پَچان پائُرَ پُورِ، حَمِيراڻا هَٿَڙا، ڪِينَ مَڃِيندِيَسِ مُورِ، سَنجهي سَتِ گُذارِيان،…[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- آئُون وِسارِيان ڪِيئَن، هِي ڳُڻَ مارُنِ جا؟ مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، جيڏِيُنِ جَڙِيا جِيئَن، ڇَتا مُورِ نَہ ڇوڙِيان، سَرَتِيُنِ سيڙِهِئا…[ سُر مارئي - وايون ]