ڀانيو بابت
معنيٰ
سمجهيو، سوچيو، محسوس ڪيو، چاھيو، ڄاتو، خيال ڪيو.
Thought, imagined. felt, liked.
بيتن ۽ وائين ۾
- کِوَڻِ کوايو، تو آئِي نِنڊَ اَڀاڳَ کي، ڀَؤُ نَہ جَنِ ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ، لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ، جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لَهرِيُون ڪَنِ لوڙا، سَوين اَچِئو سِيرَ ۾، ٿِيَنِ سِيڻاھِيَلَ سوڙِھا، جٖي تارُو ھُئا توڙا، تَنِ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ڀَريُون پَرِينءَ ڀَرِ، پَسُ جَي پارِ پَوَندِيُون، آڻِئو ھَڻي آرَ ۾، وَڻَ جَي پُونِسِ وَرِ، سانباھِي سَمُنڊَ جِي، ڪَنھِن ڀَتِ…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- سارَنگَ کي سَعيو، توکي سَعيو نَہ ٿِئي، گُڙي ٿو گَنباٽَ ۾، آيو ڪِي آيو، مَتان اِيئَن ڀانيو، تَہ بادَلَ وَسِي…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڪونِهي اُتِ ڪوھِيار، جِتِ تو ڀورِي ڀانيو، پَنڌُ مَ ڪَرِ پاھَڙَ ڏي، وُجُودُ ئِي وَڻِڪارَ، ڌارِئان ڀانِئجِ ڌارَ، پُڇُ پِريان…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- ھَلُ ھِنيَين سين ھوتَ ڏي، سِسِي کَڻُ مَ ساڻُ، جَنِي ڀانيو پاڻُ سي آرِياڻِيان اوري رَھِيون.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- پَسئِو رُونِ پُنهونءَ جا، اَکِيُون اوتارا، مُون ڀانيو مُون وَٽِ، ھُوندا ڄَمارا، ساٿِيَنِ سَوارا، ڪِئو ڪيچُ اَکِيُنِ ۾.[ سُر آبڙي - جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي ]
- مُون ڀانيو مَھمانَ، ھَميشه ھُوندا پِرِين، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ، ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ، جورو…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- مُون ڀانيو مُون وَٽِ ھَميشه ھُوندا پِرِين، ويڙِھو ڏيئِي ويڪِرو، پَھرِي وِئا پَٽِ، ساھُ جَنِي جِيءَ سَٽِ، وِڪِيُمِ ٿي وَڻِڪارَ…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- مُون ڀانيو مُون گهَرِ، ھَميشه ھُوندا پِرِين، ساڄَنَ سيڄَ وِڇايان، جوڙي جِيءَ اَندَرَ، ڪوھُ ڄاڻان ڪَنھِن پَرِ، ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا.[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- مُون ڀانيو مَھمانَ، جيڪُسِ پَھَرَ پُنهونءَ جِي، بي غَرضا بَلوچَ ٿِئا، سَسُئِيءَ سين سَرواڻَ، ڪاھي رَسِئا ڪيچَ کي، ڏاگهَنِ لاھي…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- مَٿي مَنجهان مِينھُن پَسو، جِيئَن پاڻِي وَھي، مُون ڀانيو نِينھُن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ڪوھِيارو ڪيڻانِ، ڪيڻِ وَڃِي ڪاڏي وَڃان، مُون ڀانيو سيڻان، ڇَپَرِ ڪَندِيَسِ پَنڌَڙا.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- جَو تو ڏِيَڻُ ڏِياچَ ڀانيو، اِيءُ سِرُ سَڀَڪو ڏي، ڪِي ناھِ جِھَڙو ني، جو سَنَدَ ٿِئي سُوالِيين.[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- راڻو ڀانيو راندِ، وَڃِئو ڪِيئَن وِڙَ رانِئيُين، وَرُ وِڏُوھِئو اِينھَئِين، جِيئَن پَرُ پُڄِتوءِ پاندِ، ھَئَي ڀَڳِيَئِي ھيڪاندِ، سوڍو سارِيندينءَ گهَڻو.