پُڄاڻا جي سنڌي معنيٰ
پوءِ، کان پوءِ، بعد.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Post, after, then, then after.
پُڄاڻا جا بيتن ۾ حوالا
ماڻِڪُ مُنڌَ ھَٿان، پيتِيءَ ۾ پُرزا ٿِئو،
سَڄو جان سَيِّدُ چئَي، لَھي لَکُ سَوا،
ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمائِين پَري ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 25 ]
سَڄو جان سَيِّدُ چئَي، لَھي لَکُ سَوا،
ڀَڳي پُڄاڻا، پَدَمائِين پَري ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 25 ]
اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، پَکو نَہ، پِيتَمُ،
دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، جَا رَھي سا رَنَ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 1 ]
دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، جَا رَھي سا رَنَ ٿِئي.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 1 ]
ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، ھوتَ پُڄاڻا ھاڻِ،
اللهَ سيئِي آڻِ، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 13 ]
اللهَ سيئِي آڻِ، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 13 ]
ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، ھوتَ پُڄاڻا ھِتِ،
پُنهونءَ جِيءَ پِرتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 14 ]
پُنهونءَ جِيءَ پِرتِ، ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 14 ]
ناھِ جَمِيعَتَ جانِ کي، پُنهونءَ پُڄاڻا،
سي مُون سِيباڻا، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 15 ]
سي مُون سِيباڻا، جَنِ ساءُ چَکايُمِ سِڪَ جو.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 15 ]
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، آڌِي آھُون پُونِ،
مُئي پُڄاڻا مُنڌَ کي، روجَهہ رُڃنِ ۾ رُونِ،
ڀُڻان اِيئَن چُوَنِ، تَہ مُئِيءَ اَسان کي مارِئو.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 13 ]
مُئي پُڄاڻا مُنڌَ کي، روجَهہ رُڃنِ ۾ رُونِ،
ڀُڻان اِيئَن چُوَنِ، تَہ مُئِيءَ اَسان کي مارِئو.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 13 ]
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، وارِيان تان نَہ وَرَنِ،
حَيفُ پُڄاڻا ھوتَ جي، گهارَڻُ مَنجِهہ گهَرَنِ،
لُڇان لَئي ليڙَنِ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 16 ]
حَيفُ پُڄاڻا ھوتَ جي، گهارَڻُ مَنجِهہ گهَرَنِ،
لُڇان لَئي ليڙَنِ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 16 ]
ديسِي سيڻَ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪِھَڙا پِرِين،
لَڏِئِو لاڏُوڻا ڪَرِئو، موٽِئو ڏيھَ وَڃَنِ،
پُڄاڻا پِرِيَنِ، ڪِجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 7 ]
لَڏِئِو لاڏُوڻا ڪَرِئو، موٽِئو ڏيھَ وَڃَنِ،
پُڄاڻا پِرِيَنِ، ڪِجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 7 ]
آھِيان جَنِ سَندِي، مُون کي سي نَہ ڇَڏِيندا ھوتا،
ويٺِي آھِيان واٽَ تي، آئُون آسَرَوَندِي،
پَهائِيندِيَسِ پِرِينءَ کي، ڳِچِيءَ پائِي گَندِي،
پِرِينءَ پُڄاڻا جيڏِيُون، آئُون رَتِي تان نَہ رھندي،
ڪَرَمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، آئُون پِرِينءَ مِڙَندي.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 2 ]

ريءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِئو، وِرِھَ چَران ويٺِي،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي،
تو پُڄاڻا سُپِرِين آئُون سُورَنِ سانڀيٽِي،
جا مَرضَنِ مَروٽِي، سا سَرَتِيُون ڪِيئَن سَگهِي ٿِئي.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 2 ]