جِيئان بابت
معنيٰ
جيئري / جيئرو رھان، زندھ رھان، تڳان، حيات ھجان.
Live, in life, exist.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَئِين مُون کي زورِ مَ جَهلِيو وو جيڏِيُون وو، آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي ھاءِ ھاءِ، سُورُ تُنھِنجو سُپِرِين، مَعذُورِ کي…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين، سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان، گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ھاڻِ جِيئان جيڏِيُون، زُلفَ زافُ ڪِياسِ، ڪاڪُلَ آئُون ڪُٺِياسِ، ڀَنڀورَ جو.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- مارِئو جَي مَعذُورِ، تَہ ھَٿائِين ھورُ لَھي ساڄَنَ آھِنجي سُورِ، ڪِينَ جِيئان ٿِي ڪيچِيا.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- نَڪِي ٿِي جِيئان، نَڪِي مُئِي آھِيان، ساڄَنَ ساھُ ڏِيان، توکي سارِئو سُپِرِين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڪُٺِيَسِ ڪوھِيارا، ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جي وِرُونهَڻَ وارا، سي وَڃَنِ جَتَ جَڏِي ڪِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪُٺِيَسِ ڪوھِيارِي، ڪِينَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون، مادَرِ وِڌِيَسِ مَچَ ۾، ٻاروچي ٻاري، مُيُون جو ماري، سو مان گُوندَرُ گَڏِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- چانڪِ آيُسِ آڳاھِين، اُتهيِن اُڀِي آھِيان، پِرتِ پَراھِين، ھاڻي مَران مَ جِيئان.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪيچِي ڪَندا ڪوھُ، مُون مُئي کان پوءِ، اَچِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾، ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، جِيئَڻ جاڙَ ٿِئو، پَٻُ پارَسَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪاڪِ ڪَڙِھي وَڻَ وِئا، جَلِي مُنھِنجِي جانِ، رَکِي ڪامَ ڪَڻِڪِئو، مارِيَسِ تَنھِن گُمانَ، ھَڏِ نَہ جِيئان ھاڻِ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- ويراڳِي واڳِي، ڏِينِ ڏِھاڙِي ڏِيلَ کي، راوَلَ رَتين مولِهيين، سامِي سُھاڳِي، لَنئُن جَنھِين لاڳِي، سو جوڳِي پَسان تَہ جِيئان.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- سُتي سَنڀِرِئوم، ڪو ڳُڻُ ٻاروچَنِ جو، ڪَنڌِ وِھاڻو ڀِنُو، ھَرِئو ھَٿُ ٿِئومِ، سَڄَڻُ يادِ پِئوم، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- سَنڀِرِئو جِيئان، ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڳُڻَ ڪيتِرا ڳَڻِيان، ٿورَنِ مَٿو ناھِ ڪو.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- وِئَڙا ڳُڻَنِ سان، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِري، تَنِ پُڄاڻا آنءُ، جاڙَ جِيئان ٿِي جيڏِيُون.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- ھِنَ سُڻاڻِيءَ کان سُومَرا، ناحَقُ ٿِي جِيئان، موٽائي مَلِيرَ ڏي، ڪِھَڙو نَڪُ نِيان، جاڙَ ٿِي جِيئان، مُنھُن نَہ ڏِٺُمِ مارُوئين.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- جيڪَرَ ڪِينَ جِيئان، اِنَ جاڙَ مُقابِل جيڏِيُون، ڪِھَڙو مُنھُن مَلِيرَ ڏي، کَڻِي نَڪُ نِيان، ڪَنھِن کي ڏوھُ ڏِيان، جُھ اَصلِ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- واجهائي وَطَنَ کي، ساري ساھُ ڏِيان، سِڙي ساڻيھَ سامُهين، مُنھِنجِي نيجِ مِيان، مُقامِياڻِي مارُوئين، وَڃِي ٿَرِ ٿِيان، مُيائِي جِيئان، جَي…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- پَٽُ نَہ پَرَھِيان سُومَرا، جان ڪِي تان جِيئان، آئُون ڪِيئَن لوئِي لاھِيان، ڪارَڻِ ٻِنِ ڏِينھان، جان سين ٿِي جِيئان، ڪانڌُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- لَووَرياڙي آھِيان، وارِيان تان نَہ وَرَقُ، سانڍِئُمِ سُپَيرِيَن لَيءِ، لوئِيءَ اَندَرِ لَڪُ، ڪَنڌِ ڪاسو پَٽِ پاسو، ڏِنُمِ تَنَ تَرَڪُ، سَندو…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- ڪَنھِن تَڙِ ڏيھائِي، ڪِٿي اُٺَنِ مِينھَڙا، مُون وَٽِ مُون پِرِيَنِ جِي، ويھِي ڪَرِ وائِي، آئُون اَڳَ ڍائِي ، مَنَ سَنِيھو…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- کائُرِ ڏانھَن کَڻِي، ويڙهِيچا وِئا، لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا، جيڏِيُون جاڙَ جِيئان، مُنھُن نَہ ڏِٺُمِ مارُوئين.[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- مُنھِنجو مَنُ مِيان، واڳِئو ويڙِهيچَنِ سين، پَھِي پاکِي پَٽِڙِي، پِرِيَنِ ساڻُ پِيان، حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي، ھِتي تان نَہ ھُئان، پيرُ…[ سُر مارئي - وايون ]