آھِينِ بابت
معنيٰ
آھن، اھي آھن
Are
بيتن ۽ وائين ۾
- سَگَهنِ سُڌِ نَہ سُورَ جِي، ٿا رُڻِڪَنِ رَنجُورِي، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾، مَٿِنِ مامُورِي، لَڳيَنِ لَنئُن لَطِيفُ چئَي، سَدا جِيءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- ڀَلا ئِي آھِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانھِنجي، سَٻاجها سِرِ چَڙِهي، ڏوراپو نَہ ڏِينِ، جَي مُون ڏانھَن مَدِيُون ٿِيَنِ، تَہ سَڄَڻَ سَڄايُنِ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ھيڪاندا ھُونِ پِرِين، سانگِ مَ وَڃَنِ سيڻَ، رَھيا آھِينِ رُوحَ ۾، نِتُ جَنِي جا نيڻَ، جَنِ وِماسِئا ويڻَ، تاريءَ تَڳي…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَنڍَرُون، اُتَرَ ڏي آھِينِ، جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ، مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- آيا اُجارِينِ، تَنگَ تَرارِيين تِئُرا، ساڻِڪِيُون سائُنِ ھَٿَ ۾، ڪُلَهِنِئُون نَہ لاھِينِ، اُڀائِي آھِينِ، مَهائِي مَڙَڻ تي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- پُڇِيوءِ تَہ پُورِ، نَہ تَہ پُڇَڻُ ھوءِ نَہ پِرِينءَ کي، ڏورَڻَ وارِيُون ڏُورِ ھَڏِ نَہ آھِينِ ھوتَ کي.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- جُھ يارُ ڏٺائُون يارَ جو، تَہ پُٺِيءَ پيرُ ڪَڙِينِ، ڦِرِئا نَہ فَرمانَ کان، اُنِهِي ۾ آھِينِ، ڏِسِئو نَہ ڏاڙِهينِ، شَبانَ…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- اَڃا ڪي آھِينِ، جيسَرَمِيرِياڻِيُون جَڳَ ۾، نِيو لِڱ لائِينِ، لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڙي وَسَنِ مِينھَڙا، صاحِبَ ھَٿِ سُڪارُ، ھِنَ وَسِ آھِينِ ھَٿَڙا.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جُون، اَنڌِيءَ سين آھِينِ، ھُو جٖي وَڻَ وِندُرَ جا، سي مُون سُونھائِينِ، ڏِسِئو ڏيکارِينِ، پيشانِي پُنهونءَ جي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- اَکِيُون آرِيءَ ڄامَ جُون، آھِينِ اَنڌِيءَ ساڻُ، پَسِي ڪَندِيُون پاڻُ، پيشانِي پُنهونءَ جِي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، روھَ جَبَلَ روڏا، وَڃِئو چَڙِهي اُنِ تي، جي اَڀَنِ کي اوڏا، آھِينِ اَڻَ سُونھِن کي، ڀَر…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- جَتَنِ جا جيڏِيُون، ھُئَڙَمِ سُکَ سَرَتِيُون، پيرُ نَہ ڇَڏِيان پِرينءَ جو، جي ھوتُ ڪَري ھيڏِيُون، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيڏِيُون، آھِينِ اُمِيدُون…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- سُورَ نَہ ساڱاھِين، ڏِينِ اُڌَما اوچِتا، مُون کي مُون پِرِيَنِ جا، اَمَيا آھِينِ، لَڄُون جي لاھِينِ، سيئِي ٿِيَمِ سامُھان.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڪَڏِھِين تاڪِيُون ڏِينِ، ڪَڏھِين کُلنِ دَرَ دوسِتَنِ جا، ڪَڏِھِين اَڃان اَچَڻُ نَہ لَهان، ڪَڏِھِين ڪوٺِئو نِين، ڪَڏِھِين سِڪَھُون سَڏَ کي،…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- توکي مَعلُومُ مُنھِنجُون، سوڍا سَڀَيئِي، آڳانڍو اَرواحَ کي، آھِينِ اُھيئِي، وِھَڪَ مُون ويئِي، پُڇايو پُڇان پَھِي.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- پيھِي ڇَپَرُ پَسُ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو، توکي ڏِيندا ڏَسُ، ڏوٿِي آھِينِ ڏيھَ ۾.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]
- جُزُ وِڃايو جوڳِيين، ڪُلَ سين آھِينِ ڪَمُ، آسَڻُ جَنِ عَدَمُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- مِٽَ نَہ مَعذُرِيَنِ جا، جوڳِي جاٽَ نَہ نِينِ، اِنِهِيءَ ۾ آھِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ٽي ڏِينھِن ٽَمَڪائِينِ، دُونھِيُون دائِرَنِ ۾، ميڙِئو ڪَڻِڄَ ڪاٺِيُون، جوڳِي جَلائِينِ، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آديسِيَنِ آھِينِ، ڳُجُهہ نَہ ڳالَهائِينِ، لِڪا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- سورَھين ڏِينھِن سَيِّدُ چئَي، ڪا بُولي ڪاھِين، چوتا چاڙِھئو چيلِهِہ تي، سَناسِي ساھِينِ، ڪِينَ قَندِيلَ ڪَڇَ مان، لاھُوتِي لاھِينِ، اِنَهِن…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- اُوڻِهئين ڏِينھِن امرَ ۾، آديسِي آھِينِ، ڪَنھِن پَرِ اچي ڪاپَڙِي، لکِئي ٿا لاھيِنِ، نَڪِي اڏِئائُون نِجُهَرا، نَڪِي ٿا ڊاھِينِ، ويٺا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ھي جٖي ڪَنَ ڪَپارَ جا، سُوڌو سي نَہ سُڻِينِ، اَندَرِ جٖي آھِينِ، سُڻُ سَنِيھو تَنِ سين.