چَنيسَرَ جي سنڌي معنيٰ
سومرن جي دور جو مشھور بادشاھ، ليلا جو مڙس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Famous king of the Soomra period, husband of Leela.
چَنيسَرَ جا بيتن ۾ حوالا
چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري،
جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ نَہ ماڻي ماڳُ،
ڏَمَرِئو ڏُھاڳُ، سِگهو ڏي سُھاڳَڻِيين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 31 ]
جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ نَہ ماڻي ماڳُ،
ڏَمَرِئو ڏُھاڳُ، سِگهو ڏي سُھاڳَڻِيين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 31 ]
ڪوڙِين تُنھِنجُون ڪامِڻِيُون، تُون ڪوڙِنِ سَندو ڪانڌُ،
مُون کي ڍيلِ مَ وَلَها، تَہ وَرَ وَڃان نَہ وِڙُواندِ،
مُون ڳِچِيءَ ۾ پاندُ، تو چَنيسَرَ ھَٿَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 33 ]
مُون کي ڍيلِ مَ وَلَها، تَہ وَرَ وَڃان نَہ وِڙُواندِ،
مُون ڳِچِيءَ ۾ پاندُ، تو چَنيسَرَ ھَٿَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 33 ]
نَهي ٻَڌي روءِ، اَڱَڻِ جهوڪِئو ڪَرَھا،
ڪو چَنيسَرَ چوءِ، تَہ وَڃي لِيلان لَڏِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 44 ]
ڪو چَنيسَرَ چوءِ، تَہ وَڃي لِيلان لَڏِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 44 ]
مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ،
سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ،
راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ،
چوڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيھان ڏيھِ ڏَھڪارُ،
ٺاڪُرُ اَکِيُنِ ٺارُ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِيين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 3 ]

چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪِي جو اَڳُ ھو،
مَڻيي سَندو مامِرو، تِھان پوءِ ٿِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 8 ]
مَڻيي سَندو مامِرو، تِھان پوءِ ٿِئو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 8 ]
چَنيسَرَ جي چِتَ ۾، ڪا جَا اَڳُ ھُئِي،
مَڻيي سَندِي ڳالِهڙِي، تِھان پوءِ ٿِي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 9 ]
مَڻيي سَندِي ڳالِهڙِي، تِھان پوءِ ٿِي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 9 ]
مَڻيي مَٿي موھِجِي، مُوڙِھِي ڪِئوءِ مَرَڪُ،
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ،
وَرِي وِئو وَرَقُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 13 ]
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ،
وَرِي وِئو وَرَقُ، تي آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 13 ]
چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري،
جو تو ڀورِي ڀانيو، اِيءُ رِيساڻو راءُ،
پاڻَ ڌاران پَرياءُ، ڪانڌَ ڪَھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 29 ]
جو تو ڀورِي ڀانيو، اِيءُ رِيساڻو راءُ،
پاڻَ ڌاران پَرياءُ، ڪانڌَ ڪَھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 29 ]
لِيلان لَکَڻَ پانھِنجا، سارِجِ سَڀَيئِي،
وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، ڏوراپا ڏيئِي،
نَہ ڄاڻان ڪيھِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 1 ]
وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، ڏوراپا ڏيئِي،
نَہ ڄاڻان ڪيھِي، چَنيسَرَ جي چِتَ ۾.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 1 ]
لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ،
جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ،
پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 3 ]
جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ،
پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ وَڻي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 3 ]
English Meaning
Famous king of the Soomra period, husband of Leela.