وِچِ بابت
معنيٰ
اندر، ڀيتر، ۾.
In, within, center.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَنڊَ ٿو چُئَئِين حَقُ، وِڙِھين جي وِچِڙين، ٻَہ اَکِيُون ٽِئون نَڪُ، تو ۾ ناھِ پيشانِي پِرَ جِي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪَري ، گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ، سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساھَڙُ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻوڙِيائِين ٻاھُون، ويچارِيءَ وَڏِيُون ڪِيُون، وِچِ دَرياھَ دانھُون، موٽُ مُحِبَ پاھُون، تاڪُنِ تَڪِي آھِيان.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڪُوفِيُنِ خَطُ لِکِئو، وِچِ وِجِهي اللهُ، اَسِين تائِبُ تُنھِنجا، تُون اَسانجو شاھُ، ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، تَہ تَختُ تابِيني تُنھِنجي.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ھيجُ نَہ ھُوندو جَنِ، سي ڪِيئَن وِندُرِ ويندِيُون، وِھو وِچِ رَھَنِ، سَھِسين سَڌُنِ وارِيُون.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ قُدامَ، وِچِ وَسِيلو ناھِ ڪو، اوري آرِيءَ ڄامَ، ھِنيين لاھي ھامَ، پاڙِجِ ڪومَ پُنهونءَ سين.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- ٻَڌِي سُورَنِ سَندِرو، صُبُوحِ ڏُونگَرِ ڏورِئامِ، ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ، سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- مُيَسِ مَرُ مَران، سُيَسِ وِچِ سَرَتِيين، اَدِيُون آرِيچَنِ جي، سُورَنِ مَنجِهہ سَڙان، پورِھِيَتِ ٿِي پَران پاسي پُنهونءَ ڄامَ جي.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- ڏاتَرَ ۽ مَڱَڻي، ڪو نَہ وَسِيلو وِچِ، سائِي تالَ تَندُنِ جِي، سائِي چارَڻَ چِتِ، جي ھُتي جي ھِتِ، تَہ ڳالِهہ…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- سِڪي ھِنيُون سَڌَ مَري، راڻي جِيءَ رِھاڻِ، موٽائي مَينڌَرو، اللهَ اَڱَڻِ آڻِ، تان مُون پَئي نَہ ڪاڻِ، صَباح وِچِ سَرَتِيين.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- رامَڪَلِي دُکِئا ڪَھي، سُکِئا ڪَھي نَڪو، ڪو مِٽِيءَ ڪو مائِٽِيءَ، ڪو روچِيءَ کي روءِ، رامَڪَلِي سو ڪَھي، جَنھِن جي ڀاڳَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، سانجِهيءَ رَھَنِ سُمَهِي، بُکَ مَرَندي بِکِئا، ڪَنھِن کان ڪِينَ گُهرَنِ، ڦَڪِي فَقِيرَنِ، ماڳِئا پِنِي ماٺِ جِي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- سَنجهي رَھَنِ سُمَهِي، وِچِينءَ ويٺا ھُونِ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، راوَلَ رَتو رُونِ، وِھاڻِيءَ واٽنِ تي، پاسا کوڙِئو پُونِ، مَھيسِي…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ڪَري ڪانگَ ڪُرنِشُون، پيرين پِرِينءَ پَئيجِ، آئُون جٖي ڏيِين سَنِيھَڙا، وِچِ مَ وِساريج، لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڳُجهو ڳالَهائيجِ، چُئان…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي دُونهِنِ دَڙَ، ساڙي سِڪَ سَنِها ڪِئا، تَنِ مَحَبَتِيَنِ مَڙَهَ، جِيجان ھَڻِي جَڙَ، نانگا نِسورا ٿِئا.[ سُر پورب - جوڳي ]
- وِچِينءَ ويراڳِيَنِ جِي، مَٿي ڪَڻِڄَ ڪُوڪَ، ساڙي سِڪَ سَنها ڪِئا، مُحبَتِي مَلُوڪَ، تَنِيءَ سَندِيءَ ھُوڪَ، جيڪَرَ جوڳِياڻِي ٿِيان.[ سُر پورب - جوڳي ]
- نَئُون نِينھُن لَڳومِ، راتِ رَمَندي ڍولَ سين، سو سِينگارُ ٿِئومِ، صُباح وِچِ سَرَتِيين.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جِيَنِ سي سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان، مانَ لَھَنِئُون سارَ، وِچِ وِلِهي ڏِينھَڙين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- پاڻا مَٿي مَڱَڻي، ڏاتَرَ ڏُکَ ڪِئا، مُون دَرُ ڇڏِئو مَڱڻا، پِنين ڪوھُ ٻِئا، تيلاھِين پِئاءِ، وِچِ وِلَها ڏِينھَڙا.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جانۡ ڪَتَندِينءَ تانۡ ڪَتُ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪو پَنھِنجي عِيدَ لَيءِ، ڀيري ڪِجِ ڀَرَتُ، مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ٿُلُهو سَنُهو اَگِهئو، ڪِي جَي ڪِتائِين، تَہ مَرَڪِئو مَٽِئائِين، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- عاشِقُ ڀانئين اِيئَن، تَہ سِڪَ ڪَنھِن کي نَہ سَلان، وَھَنِ اَکِيُون وِرڄي ھِنيُون، وِچِ رَھَندِي ڪِيئَن.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو، ڪَنِي مَنجهان ناھِ، صُباحَ وِچِ وِھانءِ، ڪاٿَي ھُوندو ڪَنِ سين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- عُمَرَ اَڇو تُون، تِيئَن آئُون مَرَڪان وِچِ مارُوئين، مُنھُن نَہ ميرو مُون، سِيلَ تُنھِنجي سُومَرا.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]