ڇَڏِيين بابت
معنيٰ
ڇڏي ڏين، ختم ڪن، پلجي وڃن، ھٽي وڃن، رڪجي وڃن، نابري واري بيھن
Leaving, getting rid off, left, quit
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ، پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جِي، وَٺِي ويھُ ڳَرِي، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندِي دوسِتَ دَرِي، ٻُڪِي ڏيِندَءِ ٻاجَهہ جِي، ويندَءِ ٺَپَ ٺَرِي، اَسان…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ گَهٽُ، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، ڪَلاڙَ ڪو ھَٽُ، اُڀِجِ وَڃِي اُتَھِين، جِتِ موکِيءَ سَندو مَٽُ، ڪَري…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- چانگا چَندَنُ نَہ چَرين، مَياپِيين نَہ موڪَ، اگَرَ اوڏو نَہ وَھين، ٿُڪِئو ڇَڏِيين ٿوڪَ، لاڻِي وِچان لوڪَ، تو ڪِھَڙي اَکَرِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگنِ گَسُ، ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسَ، پُوندُءِ ھوتَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگن گَسُ، ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، بارِي پُڇي بَرَ، وَرُ وَسِيلا سُپِرِين، ٿَڪِيَسِ ڏوري ٿَرَ، لَھِجِ لالَ لَطِيفُ چئَي، ڪانڌَ مُئِيءَ جِي…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- مَتان مُٺِي ڇَڏِيين پِريَتڻُون پاڻان، ڄاپَنِ جِيئَن جاڙا، تُون پُڻ ھوئِجِ تَنِ جِيئَن.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، پاڙان پِريَتڻُون، کَٿُورِيءَ ڪَڻو، مَڙهي مَرِجِ مُنھَن ۾.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ ڪَپارَ، مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، پِريَتَڻِي پَچارَ، توکي سَنَدَ سَسُئِي، سَندِي لَنئُن لَغارَ، جَي ھُونِئِي ھوتَ…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ٿِئَڙَم سُورَ سَمَرَ، اي دِلبَرَ، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اَنوَرَ، آھي عَبدالَطِيفُ کي، پِيراڻِي پاکَرَ.[ سُر معذوري - وايون ]
- جَي نَہ رَھِئا راتِ، تَہ ڪِھَڙو سُکُ سَرَتِيُون، ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، مُٺِي مُلاقاتِ، مَتان مُٺِي ڇَڏِيين، طَلَبَ پِريان جِي تاتِ،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏُونگَرَ ڏِجو ڏَسُ، مِيآن ڪو پيچِرو پُنَهَلَ جو، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، سَندو گنگِنَ گَسُ،…[ سُر ديسي - وايون ]
- جَڏا ميڙِ جَلِيلَ، جٖي حَبِ نَہ ھَلَڻُ سِکِئا، لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، نِجَنِ ڪيچِ قَلِيلَ، وِساري وَسِيلَ، مَڇُڻ مارَڳِ ڇَڏِيين.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقصِيرُون پاڻَ ڏي، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ، وَرُ وِلَهَنِ جا وَسِيلَ، رَسِجِ رَھبَرَ…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- ھاڙھو ڳاڙِھو ھوتَ، ڪيچِي ڪالَهہ لَنگهي وِئا سِڪَ ٻاروچي نَہ لَھي مَٿي تائِين مَوتَ، لَڳَندي لَڪَنِ ۾، پاڻان ٿِيَس پوتَ،…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- تانۡ ڪا وَرِ ڪِجا، ڪَمِيڻِيءَ تي ڪيچِيا، آئُون اَوِھان جِي آھِيان، ٻانِهي ٻاروچا، دِلِاسي دوسا، مَتان مُون کي ڇَڏِيين.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ڪِينَ سَھان ٿِي سُپِرِين، ڇَپَرَ جُون ڇولُون، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِياڻِي اولُون، ٻانڀَڻِ سين ٻولُون، پِرِين پارِجِ پانھِنجُون.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ويٺي ٻارِئَمَ ٻانگَ سِينءَ، ڪوڙيِين اَڄُ قَندِيلَ، ھئَي ھئَي ھَنجُون ھارِيان، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، جانِي لَڳِ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ پِيرَ، راڻا ۽ حَمِيرَ، راڻا جٖي رَجپُوتَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا، مَڃي رَضا رَبَ جِي، ھِئان…[ سُر راڻو - وايون ]
- مَينڌَرا مُون کي، راڻا جِمَ وِساري ڇَڏِيين، مُون کي طَعنا تُنھِنجا، ڏيھُ مِڙيوئِي ڏي، راڻِي تي رِيسَ ڪِي، کَرَ سين…[ سُر راڻو - وايون ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، عادَتَ ۾ اِبلِيسُ، اِھَڙو خامُ خَبِيثُ، ڪَڍِي ڪوھُ نَہ ڇَڏِيين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، سِيرَتَ شَيطانِي، بازِي بيرانِي، ڪَڍِي ڪوھُ نَہ ڇَڏِيين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، عَيشُ اَعرابِيَنِ، اِنّا فَتَحْنا الَّذِيْنَ ، ٿا قُلوبان ڪَھَنِ، لَحَمُ لَبَنُ گَڏُ ڪِئو، تَمَرُ تاڪُلُ ڪَنِ، سَدائِين،…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]