سَنگهارَ بابت
معنيٰ
وڏي مال متاع وارا، وڏا ڀاڳيا.
Owners of live stock, name for Thari herdsmen.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ، آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ، وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، آھي ۾ آزارَ، ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ، توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ،…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ، آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ، آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ، گهَرِ گهَرِ گِلا…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- سارَنگَ سارَ لَھيجِ، اللهَ لَڳِ اُڃِيَنِ جي، پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرِزان اَنُ ڪَريجِ، وَطَنُ وَسائِيجِ، تَہ سَنگهارَنِ سُکُ ٿِئي.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وِڄِئا، تاڙي ڪَئِي تَنوارَ، ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ، اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڍَٽِ ڍُرِي پَٽِ پييُون، ڪِئا وِڄَڙِيَنِ ڌَرَمَ، واحِدَ وَڏائِي ڪِئا، ڪُنڊِيُنِ ساڻُ ڪَرَمَ، سَنگهارَنِ شَرَمَ، رَکُ مُنھِنجا سُپِرِين.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- واھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونھِن کَنڀاتَ، ڪُنڍِيُون ڪاھي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ، سَنگهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ، جُهوپي…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا، سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ، ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ…[ سُر سارنگ - وايون ]
- سَنگهارَنِ ساري، ساٿِي ڏيجِ سَنِيھَڙو، سا ھيڪَلِي گهاري، مُنڌَ ڪاڇي ڪَنڌِيين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- ڪاڇي پيئِي ڪُوڪَ، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِئو، مادَرِ ھُئا مَلُوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- ڪاڇي ڪاھِيائُون، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِئو، مُون تَنُ مارِئائُون، پاڻان وِجِهي گُوندَرين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- ڪاڏي وِئا سَنگهارَ، جٖي ھِتِ ھُئا ھِنِ ڀيڻِيين، ڪاڇي ٻِنِهي پارِ، ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جِيَنِ سي سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان، مانَ لَھَنِئُون سارَ، وِچِ وِلِهي ڏِينھَڙين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جِيَنِ سين سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان، جَنِي سَندا ٻارَ، اَٺَئِي پَھرَ اَگُوندِرا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- ڌَڻُ ڌارَڻُ ڌارَ رَھَڻُ، اِيءَ نَہ سَنگهارَنِ سِٽَ، ڪاھي اِيندا ڪَڏِھِين، مَٿي وانڍ وَھِٽَ، جَي ھاڻُو ھُونَئِي مِٽَ، تَہ پِہ…[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- ڪيرَ ڪَرِيندِي رِيسَ، آيَلِ سَنگهارَنِ سين، جَنِي جِيءَ خَمِيسَ، واڙِيُون واري ڇَڏِيُون.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جِهڄان پَسِئو جهوڪَ، آيَلِ سَنگهارَنِ جِي، جَنِ ٿي پَھِيين پِيارئو، مَنجهان مَٽَنِ موڪَ، لَڏي وِچان لوڪَ، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جهوڪُون نَہ جُهڻِڪَنِ، وَڳَ نَہ پَسان وَٽِ ۾، آيَلِ سَنگهارَنِ، جيڪُسِ چِٽاڻُو چِتِ ڪِئو.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- مَنڌِيءَ مَٽَ گُڙَنِ، وَڳَ نَہ پَسان وَٽِ ۾، آيَلِ سَنگهارَنِ، جيڪُسِ چِٽاڻُو چِتِ ڪِئو.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- مَنڌِيءَ مَٽَ گُڙَنِ، جهوڪُنِ سُونھَنِ پَھِيڙا، سَندِي سَنگهارَنِ، جُوءِ جِياري جَڏڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين لَڏِ، تَہ ھاڃي سَندِي ھَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين لَڏِ، جَنِي سَندي سَڏِ، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ پاڙي، جَنِي جي واڙي، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين گهارِ، جَنِي سَندِيءَ واڙِ، چورُ نَہ اَچي ڪَڏِھِين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- جَي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ رَھُ سَنگهارَنِ سيڙِھي، جَنِي جي ڪِيري، چورُ نَہ ڇُھي وَڇَڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- وانءُ ڪُنڍِيُون ڪاھي، سيڙِھي سَنگهارَنِ جي، مِينھُن نَہ مَٽائي، اُنِهين سَندا پَکَڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- آيَلِ سَنگهارَنِ سين، جيڪا گهاري ماءِ، توڻي ھوءِ اَوڳُڻِي، تَہ بِہ رُکو مُورِ نَہ کاءِ.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- وَنِھيَنِ سَنگهارَنِ جِي، سُونھارِي سانجاڻَ، پوءِ ٿا پِيَنِ پاڻَ، پھرِين پِيارِينِ پَھِيڙا.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- عُمَرَ ٿِئَمِ اَپارَ، وِرھُ وَٽِيندِيَسِ ڪَنِ سين، سي ڏوٿِيَڙا ڏُورِ ٿِئا، تَڳان جَنِ تَنوارَ، سَٽائُون سَنگهارَ، کُوھَنِ تان کَڻِي وِئا.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي هَنجُون هارِ، تو تان بَندُ بِدا ٿِئو، ٻيڙِيُونۡ نيئِي ٻارِ، پَھچَندِيئَن پَنوَهارِ،…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- مُنھِنجو هِينئڙو سَنگهارَنِ ساري، هُوءِ جي ويجها وَسَ کي، آءُ حَمِيرَ ڀَڃُ زَنجِيرَ، هِيئَن نَہ سَگهان هِتِ گهاري، اِلاهِي عِنايَتَ…[ سُر مارئي - وايون ]
- مِينڍي ۾ مَرَجانُ، ڪِينَ پَنوَهارِيُون پائِينديُون، مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ڪَنِ سانئَين جو سامانُ، ڪوھُ ڪَرِيان آئُون کَٽُنِ کي، مِٽِي…[ سُر مارئي - وايون ]