صُباحَ بابت
معنيٰ
سج اُڀرڻ جي مھل، صبح، فجر، سحر، پرڀات، پِرھَ ڦُٽِي، صُبوح.
Morning, dawn, time of sunrising.
بيتن ۽ وائين ۾
- گهَڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گهِڙَنِ گهَڻيئِي، سَڀَڪا چئَي سُهڻِي، لَئي پِريان پيئِي، صُباحَ سَڀَيئِي، پَسِبِيُون پاتارَ ۾.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين ھَٿُ مَ لاءِ، صُباحَ تان چُونداءِ، تَہ اَسان تو اُڪارِئو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- لَڙَڪي لَنئُن نَہ سُڃاتو، راندِ ڀانيائِين رازَ کي، اَنڌو اُلُوھيَتَ کان، آھي اِيءُ اُماتو، صُباحَ سو نَہ شُمارَ ۾، جَو…[ سُر سھڻي - وايون ]
- مُٺِي ٿِي مُدَعا گهُري، مَوتُ ٿِئو مَوجُودُ، اَچين تَہ اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ، جيڪي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- مِنَٿَ ڪَرَڻَ مُنڌَ کي، آيُون سَرَتِيُون سَڀَيئِي، رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، ھارِي ھِيتيئِي، صُباحَ سَڀَيئِي، تو سين ھَلَندِيُون سَسُئِي.[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- کُٽِيءَ لَيءِ کاڻِي، رَکِيَئِي پِرتِ پُنهونءَ سين، سُهِئو سُکِئو جِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي، ھاڃو ھوتاڻِي، تو صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڇِڪَ ٿِئي تِتِرُ لَنئي، مَٿان وَسي مِينھُن، صُباحَ سارو ڏِينھُن، اُٺَ مَ لَهو اوٺِيا.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِئو، ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ، مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ، سوڍي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ وِصالَ، اَڄُ اَرَتو اَکِيين، ڪاڪِ پيتائُون ڪالَهہ، ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، صُباحَ جِي سَنڀالَ، پَرِيءَ کان…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- وَٺِئو وَڃِجِ راھَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين، اَڄُ ڪِ سَنجَهہ صُباحَ، نيئِي ڌَرِيندَءِ ڌُوڙِ ۾.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- ڪِھَڙِي پُڇين ڪالَهہ، ڪَرَ، نَہ ڪا اَڄُ صُباحَ، وَنءُ تَنھِين سين واڳِئو، جيڪِي پَسِين مَنجِهہ پَساھَ، رَمُ رَبانِي راھَ، مَٿي…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ڪَرِ ھِئارَ ھَلَڻَ جِي، ويٺو پُڇين پَرُ، اَڄُ آديسِي مَرُ، صُباحَ مَرَندو سَڀَڪو.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- سُتو ڪِيئَن نِنڊُون ڪَرِيين، وَرَ وِھاڻِيءَ ووءِ، صُباحَ ساجُ سَندوءِ، پِئو ھُوندو پَٽَ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- مَڱُ تَنھِن کان مَڱڻا، جو ڏِھاڙِي ٿو ڏي، ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي، صُباحَ توئي کي، موٽِي ڏِيندا…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جانۡ ڪَتَندِينءَ تانۡ ڪَتُ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪو پَنھِنجي عِيدَ لَيءِ، ڀيري ڪِجِ ڀَرَتُ، مَتان روئِين رَتُ، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ڪَتَڻَ جِي ڪانَہ ڪَريين، سُتِي ساھِيين ھَڏَ، صُباحَ اِيندِيَئِي اوچِتِي، عِيدَ اُگهاڙَنِ گَڏَ، جِتِ سَرَتِيُون ڪَندِيَئِي سَڏَ، اُتِ سِڪَندِينءَ سِينگارَ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ٿُلُهو سَنُهو اَگِهئو، ڪِي جَي ڪِتائِين، تَہ مَرَڪِئو مَٽِئائِين، صُباحَ وِچِ سَرَتِيين.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ماءِ مُنھِنجو جِندَڙو، ڪَنِي مَنجهان ناھِ، صُباحَ وِچِ وِھانءِ، ڪاٿَي ھُوندو ڪَنِ سين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- جِيئَن قَطَرُ چُڻِئو ڪُڙِه ڀَرِيين، ٻولِ ڀَڃَندي ھَنجَ، موتِي جٖي مَھِراڻَ جا، پُورا چُڻِجِ پَنجَ، اَڄُ ڪِ صُباحَ سَنجَهہ، ڍَٻِيءَ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]