ڀورِي بابت
معنيٰ
سادِي، اڄاڻ، ڀورڙي، مورک.
Artless, innocent, simple. Aloof.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جان، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ، تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جِيئَن، وَنءُ صَرافَنِ سِينءَ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جِتِ، ڪوھُ نَہ رُنُئِي تِتِ، ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڀورِيءَ جا ڀِري، سيڻَ سَلامَتَ آيا، تَني کي ڦِرِي کِلِي تَنھِن کِيڪارِيو.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- پَڳَھَ پاءِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، مَتان ڇُوھي ڇِنائي، ساندارو سَمُنڊَ جو، اَڙانگو آھي، تو پانھِنجا نَہ ڪِئا، واري وَرائي، ھُوندَ نَہ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ڪونِهي اُتِ ڪوھِيار، جِتِ تو ڀورِي ڀانيو، پَنڌُ مَ ڪَرِ پاھَڙَ ڏي، وُجُودُ ئِي وَڻِڪارَ، ڌارِئان ڀانِئجِ ڌارَ، پُڇُ پِريان…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- پيئِي ٿِيي پِيمالُ، سا مُنڌَ مَري نَہ جِيئي، ڀورِي ھِنَ ڀَنڀورَ سين، ھَڏِ نَہ ڳَرَھي حالُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- ٿُڙُ وَٺِي ٿاھَرَ ڪَرِ، ناحَقُ ڏارَ مَ ڏورِ، لَڳِي لَڙَھَہ لامُنِ جي، ڀورِي مَنَ مَڀورِ، صاحِبُ سوئِي سورِ، سَڀَنِي جو…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڀينَرُ آئُون ڀورِي جَنھِن مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، ڏِيندا مُون ڏيرَ وِئا، جِهڄَڻَ ۽ جهورِي. لَڳِي جَنِ لورِي، ڏُونگَرُ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، شامَ سُتِيئَن سَڀَ راتِ، اوڳِي اوٺِيَڙَنِ جا، پَھَ پُڇِين پِرِڀاتِ، ٿِيءُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ،…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، سُتِيئَن راتِ سَڄِي، ھِتان ھوتاڻِينِ جُون، وَھِيُون کُرجِينُون کَڄِي، ڀورِي تُون ڀَڄِي، سَبَبِ ڪَنھِن ساٿِ…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- جِيئَن جِيئَن ڀِڄي راتِ، تِيئَن تِيئَن تاڻي پَنڌَ ۾، ڀورِيءَ ٻِي نَہ تاتِ، جيڪا سا جَتَنِ جِي.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- واري وَرائي، تو پَنھِنجا نَہ ڪِئا، ڀورِي رَنجائي، ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتِري.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- لَڳِينءَ لاڳاپي، ڀورِي مُنڌَ ڀَنڀورَ جي، پِرِين وِڃايُئِي تي، ڏُکِي ڏورِيين ڏُونگَرين.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- سِياڪو سيڻان، ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، آٽَنِ مُنھِنجا اَڱڙا، ڪالُهون پوءِ ڪيڻانِ، ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتَري، وَھِئِيَن جي…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- جوڳي جاڙَ ڪَري، مُون ڀورِيءَ نَہ پُڇئا، ھُيون جَنِ ڳَري، سُڌِيُون سَندِيُون سَڄَڻين.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- رِيڌِيئَن پَسِي رَنگُ، ھُو جو مَٿي مَڻيي، ڀورِي ڪِئوءِ نَہ ڀَنگُ، چَنيسَر جو چِتَ ۾.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- چَنيسَرَ سين چاءُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڪَري، جو تو ڀورِي ڀانيو، اِيءُ رِيساڻو راءُ، پاڻَ ڌاران پَرياءُ، ڪانڌَ ڪَھِين جو…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- لِيلان جِمَ لَکائِيين، چَئِي چَنيسَرَ ساڻُ، وَرَ سين وِڙِھِئو اُٿِيين، مُوڙِھِي مُٺِئي پاڻُ، ڀورِي ڪِيُئِي ڀاڻُ، آيُئِي ڏَنءُ ڏُھاڳَ جو.[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- ڀورِي تو ڀَؤُ نَہ ڀانيو، لِيلان تو لِهورُ لَڄايو، ڪوڙي مَڻِيي ڪَچَ تي، مُوڙِھِي تو مَردُ مَٽايو، ھِرِکي ويئِيين ھارَ…[ سُر ليلا - وايون ]
- وَرَ سين وِجِهئو ڪاڻِ، کَرَ سين کِلِئو اُٿِيين، ڀورِي مُنڌَ اَڄاڻِ، ڪَڻَ ڇڏِئو تُھَ ميڙِيين.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- اَڄُ پُڻ اُجَهڻَ کي مَرين، نَڪِي ڪِتُئِي ڪالَهہ، اَرٽَ اوڏِيائي نَہ وَھين، مَحڪُمُ وَٽِيين نَہ مالَهہ، ڀورِي تو سين ڀالَ،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- سي تو وَھيءَ وِڃايام جٖي ڪَتَڻَ سَندا ڏِينھَن، اَرٽَ اوڏِيائي نَہ ٿِيين، ڀورِي ڀورو سِيئَن، تَندُ پَسَندِينءَ ڪِيئَن، ھاڻي تُون…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪا ھِنيَين سين لاءِ ڀورِي، ڪاھِنيين سين لاءِ، پَھِيُون تُنھِنجُون جِهرڪِنِ جَهٽِيُون، ٻِيُون اُڏايُون واءَ، اَرِٽُ پَسِي اوجَهرين، توکي سُمَهڻَ…[ سُر ڪاپائتي - وايون ]