صُباحَ جي سنڌي معنيٰ
سج اُڀرڻ جي مھل، صبح، فجر، سحر، پرڀات، پِرھَ ڦُٽِي، صُبوح.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Morning, dawn, time of sunrising.
صُباحَ جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙَنِ وارِيُون تَڙَنِ تي، گهِڙَنِ گهَڻيئِي،
سَڀَڪا چئَي سُهڻِي، لَئي پِريان پيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، پَسِبِيُون پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 8 ]
سَڀَڪا چئَي سُهڻِي، لَئي پِريان پيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، پَسِبِيُون پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 8 ]
سُپيرِيان جي تُرَھي، ٻُڏين ھَٿُ مَ لاءِ،
صُباحَ تان چُونداءِ، تَہ اَسان تو اُڪارِئو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 42 ]
صُباحَ تان چُونداءِ، تَہ اَسان تو اُڪارِئو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 42 ]
لَڙَڪي لَنئُن نَہ سُڃاتو، راندِ ڀانيائِين رازَ کي،
اَنڌو اُلُوھيَتَ کان، آھي اِيءُ اُماتو،
صُباحَ سو نَہ شُمارَ ۾، جَو ليکِئا اَڄُ لاٿو،
پييَسِ سَھِوَ سَيِّدَ سين، ٿِيُسِ نِمرُودَ سين ناتو.
[ سُر سھڻي، وايون، 19 ]
اَنڌو اُلُوھيَتَ کان، آھي اِيءُ اُماتو،
صُباحَ سو نَہ شُمارَ ۾، جَو ليکِئا اَڄُ لاٿو،
پييَسِ سَھِوَ سَيِّدَ سين، ٿِيُسِ نِمرُودَ سين ناتو.
[ سُر سھڻي، وايون، 19 ]
جَهلي تان نَہ رَھان، پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي،
اَپَرِ عاجِزُ آھِيان، لالَڻُ جان نَہ لَھان،
فَردا مُون ڦِٽِي ڪِي، واعِدي نَہ وَھان،
صُباحَ سِينءَ نَہ سَھان، خَواھِ مارِيين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 1 ]
اَپَرِ عاجِزُ آھِيان، لالَڻُ جان نَہ لَھان،
فَردا مُون ڦِٽِي ڪِي، واعِدي نَہ وَھان،
صُباحَ سِينءَ نَہ سَھان، خَواھِ مارِيين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 1 ]
مُٺِي ٿِي مُدَعا گهُري، مَوتُ ٿِئو مَوجُودُ،
اَچين تَہ اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ،
جيڪي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 3 ]
اَچين تَہ اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ،
جيڪي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ کي.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 3 ]
مِنَٿَ ڪَرَڻَ مُنڌَ کي، آيُون سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، ھارِي ھِيتيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، تو سين ھَلَندِيُون سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 5 ]
رَھُ اَڄوڪِي راتِڙِي، ھارِي ھِيتيئِي،
صُباحَ سَڀَيئِي، تو سين ھَلَندِيُون سَسُئِي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 5 ]
کُٽِيءَ لَيءِ کاڻِي، رَکِيَئِي پِرتِ پُنهونءَ سين،
سُهِئو سُکِئو جِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي،
ھاڃو ھوتاڻِي، تو صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 27 ]
سُهِئو سُکِئو جِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي،
ھاڃو ھوتاڻِي، تو صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 27 ]
ڇِڪَ ٿِئي تِتِرُ لَنئي، مَٿان وَسي مِينھُن،
صُباحَ سارو ڏِينھُن، اُٺَ مَ لَھو اوٺِيا.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 24 ]
صُباحَ سارو ڏِينھُن، اُٺَ مَ لَھو اوٺِيا.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 24 ]
ڪَرَھا، ڪارَڻِ ڪاھَ، توکي ڌَڻِيَنِ ڌارِئو،
ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ،
مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ،
سوڍي جِيءَ صَلاحَ، ڪَونئُرَ چَرَندين ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 22 ]
ساري ڏيجِ سَيِّدُ چئَي، لُڊُوڻي تان لاھَ،
مُقابِلو مُومَلَ سين، ٿِيندُءِ سَنجَهہ صُباحَ،
سوڍي جِيءَ صَلاحَ، ڪَونئُرَ چَرَندين ڪاڪِ جا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 22 ]
لُڊُوڻِئان لوڌِي ٿِئا، وَتَنِ مَنجِهہ وِصالَ،
اَڄُ اَرَتو اَکِيين، ڪاڪِ پيتائُون ڪالَهہ،
ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، صُباحَ جِي سَنڀالَ،
پَرِيءَ کان پاسي ٿِئا، اِي مامويَنِ مِثالَ،
جانِبَ جي جَمالَ، رَڱي سَڀَ ريٽو ڪِئا.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 5 ]