ڪَنڌِ جي سنڌي معنيٰ
ڪنڌي، ڪنارو، پاسو، پاسي سان، ڪنڊ پاسي کان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Side by, with corner, along the road or river, side by side.
ڪَنڌِ جا بيتن ۾ حوالا
ھُوندو ھَڏِ مَ سَنڌِ، لاءِ پِياڪَنِ پانھِنجو،
پوڄَ پِيارِجِ پَھِيڙا، ويندا وَٺِئو ڪَنڌِ،
ھَٽِ تُنھِنجي ھَنڌِ، موکِي ڪو مانُ لَھي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 9 ]

ڪَنڌِ ڪَٽارو مُنھِن وَٽِي، عادَتَ سَندِيَنِ اِيءَ،
تَنِ تِڪُون ڏِنِيُون، جُنبِي مَنجهان جِيءَ،
سَرو تَنِ سَبِيءَ، جَنِ سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 24 ]

ڀَرِ ڀَنجُهوءِ ويھِي، ڪِھَڙِي ڪَندين ڳالِهڙِي،
ڍَڪي ھَلَندَءِ ڌُوڙِ ۾، ڪَنڌِ ڪَلَرُ ڏيئِي،
ڄاڃِي ماڃِي موٽِئا، وَرُ وَنِيءَ ڏيئِي،
خَبَرَ نَہ پيئِي، تَہ ڏيجُ ڏِنائُون ڪيتِرو.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 18 ]

جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي گهَڻو سَنِرا،
سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو، اُتَرَ اوٽَ نَہ ڏِينِ،
جِيئَن پارو پَوارا ڪَري، تِيئَن سُمَرِڙِيُون سوِرِينِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، اُونڌي ڪَنڌِ اورِينِ،
جُهوپا نَہ جوڙِينِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ وِصالَ ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 10 ]

ڪِينَرِڙِيُون چورِينِ، لوڪَ سُتي ڪاپَڙِي،
اُٿِي آڌِيءَ راتِ جو، سُمَرِڙِيُون سورِينِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، اونڌي ڪَنڌِ اورِينِ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 22 ]

ويٺي مَنجِهہ وَٿاڻَ، ڪَنڌِ جَهلبين ٻَڪِرا،
توتي تو ڌَڻِيَنِ جِي، آھي اِھائِي آڻَ،
اوچِتا پَرياڻَ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻيَنِ جا.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 8 ]
توتي تو ڌَڻِيَنِ جِي، آھي اِھائِي آڻَ،
اوچِتا پَرياڻَ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻيَنِ جا.
[ سُر ڏھر، اڄ گهرجين تُون، 8 ]
آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، مُونھِين پِئو بَندُ،
ماڙِيءَ لَڳُمِ مِيهَڻُون، مُونھِين ڪَڙو ڪَنڌِ،
مَران جَي ھِنَ ھَنڌِ، تَہ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 19 ]

لَووَرياڙي آھِيان، وارِيان تان نَہ وَرَقُ،
سانڍِئُمِ سُپَيرِيَن لَيءِ، لوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ،
ڪَنڌِ ڪاسو پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنَ تَرَڪُ،
سَندو مارُوءَ حَقُ، جانۡ جِيئان تانۡ پارِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 3 ]

سُتي سَنڀِرِئوم، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو،
ڪَنڌِ وِھاڻو ڀِنُو، ھَرِئو ھَٿُ ٿِئومِ،
سَڄَڻُ يادِ پِئوم، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.
[ سُر رِپ، گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار، 20 ]