چَڙِهي بابت
معنيٰ
مٿي ٿي، سامهون اچي، اڀي يا اڀو ٿي، پيش پئي، آويزان ٿي.
Climbed, Came forward,
بيتن ۽ وائين ۾
- سَرَھا ڏِٺَمِ سي، جَنِ جِي ساڃاءِ سِراڻِيَنِ سين، تيغَ تَنِي جي کي، ڪَٽُ نَہ چَڙِهي ڪَڏِھِين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- ڀَلا ئِي آھِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانھِنجي، سَٻاجها سِرِ چَڙِهي، ڏوراپو نَہ ڏِينِ، جَي مُون ڏانھَن مَدِيُون ٿِيَنِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄايُنِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو اوڏا مُون ڏُورِ، سَڄَڻَ سُتا وِلَهَہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ، پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَل…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- آيو چَنڊُ چَڙِهي، چارِيءَ جو چَيو ڪَري، اُڀِيو اُتِ اَڙِي، جِتِ ڏِٺائِين پِرِينءَ کي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ڪانڌَ ڪَلاڙين ڪَپَڙين، وَرَ وَناھِيو آءُ، جِتِ سانگُنِ جِي سَٽِ وَھي، وِکَ وَڌندِي پاءِ، جانۡ جانۡ نُوڌين نَہ چَڙِهين، تانۡ…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران، چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران، اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- جِيئَڻُ جَتَ ڌاران، مَعذُورِ جو مَسَ ٿِئي، چانگَنِ سِرِ چَڙِهي وِئا، ساٿِي سَوارا، اَکِيُون اوتارا، پَسِئو رُونِ پُنهونءَ جا.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- ھوتَ ٻاروچي ساڻُ، جيڏِيُون جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ جُون ڳالِهيُون، چَڙِهي ڏُونگَرَ چوٽِيين، پُرزا ڪِندِيَسِ پاڻُ، ڇُلِي پيٺِيَسِ ڇَپَرين، يارَ سَڱَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڪِي جو ڏِٺائِين، مَوتُ مارِيائِين، پاڻُ تَنھِنجِيءَ پُٺِ ۾.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، رَئِي پَسِئو ٿِي روءِ، وِچان جو وِچُ پوءِ، سو ڪَنھِن پَرِ ڪَھِي لاھِيان.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، اُوچَنِ مَٿي اَڄُ، لالَڻَ ڪارَڻِ لَڄُ، باسِئائِين بَردارِ جِي.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏِئو پَٽولي لانگَ، سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جِيئَن، ٽارِيءَ ٽارِيءَ ڇانگَ، ڪانڌِي ٿِيندَسِ ڪانگَ، ھُو جي روڏَ رِڃُنِ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڳِجُهنِ ٿِيندِي ڳاھُ، سَسُئِيءَ سُورِيءَ چاڙِھِئو، پِريان لَئي پاساھُ، ھُوءِ مِرُون ھِيءُ ماھُ، ڪِينَ ڪَمِيڻِيءَ رَکئِو.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڳِجُهون ڳارا ڏِينِ، ماري اُڃَ ماندِي ڪِي، جهولا جَهڙَپِينِ، ڦِرئو ڦيرا ڏِينِ، بُکِئا پَکِي بَرَ جا.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏُسڪِئو جَهلي ڏارَ، ٻَھَ ٻَھَ ٻيلايَنِ جي، ڪانڀُوءَ ۾ قَطارَ، لَڪَنِ مان لَطِيفُ چئَي، نُوڙِئو ڪَري نِھارَ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَرِھي، ڏُسڪي مَنجِهہ ڏارَنِ، ڏِئو لَتُون لامُنِ تي، چَڙِهي سِرِ چوٽِنِ، ويچارِيءَ ويساھِين نَہ ڏي، پاڻِي کان پِنبِڻَنِ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، وِئو سِينگارُ سَندوسِ، مُنھُن ڪُوماڻو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ، کُنھِنبو بُتُ کامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، پَسو سَگَهہ سَندِياسِ، آڌِيءَ وَڃِيو آکُڙي، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، سوئِي سو سيڻاسِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڏاڍو ڏوري ڏورِ، سُپيرِيان جي سُورِ، پَري پَڙاڏا ڪَري.