ڪَنڌُ بابت
معنيٰ
ڪَنڌُ. ڳچيءَ جو پٺيون پاسو، ڳاٽو، گردن.
The neck, the back of the neck, nape.

بيتن ۽ وائين ۾
- ناڻَي ناھِ ڪَڪُوھُ، مُلِهہ مَھانگو مَندُ، سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ، پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ، سَرو اُنِ جو سَفَرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ، مَتان ڪَڍين…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- عِناتا اِتاھِين، جانِي جَڙي ٻَڌُ، آھي گهَڻو اَھکو، فَقِيريءَ جو فَندُ، چَکين تَہ چَرِئو ٿِيين، مَيخاني جو مَندُ، ڪِينَ ڪَڍَندين…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پَٽِنِ وَڏو پَنڌُ، ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ، ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ، چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ، تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- جَرَ گِهڙِيي جوکو ٿِئي، آئُون ڪِ نَہ ڄاڻان اِيئَن، قَضا جَا ڪَرِيمَ جِي، تَنھِن کان ڪَنڌُ ڪَڍِئو ڪِيئَن، ھِڪُ لِکِئي…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- سَوين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِئو مَھِراڻُ، وَھَ وِڃايو پاڻُ، ھَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- پَرِ ۾ پَچِي پِرِينءَ کي، مَرِي نَہ ڄاتوءِ، ” مُو تُوا “ مُنڌَ نَہ سُئو، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِئان ڪاٽِيين.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- نِڪِرُ ڏُکِي ڏيھَ مان، ھاڻي ڇَڏِ ھِيءُ ھَنڌُ، ڪارَڻِ ھوتَ پُنهونءَ جي، راھَ پُڇائِجِ رَندُ، سَفَرُ طَوِيلُ وَزادَھا قَلِيلُ، پَٽِيين…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پارَ نَہ ڄاڻان پَنڌُ، ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، نايو ٿِي نَعرو ھَڻان.[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ٽيئِي پَرچِئا پاڻَ ۾، تَندُ ڪَٽارو ۽ ڪَنڌُ، تَنھِن جِهوئِي ناھِ ڪِي، جِيئَنِ تو چارَڻ ڪِئو پنڌُ، اِيءُ شُڪرُ اَلَحمدُ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ھوتُ نيڻان جو دِلِبَندُ، ڀَلو جانِي، ھيڏَانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪاڏي وَرايان ڪَنڌُ، چَڙِهي ڏاڍِين ڏُونگَرين، راھَ پُڇايان رَندُ، سَيِّدُ سَڀَنِئا…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين، رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن، اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي،…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- وَٺِئو وَڃِجِ وَٽَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين، لوڻي ڦيرِ لَپاٽَ، لَڳَندِيَئِي لَطِيفُ چئَي.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- وَٺِئو وَڃِجِ راھَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين، اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُباحَ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- سامِي ڪَنڌُ ڪَپاءِ، ڪَنَ ڪَپائِڻُ خيرُ کِين، يَهْدِي اللهُ لِنُورِہِ مَن يَشَاءُ ، اِيءَ اِنهين لَئي آھِ، صُحبَتَ تُنھِنجِي سَيِّدُ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- جِھَڙِي آيَسِ جِيئَن، تِھَڙِي وَڃان تَنِ ڏي، لالائِيءَ جَا لَطِيفُ چئَي، مُندين اُٺا مِينھَن، ٿِيَسِ ڪاڻِيارِي ڪانڌَ جِي، ھِتي اَچِي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ٻانھُنِ ٻِنِهِي ٻِيڙِيُون، مَٿي ڪانَنِ ڪَنڌُ، مامُنِ سان مَلِيرَ جو، ويٺِي پُڇان پَنڌُ، ھُوندَ نَہ سارِئُمِ بَندُ، جي ڪَرَ لَڌائُون…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ مِيرَ، گَهڻي ٿوري ڏِينھڙين، ويندِيَسِ هُتِ حَمِيرَ، مَڇُڻِ مَنجِهہ مَلِيرَ، ڪَنڌُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- سِيلَ ڀَڃَڻَ جِي سُومَرا، مُون کي مَتِ مَ آڇِجِ مُورِ، گَهڻي ٿوري ڏِينھَڙين، ويندِيَسِ هُتِ حُضُورِ، مَڇُڻِ ٿِي مَلُورِ، ڪَنڌُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- ڪَنڊِ لَنگهيندي ڪاڻِ، پييَمِ پَنوَهارَنِ سين، اُتي جِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، رُنِي سَڀَ رِهاڻِ، هِنَ هِيڻائيءَ هاڻِ، ڪَنڌُ مَٿاهُون نَه کَڻان.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]