سُکِ بابت
معنيٰ
سک، قرار، چين، فرحت سان.
Having peace and tranquility.
بيتن ۽ وائين ۾
- جيڏِيُون ڏِٺِيان جَي، صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪِينَ ڪِي، ڪانڌَنِ پاسي ڪي، مُونھان ئِي اَڳي، گهِڙو سَڀَ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- صُورَتَ ساھَڙَ جِي، اَئِين جَي ڏِسو سَڀَيئِي، سُمهو ڪِينَ سُکِ ٿِي، وَرَ پاسو ڏيئِي، مُونھان اَڳي ئِي گهِڙو سَڀَ گهَڙا…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي جَنِ ھيڪارَ، سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ، گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- چَڙَنِ چَرِي ڪِي آھِيان، سُکِ ٿِي سُمَهان ڪِيئَن، سارِيان ساھَڙَ ڄامَ کي، ڏَھَ ڏَھَ ڀيرا ڏِينھَن، ميھارَ مَرَڻَ سِينءَ، نِيَرَ…[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- آءُ بادَلِيا ڪِجِ بينِتِي، ڪَونُ تَمارَ ديسُ، سُکِي تان گهَرِ اَپِڻي، دُکِي تان پَرَديسُ،[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- بِرھَ مَڻايُسِ بَرُ، نَہ تَہ سُکِي ڪيرَ سَڌُون ڪَري، گهَڻو ڏورِيائِين ڏُکَ سين، ڏيرَنِ لَئي ڏُونگَرُ، وَرِي آيُسِ وَرُ، سَفَرَ…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو، راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن، ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- کُٽِيءَ لَيءِ کاڻِي، رَکِيَئِي پِرتِ پُنهونءَ سين، سُهِئو سُکِئو جِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي، ھاڃو ھوتاڻِي، تو صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، پَرَچُ، مَ وانءُ پَري، وِڌُمِ، ڦَٽُ فِراقَ جو، جِھَتَ جي ذَري، لالَڻَ جي لَطِيفُ چئَي، سُونھائِي…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، راڻا ڇَڏِ رِياءُ، ميٽِ مَدايُون موٽُ تُون، ڪَري نِرتِ نِياءُ، لالَڻَ جو لَطِيفُ چئَي، ڪونِهي سُونھَن…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، ڇَڏِ راڻا ريڏائِي، لَپيٽِجِ لَطِيفُ چئَي، ڪامِلَ ڪَچائِي، مُنھِنجِي ميٽِ مَينڌَرا، عاقِلَ اَگَلائِي، ڪَرِ مَعافِي مَدائِي،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون آڻِ، ليڙي کي لَطِيفُ چئَي، تَنگُ سَوارو تاڻِ، شَرمِيندِيُون سَڀَين پَريين، پُٺِيءَ لائي پاڻِ،…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون ڪَرِ، ڀَرِي ڪاڪِ قُربَ سين، تُنھِنجي اَچَڻَ ساڻُ اَپَرِ، لِلہِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڪِجِ…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون چورِ، تو ريءَ ڪاڪِ ڪَڙِيي ٿِي، ساڻُ سِرکَنڊَ سورِ، اَچِي چَندَنُ چوڙِ، تَہ سوڍا…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- سائِينءَ ڪارَڻِ سُپِرِين، مَيو تُون موٽاءِ، مُون واجِهيندي وِھاءِ، سَٺَمِ ساھيڙِيَنِ جا، طَعنا تَوِھِين لاءِ، گهَرَ مَھارا گهورِيان، سُرَھو مُون…[ سُر راڻو - وايون ]
- کَرڪَڻا لاھي، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، اوسِيڙو آھي، کاھوڙِيَنِ اِنَهِيءَ پَنڌَ جو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- رامَڪَلِي دُکِئا ڪَھي، سُکِئا ڪَھي نَڪو، ڪو مِٽِيءَ ڪو مائِٽِيءَ، ڪو روچِيءَ کي روءِ، رامَڪَلِي سو ڪَھي، جَنھِن جي ڀاڳَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- ڪَسي ڪا ڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينھَن جِي، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، لاھي لانگوٽِي، جِھَڙا آيا جَھانَ ۾، تِھَڙا وِئا موٽِي،…[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- تييُون توشو تِوڻِ نَہ ڪا، ڌُرِيائِينِ ڌارِينِ، ڏُکِئا سُکِئا ڏِينھَڙا، ٿا گهَٽَ اَندَرِ گهارِينِ، تَوَڪَلَ ٻَڌائُون تُرَھو، ٻِي وائِي نَہ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ، سُڌِيُون ڏي ساڻيھَ جُون، چَڱا ڀَلا مُون پِرِين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ، پِرِيَنِ لَيءِ پَرَڏيھُ، مُون…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- جاڳو جاڙيجا، سَما سُکِ مَ سُمهو، پَسو آن پارِئا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- نَہ لاکو نَہ لوڙِ، نَہ آھي اوسِيڙو، سُمهو سَنگهارِيُون سُکِ ٿِي، سِري ڏيئِي سوڙِ، ڪاڇي مَٿي ڪوڙِ، ريٻارِي رَھِي وِئا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- لاھِ مَ پَچاران، سُکِ مَ سُمَهُہ جِندَڙا، ڪَرِ جهورِي ڪيڻانِ، ڪالُهُوڻِئا اَڄُ گهَڻِي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- اِيءَ پَرِ نَہ گهاتُوئَڙَنِ جِي، اَئِين جا لُڏو لوڏَ، ڪُنَ ڪَلاچِيءَ ڪوڏَ، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- جائُون ڪُجائُون، جُهوپو جهانگِيَڙَنِ جو، سُکِ نَہ سُتا ڪَڏِھِين، ٻيلاسي ٻانھُون، ڏِينھَڪُ وَڃَنِ ڏُٿَ کي، پارا پَراھُون، اُنِين کي آئُون…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- جيڪُسِ ڪي ڪِئامِ اَوَڳُڻَ اَباڻَنِ سين، تيلاھِين ٿِئامِ، سُکِنَئُون سُورَ گَهڻا.[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]