گهَرُ بابت
معنيٰ
رهڻ جي جاءِ، جاءِ، مڪان، اَجهو، جهُڳو، چونڪي، چونرو، ڇَنو، مَنَھُن، لانڍي، صفو، ڪوٺو، بنگلو، محلات. ڇپر، ڇانءُ، ڀونگو. هنڌ، ڀيڻي، پَٽُ، گهاٽ. آڏو، پاٿاري، ڏَرَ، غار، چُر، آکيرو،ٽنگ، ٻِر، ٻرڙ.
A place of residence, a house, a home, nest, den.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي، تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي، ويڄَنِئان…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سِرُ سانڌاڻِ ڪَري، پُڇِجِ گهَرُ لُھارَ جو، ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- گهَرُ نَہ وَرُ نَہ وَٿُ ڪا، آھيمِ مَنِ ميھارُ، اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ، پِرِين تُنھِنجو پارُ، پَسان مان…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- عِشقَ جي عَمِيقَ مان، چُڪو چَکِيائِين، وِھَڻُ تَنھِن وِھُ ٿِئو، گهَرُ ٻارُ گهورِيائِين، الاللهَ آسَڻُ ڪَري، سَرِيرُ سوجِهيائِين، مَن عَرَفَ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- سُکين ٿِيءُ مَ سَنِرِي، پَسِي ڏُکُ مَ ڏَرُ، پَٽِي ڪَرِ مَ پانھِنجو، گهورِئو اَڏِ مَ گهَرُ، ماري ھَڏِ مَ مَرُ،…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سُورَ ڪَنھِن مَ سَلُ، مَڇُڻ ڄِڀَ ڄَراٽِئين، ھَڏُ ڪَرِنگهَرُ مِکُ، مَنجهِئِي مَحَوُ ٿِيي.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- پاڙِيچِيءَ روئِي، چاڪَ مُنھِنجا چورِئا، پَگهَرُ وِجهَندِيَسِ پِرِينءَ جو، ڌَڪَنِ ۾ ڌوئِي، ساجَنَ سَڀوئِي، ساھُ اَوِھان تان صَدقي.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين، آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ، آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِئو، گهُرِيُئِي سو گهورِيان، گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان، ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- ڪوٺي ڪُٺائُون، اِنَ پَرِ اَکَڙِيُنِ سين، ماسُ وِراھي ھَلِئا، ڪَرنگهَرُ ڇَڏِيائُون، وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ اِيئَن اُتائُون، کِلي گهايائُون، مُرڪِي…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي جَي ٿِيي، تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ، آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڪَري موٽَ مَينڌَرو جي لُڊوڻِئان لالُ، گهَرُ مِڙيوئِي گهورِيان، ھُوندَ پَنھِنجو حالُ، راڻي ڌاران راڄَ ۾، مُون نَہ گُهرِجي مالُ،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- سوڍي سِرُ نِيو، ھِتِ ڪَرنگهَرُ سَکِڻُو، راڻِي جِيءَ رِھاڻِ کي، پَچي تَنَ پِئو، مَنُ مَينڌَري وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو، پَسان…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ڍِنگهَرُ ڍِلو مَ ٿِئي، اَڏِئو جو اوڏَنِ، جَنھِن ڀَرِ ويھِي ڪَنِ، ليکو لاکِي ڄامَ سين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ريءَ اَعرابِيَنِ ھِتِ، گَهنگهَرُ گهارَڻُ مُون پِئو، بَڪَتَ الۡعَینَینِ بما ھُوَ قَدَما ، پُڄان ساڻُ پِرتِ، مَنُ اَکِيُون تَنُ تِتِ،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- ڪَرِئو مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، اُڀيائِي آھي، جا مَٿي ڏِنِيَسِ مارُوئين، سا لوئِي نَہ لاھي، سُومَرا ساھي، تَنھِن سَتِيءَ وِجُهہ مَ…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- ھِڪُ جَي نَہ ڄاياسِ، ٻِئو ڄاپَندي جَي مَران، گَهنگهَرُ گهَڻو ٿِياسِ، ڄاپِي مارُوئَڙَنِ کي.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- مَٿِنِ ٽُوھَ ٽَسڪَڙا، چِڪَندَڙا اَچَنِ، کُڙِيُون کيھَ ڀَڪُليُون، پَگهَرُ سِرِي پيرَنِ، اِيءُ وَڙُ ويڙِهيچَنِ، مُون لوڏانِئي لَکِئا.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئِجِ جورِ هَڻِي جانا، پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪَرايُنِ ڪانا، آن ريءَ اَمانا گَهنگهَرُ گهارِيان ڏِينھَڙا.[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- پَکِي تَنھِن پُڄايا، جَنھِن ۾ ساھُ نَہ ماھُ، مَنجِهہ ڪَرنگهَرُ ڪاٺَ جو، مَٿي پَکَنۡ چاھُ، ويچارَنِ ويساھُ، مَٿي پَکَنۡ آيو.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- لَنئُن لَطِيفِي لاتِ، تَہ ويجهو ٿِيين وِصالَ کي، واري پاءِ وُجُودَ ۾، سَندِي جُنگَنِ ذاتِ، ھَڻِي ڪَرنگهَرُ ڪاتِ، پَڌَرِ پَئُہ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]