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- آڏَ تِراڇا آھُڙا، ڏُونگَرَ کي ڏاڪا، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بَرِ چَڙِهي بانڪا، ڦَٽِئا ڦَڻَ فَقِيرِ جا، چَڙَھَندي چَڙَھَندي چَڙاھاڪا،…[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، روھَ جَبَلَ روڏا، وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا، آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، باڪا چَڙِهي بَرِ، جَتَنِ ڌاران جيڏِيُون، ھِينيُون جَرِ نَہ ٿَرِ، ڪا نَہ ٻُڌيِسُون ڪَڏِھِين، اِھَڙِي پَرِ ڪُپَرِ،…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، اُٺَنِ چَڙِهي اُوءِ، وَڃَنِ ويچارِيءَ سين، ھاڃو ڪِئو ھُوءِ. پُنهونءَ ڪارَڻِ پَٻَ ۾، ڇُلِئو ڇَپَرِ پوءِ، رَندَ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ڀُڻِي ڏُونگَرَ ڏورِئان، ڪِيچِيَنِ لَئي ڪَڙھِيو، پَهاڙَنِ تي پَٻَ جي، وَڃان چوٽِيَنِ سينءَ چَڙِهيو، ڪَري ساجَنَ سوگهو، سَندُمِ جيءُ جَڙِيو،…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- لُڪُنِ ۽ لَڪَنِ، ڄَرَ ڄَراٽِي سَسُئِي، ڪارَڻِ ڪوھِيارَنِ، مَرُ ٿِي چَڙِهي چوٽِيين.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو، سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون، ٻانھُون ٻيلَ نَہ…[ سُر حسيني - وايون ]
- آءُ مَٿاھُون مَڱڻا، چَڙِهي ۾ چَوڏولَ، توکي گهوٽَ گُهرايو، راجا مَنجِهہ رَتولَ، ٻِيجَلَ تو سين ٻولَ، وِھاڻِيءَ وَڍَڻَ جِي.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ھوتُ نيڻان جو دِلِبَندُ، ڀَلو جانِي، ھيڏَانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪاڏي وَرايان ڪَنڌُ، چَڙِهي ڏاڍِين ڏُونگَرين، راھَ پُڇايان رَندُ، سَيِّدُ سَڀَنِئا…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ اَچِي جي ٿِيين، عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي، راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ڏائي چَڙِهي ڏارَ تي، ڪِي جَو ڪانگَ ڪَھِيو، سُوريتيءَ سُورِ پَئِي، پَھو پَٽِ ھَنيو، کامِي اَرِٽُ کَنيو، ويچارِيءَ وِرُونھَن مان.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- بَغَلَ مَنجِهہ بَندُوقَ، مارِيءَ ميرا ڪَپِڙا، مارِئو مِيرَ مَلُوڪَ، لَتاڙِئو لَڪِ چَڙِهي.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ھيٺِ، سونارِيُون سَرِ ڪِئو، ڀيڙِئو ٻَڌي بيٺِ، ڏَمَرُ ڪندو ڏيٺِ، صُبحَ ويلَ سَڀَ ڪَنھِين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ساڻُ، چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ، جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- سُتوئِي سيڄَ گُهرين، جَفا ڏيِين نَہ جِيءَ، پَهني ڌاران پِيَ، مَتان نُونڌين نَہ چَڙِهين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- سُتوئِي سيڄَ گُهرين، جَفا ڏيِين نَہ جانِ، صُلحَ ريءَ سيڻانِ، مَتان نُونڌين نَہ چَڙِهين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- ڳَئُون مارِئو گِرِ چَڙِهي، گِرِ چَڙِهئو ڳَئُون کاءِ، ڪيھَرِ پَلاڻِي جي سَھي، تَہ لُنءَ لُنءَ لاکِ وِڪاءِ.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ماڙِيءَ چَڙِهي سُومَرا، آئُون ھَڏِ لَڄاڻِي، ھَٿان مُون مَ ھارِيين، پائُرَ جو پاڻِي، ٻولِي ٻاٻاڻِي، وَٺِي شالَ ويڙِه پِھان.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- تان ڪِي ٻاٻِيھَلَ ٻولِ، سِيچاڻِي ٿو سَنبَھي، عِزرائِيلُ اللهَ جو، ٽَري ڪَنھِن نَہ ٽولِ، مَٿي چَڙِهي مولِ، چورِيندُءِ چَنبَنِ سين.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ڪُوڙِي راندِ ڪُوڙو چَٽَڪو، لِکَ سِيئَن لَلو پتو، لَنيو جِيئَن لامين چَڙِهي، ڪِئو ڪارايَلَ ڪَٽِڪو، ڪِ تو ڪَنين نہ سُئو،…[ سُر ڪارايل - وايون ]