پُڄاڻا بابت
معنيٰ
پوءِ، کان پوءِ، بعد.
Post, after, then, then after.
بيتن ۽ وائين ۾
- ماڻِڪُ مُنڌَ ھَٿان، پيتِيءَ ۾ پُرزا ٿِئو، سَڄو جان سَيِّدُ چئَي، لَھي لَکُ سَوا، ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمائِين پَري ٿِئو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، پَکو نَہ، پِيتَمُ، دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، جا رَھي سا رَنَ ٿِئي.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو، اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ، طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ، رَسِئو سُورُ شَبانَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، ھوتَ پُڄاڻا ھاڻِ، اللهَ سيئِي آڻِ، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، ھوتَ پُڄاڻا ھِتِ، پُنهونءَ جِيءَ پِرتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، پُنهونءَ پُڄاڻا، سي مُون سِيباڻا، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، وارِيان تان نَہ وَرَنِ، حَيفُ پُڄاڻا ھوتَ جي، گهارَڻُ مَنجِهہ گهَرَنِ، لُڇان لَئي ليڙَنِ، راتِ نَہ رَھِئا…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- ديسِي سيڻَ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪِھَڙا پِرِين، لَڏِئِو لاڏُوڻا ڪَرِئو، موٽِئو ڏيھَ وَڃَنِ، پُڄاڻا پِرِيَنِ، ڪِجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِھَ چَران ويٺِي، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي، تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ…[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي، ويڙِھِي جا وِرَھَنِ، چَتُ جَنھِن جو چُورِ ڪِئو ڪِئو، ڏُکوئِي ڏُکَنِ، پُڄاڻا پِرِيَنِ، اَدِيُون اَگهِي آھِيان.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- اَدِيُون اَگِهي آھِيان، پِرِيَنِ پُڄاڻا، سي ڪوھِيارا ڪِيڻَ وِئا، ساڄَنَ سِياڻا، جٖي سَسُئِيءَ سِيباڻا، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- آھِيان جَنِ سَندِي، مُون کي سي نَہ ڇَڏِيندا ھوتا، ويٺِي آھِيان واٽَ تي، آئُون آسَرَوَندِي، پَهائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي، ڳِچِيءَ پائِي…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- سُورَ مَ وَڃيِجا، سَڄَڻُ جِيئَنِ سانگِ وِئو، پِرِينءَ پُڄاڻا، آئُون اَوِھان سين اورِيان.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- مَرُ مَران مُون ڪَمُ، اَڪَمِي ڪامَ مَري، دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، رَھي سا رَنَ ٿِئي.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- جِيءُ مُنھِنجو جَنِ، اَنگُڙِيارو وَڍِئو، پُڄاڻا پِرِيَنِ، سِبان سَڄو نَہ ٿِئي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ھُوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تَنھِن کي چَرِي چُوَنِ، اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، ھوتَ پُڄاڻا ھُونِ، پَرا تَنِي پُونِ، ڏِٺو جَنِ…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ھوتَ ھَلَندي جي ڪِيُون، مُون سين ڳالِهڙِيُون، ھاڙِھي وِندُرَ وِچَ ۾، سَمَرُ سي ٿِيَڙِيُون، کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي پِرِينءَ پُڄاڻا…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، لُوٺو لُڊاڻو، تو پُڄاڻا سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو، ڪِجي نَہ ماڻو، مِيان مُحتاجَنِ سين.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، ٻَرِئا رَنگَ رَتولَ ، تو پُڄاڻا سُپِرِين، ھِينئَڙي اَچَنِ ھولَ، جي مُون سين ڪِيَئِي قولَ، سي…[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- نَہ وارِثُ نَہ وَلَهو، سَڱُ نَہ سِياڪو، تو پُڄاڻا سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو، پانڌِيا پارانڀو، ڏِجان ڍاٽيءَ ڍولَ کي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- رِءَ رَتُ روءِ، ڳَلِيُون نِھاري ڳوٺَ جُون، ماڙِيُون مَحَلَ مَڱَرُ ٿِئا، پِرَ پُڄاڻا پوءِ، سوڍا سُورُ سَندوءِ، چَوَڻَ کان چَئوڻُو…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- وِئَڙا ڳُڻَنِ سان، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِري، تَنِ پُڄاڻا آنءُ، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]