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- سِياڪو سيڻان، ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، آٽَنِ مُنھِنجا اَڱڙا، ڪالُهون پوءِ ڪيڻانِ، ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتَري، وَھِئِيَن جي…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- ڪَنَ ڪورائيين ڪاپَڙِي، اِي زَنانو جوڳُ، سامِي سُڃاڻَڻُ پِئو، ايڪُ دُوئِي ٻِئو دَوڳُ، جَنھِن وَڻُ ڀانيو ڦوڳُ، رامُ تَنھِين کي…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جَو تو ڏِيو ڀانيو، سو سُورَجَ سُھائِي، راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، تَہ پُڻ اَنڌَنِ اُونداھِي، جَنِ ڏِٺو ڏِھائِي، تَنِ تَڪِيا…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- جو تو مَڻِيو ڀانيو، سو اَصلِ ڪُوڙو ڪَچُ، ھِنَ دُتاري ھارَ کي، سوڀِي ڀانءِ مَ سَچُ، ھِتِ ڳالِهيُون ڪَرِيين ڳَچُ،…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جَو تو ڀانيو ھارُ، سو سُورَنِ سَندو سَنگهِرو، چَنيسَرُ چِتُ کَڻِي، ٿِئو پورِھِيَتِ جو پارُ، اَڻَ وَڻَتِ جو آچارُ، شَلَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- سَڀَيئِي سُھاڳَڻِيُون، سَڀَنِي مُنھِن جَڙاءُ، سَڀَ ڪَنھِن ڀانيو پاڻَ کي، اِيندو مُون ڳَرِ راءُ، تان پيٺو تَنِ دَران، جي پَسِي…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، جو تو ڀورِي ڀانيو، اِيءُ رِيساڻو راءُ، پاڻَ ڌاران پَرياءُ، ڪانڌَ ڪَھِين جو…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ، جَو تو ڀانيو پانھِنجو، سو ريساڻُو راڄاڻُ، پاڻان ڌارَ پَرياڻُ، ڪانڌَ ڪَنھِين جو نَہ…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکاءِ مَ تُون، تو جو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن سين آئُون نَہ ڪا تُون، رُوندِيُون ڏِٺِيُون…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکايوءِ، تو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن جو پَرو ڪو نَہ پِئوءِ، ڪَونئُروءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِئو…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ڍَڪَڻَ مَٿي ڍولَ جا، جَڏھِن پُوچا ڏِٺَم پيرَ، مُون ڀانيو تَنھِن وير، تَہ ڪوجِهي ڪَندو پِريَرِي.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- سُورِيءَ سُٿَرِيا، پَڪو سَهو وِلارِئو، چَنيسَر ڪانڌا، تان مُون ھِينئَن نَہ ڀانيو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ھُيَئِينءَ تَہ گهَڻو ھُوشِيارُ، ڪَلَ پِہ ھُيَئِي ڪانڌَ جِي، توڀانيو موچارِي ٿِيان، ڳِچِيءَ پائي ھارُ، ڪانڌَ ڪُوڙِيءَ جو نَہ وَڻي،…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ڀورِي تو ڀَؤُ نَہ ڀانيو، لِيلان تو لِهورُ لَڄايو، ڪوڙي مَڻِيي ڪَچَ تي، مُوڙِھِي تو مَردُ مَٽايو، ھِرِکي ويئِيين ھارَ…[ سُر ليلا - وايون ]
- ڇڏِئو پِرِينءَ پَچارَ، سَڄِيُون راتِيُون سُمهين، تو ڀانيو سَڀَ ڄَمارَ، سَڄَڻُ ھُوندو مان ڳَري.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- سُتا اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، جَو تو ساڻيھُ ڀانيو، سو مانجهاندي ماڳُ، سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- ڄاڻين توءِ مَ ڄاڻُ، اِي دَرُ اَٻوجَهنِ جو، اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ نَہ ڀانيو پاڻُ، رُونجهاڻِي راڄاڻُ، آھي اَٻوجَهنِ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- ڀيرَڻَ کان جَنِ ڀانيو، تَنِ ڪاپائِتيَنِ ڪاڻِ، تُنھِنجو ٽِسَئين مَٿي تُرانِ، ھِتِ ٿِيُون ڏَڪَنِ ڏَھَ سَئين واريون.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]