ڪَنڌُ جي سنڌي معنيٰ
ڪَنڌُ. ڳچيءَ جو پٺيون پاسو، ڳاٽو، گردن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The neck, the back of the neck, nape.
ڪَنڌُ جا بيتن ۾ حوالا
ناڻَي ناھِ ڪَڪُوھُ، مُلِهہ مَھانگو مَندُ،
سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 24 ]
سَنباھيجِ سَيِّدُ چئَي، ڪاٽَڻَ ڪارَڻِ ڪَنڌُ،
ھِيءُ تَنِي جو ھَنڌُ، مَٽَنِ پاسِ مَرَنِ جي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 24 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ رَندُ،
پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ،
سَرو اُنِ جو سَڦِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ،
مَتان ڪَڍين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 22 ]
پِياريندَءِ پاڻِهين، مَيخاني جو مَندُ،
سَرو اُنِ جو سَڦِرو، سُپَڪُ آھي سَنڌُ،
مَتان ڪَڍين ڪَنڌُ، اوڏو ٿِي اُنِ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 22 ]
عِناتا اِتاھِين، جانِي جَڙي ٻَڌُ،
آھي گهَڻو اَھکو، فَقِيريءَ جو فَندُ،
چَکين تَہ چَرِئو ٿِيين، مَيخاني جو مَندُ،
ڪِينَ ڪَڍَندين ڪَنڌُ، مَنجهان سَڱُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 12 ]
آھي گهَڻو اَھکو، فَقِيريءَ جو فَندُ،
چَکين تَہ چَرِئو ٿِيين، مَيخاني جو مَندُ،
ڪِينَ ڪَڍَندين ڪَنڌُ، مَنجهان سَڱُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 12 ]
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پَٽِنِ وَڏو پَنڌُ،
ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 4 ]
ھَلَندي حَبِيبَنِ ڏي، ڪَرَھا موڙِ مَ ڪَنڌُ،
ٻَنڌَڻُ سوئِي ٻَڌُ، جَو پَھچائي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 4 ]
آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ،
چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ،
تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 5 ]
چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ،
تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 5 ]
جَرَ گِهڙِيي جوکو ٿِئي، آئُون ڪِ نَہ ڄاڻان اِيئَن،
قَضا جَا ڪَرِيمَ جِي، تَنھِن کان ڪَنڌُ ڪَڍِئو ڪِيئَن،
ھِڪُ لِکِئي ٻِئو نِينھَن، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 22 ]
قَضا جَا ڪَرِيمَ جِي، تَنھِن کان ڪَنڌُ ڪَڍِئو ڪِيئَن،
ھِڪُ لِکِئي ٻِئو نِينھَن، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 22 ]
سَوين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِئو مَھِراڻُ،
وَھَ وِڃايو پاڻُ، ھَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 17 ]
وَھَ وِڃايو پاڻُ، ھَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 17 ]
پَرِ ۾ پَچِي پِرِينءَ کي، مَرِي نَہ ڄاتوءِ،
”مُوْتُوْا“ مُنڌَ نَہ سُئو، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِئان ڪاٽِيين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 12 ]
”مُوْتُوْا“ مُنڌَ نَہ سُئو، ڪَنڌُ ڪُڄاڙِئان ڪاٽِيين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 12 ]
نِڪِرُ ڏُکِي ڏيھَ مان، ھاڻي ڇَڏِ ھِيءُ ھَنڌُ،
ڪارَڻِ ھوتَ پُنهونءَ جي، راھَ پُڇائِجِ رَندُ،
سَفَرُ طَوِيلُ وَزادَھا قَلِيلُ، پَٽِيين اَڙانگو پَنڌُ،
ڪِيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 28 ]
ڪارَڻِ ھوتَ پُنهونءَ جي، راھَ پُڇائِجِ رَندُ،
سَفَرُ طَوِيلُ وَزادَھا قَلِيلُ، پَٽِيين اَڙانگو پَنڌُ،
ڪِيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، ڏيئِي مَرِجِ ڏُونگَرين.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 28 ]
ڪَنھِن پَرِ رُئان پِرِينءَ کي، پارَ نَہ ڄاڻان پَنڌُ،
ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، نايو ٿِي نَعرو ھَڻان.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 6 ]
ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، نايو ٿِي نَعرو ھَڻان.
[ سُر ڪوھياري، پڇتاءَ ۽ انومان، 6 ]
English Meaning
The neck, the back of the neck, nape.
ڪَنڌُ ٻول جا زمرا