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- اَڃا سي آھِينِ، سَزاوارَ سِڱِينَ جا، ويٺا وَڄائِينِ، جٖي سَناسِي سُڻين.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- اَڱَڻِ آھِينِ اَڄُ، صُبحِ ويندَءِ صابِرِي، ڪِجِ ڪو ڪاپَڙِيَنِ مان، رُوحَ رُچَندو رَڄُ، پيرَ اُنِين جا پُڄُ، مَتان سِڪين سَناسِيَنِ…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- تان ڪِي وَٽِنِ ويھُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، ڏُورِ چِتائي ڏيھُ، ڇَڏي سُکُ ساڻيھُ، مَٿي گَنگا گَجِئا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- تان ڪِي وَٽِنِ وَڃُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، رائو چِتائي رُڃَ، اِھَڙا جَنِ اُھِڃَ، سي ڪَرَمِ مِلَندا…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- تان ڪِي ساڻُنِ اورِ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن ۾، پاڻُ مَٿانئُنِ گهورِ، وِئا جٖي ھِنگِلورِ، سي…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- تان ڪِي وَٽَنِ آءُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾، وِئو تَنِ نَہ وِسَرِي، لاھوتِيءَ ڪو لاءُ، فَنا ۽ فِراقَ جو، سامِيَنِ…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- نَہ کِلَنِ نَہ کِينِ ڪِي، نَڪِي ڳالَهائِينِ، ڪَنھِن جَنھِن ۾ آھِينِ، سا پَرِ پَروڙَڻُ ڏاکَڙو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- فَييَئُون فِڪرَ فِراقَ ۾، آديسِي آھِينِ، سَڳا سيلِها گَبرِيُون، جوڳِي جَلائِينِ، إِنَّ ٱلَّذِينَ فَتَنُواْ ٱلۡمُؤۡمِنِينَ ، سَناسِي ساھِينِ، سَنگَتِ سَنوارِينِ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- واوَئُون وَرَقُ وِصالَ جو، ويراڳِي وارِينِ، وَرِيُنِ واءُ وِصالَ جو، اُڪَنڊَ ۾ آھِينِ، سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لوڪَ نَہ لَکائِينِ، وَٱللَّهُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، وِئا نَہ ويراڳِي، جِندا تو جاڳِي، نانگا ڪِينَ نِھارِئا.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- جوڳِي آھِينِ جُوءِ ۾، پَرَ نِھارِيندَڙُ ناھِ، جٖي مَھيسِي مَنَ ماھِ، سي ٿاڻي ٿورا ڪاپَڙِي.[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- اَصغَرَ ڏي آھِينِ گَهڻا، تُون اَڪبَرَ ڏي آءُ، مَتان لوڙو، لاھِيين، مَجُوسِيءَ مَٿان، حَيدَرِ جي ھَٿان، وِڙُھ تَہ ويرِي مارِيين.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- ڪوجها پَسُ ڪَرِيمَ، جي آھِينِ تُنھِنجي آسِري، پائي پَنھِنجي پاٽِ ۾، سِگهو ڏي سَلِيمَ، ھَٿان تو حَلِيمَ، وِڙَ پُڻ وَڃَنِ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- اَڏي اَڏي اولَ، ڇَڏي وِئا ڀيڻِيُون، ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- اَڏي اَڏي اوڏَ، ڇَڏي وَھِئا ڀيڻِيُون، ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- اَڏي وِئا اوڏَ، حُجِرو لاکي ڄامَ جو، پَسُ ڪوڏارا ۽ ڪوڏَ، پِئا آھِينِ پَٽَ ۾.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- ويٺي مَنجِهہ وَٿاڻَ، ڪَنڌِ جَهلبين ٻَڪِرا، توتي تو ڌَڻِيَنِ جِي، آھي اِھائِي آڻَ، اوچِتا پَرياڻَ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻيَنِ جا.[ سُر ڏھر - اڄ گهرجين تُون ]
- اَکَڙِيُنِ کي آھِينِ، عَجَبَ جِھَڙِيُون عادَتُون، سُورَ پَرائي ساٿَ جا، وَڃِئو وِھائِين، اُتي لَنئُن لائِينِ، جِتِ حاجَتَ ناھِ ھَٿِيارَ جِي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- اَکِيُنِ کي آھِين، وَڏا واجهَہ وِڙَھڻَ جا، اُڀِيُون مَنڊي مامِرو، جهيڙو نَہ لاھِينِ، جِيئَن سي ڪَڪَرَ اُڀَ ۾، تِيئَن آگِمَيُون…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ڍيٻَرَ ڪَتَنِ ڍيرِيُون، اوڇَڻُ جَنِي اُنَ، کَيٿَرِيُون کَٿَنِ ۾، تاڻِئو وِجَهنِ تُنَ، سَرَتِيُنِ ساڻُ سَمَنَ، آھِينِ اُٺي مِينھَڙين.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهگَلِ رَھَڻُ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻِي، مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي، وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- سَرَتِنِ سَختَ سَنِيھَڙا، ڏيئِي مُڪا ڏُونھِن مَلِيرَ، آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ، چَسا کائِي چُورِما، ھِرِيئَن ساڻُ حَمِيرَ، ڪَنڊا…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- ھَنجَ نَہ ھُلائِين، سَڄَڻَ نَہ ٽِلَنِ سيرِيين، لَڏي ڏورِ نَہ وَڃِڻا، مَرِي مَ ڦوڙائِينِ، سُڃا پَڊَ پِرِيَنِ جا، کَنَرَ ٿا…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]