چَنيسَرَ بابت
معنيٰ
سومرن جي دور جو مشھور بادشاھ، ليلا جو مڙس.
Famous king of the Soomra period, husband of Leela.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، ڪانڌُ ڪُوڙِيءَ جو وڻي، گِيرَبُ ۽ گاءُ، ٿِڙي ٿورَڙِياءُ، دوسِتَ دَسائي داسَڙو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري، جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ نَہ ماڻي ماڳُ، ڏَمَرِئو ڏُھاڳُ، سِگهو ڏي سُھاڳَڻِيين.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڪوڙِين تُنھِنجُون ڪامِڻِيُون، تُون ڪوڙِنِ سَندو ڪانڌُ، مُون کي ڍيلِ مَ وَلَها، تَہ وَرَ وَڃان نَہ وِڙُواندِ، مُون ڳِچِيءَ ۾…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- نَهي ٻَڌي روءِ، اَڱَڻِ جهوڪِئو ڪَرَھا، ڪو چَنيسَرَ چوءِ، تَہ وَڃي لِيلان لَڏِئو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ، سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ، راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ، چوڏِسِ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِي جو اَڳُ ھو، مَڻيي سَندو مامِرو، تِھان پوءِ ٿِئو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪا جَا اَڳُ ھُئِي، مَڻيي سَندِي ڳالِهڙِي، تِھان پوءِ ٿِي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- مَڻيي مَٿي موھِجِي، مُوڙِھِي ڪِئوءِ مَرَڪُ، چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ، وَرِي وِئو وَرَقُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، جو تو ڀورِي ڀانيو، اِيءُ رِيساڻو راءُ، پاڻَ ڌاران پَرياءُ، ڪانڌَ ڪَھِين جو…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- لِيلان لَکَڻَ پانھِنجا، سارِجِ سَڀَيئِي، وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، ڏوراپا ڏيئِي، نَہ ڄاڻان ڪيھِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ، جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ، پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ، وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، مُوڙِھِي مُٺِئي پاڻُ، ڀورِي ڪِيُئِي ڀاڻُ، آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان تُون مَ لَکاءِ، دوسِتُ تُنھِنجو داسَڙو، کانڌِ وَڏيائِي کاءِ، ڍولِئو ڍَڪَ سَندِياءِ، تو عَيبَنِ کي…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکاءِ مَ تُون، تو جو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن سين آئُون نَہ ڪا تُون، رُوندِيُون ڏِٺِيُون…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکايوءِ، تو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن جو پَرو ڪو نَہ پِئوءِ، ڪَونئُروءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِئو…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- لِيلان لُڇُ مَ اِيتِرو، ويئِي ڳالِهہ ھَٿان، چَنيسَرَ ڪانڌا، ڪونَہ پُنُو تو ڪاڄَڙو.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ھُئا لِيلان جا اَڳهيِن، مَٿي ماڙِيءَ ماڳَ، چَئِي چَنيسَرَ چاڙِھي، لَکين ڏيئِي لاڳَ، ٻِيُون راءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ راڻيُون، ھِيءَ سوڀي…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾، دُھِلَنِ دَمامَنِ نُقِرين، پَرِ ۾ پُڇياسِ، جيلاھَ ڍولي ڍيلِياسِ، تي ٿِيَسِ ڏُھاڳَڻِ ڏيھَ ۾.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- وَڏيرِي ھُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾، دائِيين، ٻائِيين دَرَبانِيين، ٿي پَرِ ۾ پُڇِياسِ، دُھِلين دَمامين نُقِرين، ٿي وِچَ ۾ وِھارِياسِ،…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ڪانڌَ ڪَمِيڻِي آھِيان، ھَلايان نَہ حُجَتَ، چَنيسَرَ جي چِتَ، ڪَٽُ نَہ لايان ڪَڏِھِين.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ھَيبَتَ ڪانَہ ھُياسِ، ڪا دِلِ مَٽيندو داسَڙو، پَرُوڙي پِشيمانُ ٿي، جَڏھِن ھَٿان ڳالِهہ وَياسِ، سُورَ پِرايائِين سَيِّدُ چئَي، پوءِ ٿي…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- جَڏھِن جَرُ ھارئو ٿي جَکِري، رُنوءِ ڏِئُري ڍارَ، ڍولي تَڏِھِين ڍيلِيُيءِ، سُوڀِي ٿِيَئِي نَہ سارَ، چَنيسَرَ ڀَتارَ، حِيلو ڪِئو ھارَ…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- لَکين لِيلائُون، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾، ٻِيُون سَڀَ سُگَلِيُون، اَگَلِي آئُون، صِدِقُ صَدائُون، ڪِھَڙِيُون ڪَرِيان تَنِ سين.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- لِيلان ڇَڏِ لِھورُ، وَڃُ پَنھِنجي مائٽين، اَبو ڏاڏو پانھِنجو، مَٿان چَنيسَرَ گهورِ، زارِيءَ ڌاران زورُ، ڪِينَ ھَلَندو ڪانڌَ سين.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو، پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي، دوسِتُ نَئائُون…[ سُر ليلا - وايون ]