سامُونڊِيَنِ بابت
معنيٰ
وڻجارا، سمنڊ وارا، سامونڊي، مسافر، سمنڊ رستي ڪاروبار ڪندڙ يا مسافر
Seafarers, sailors
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، وِجِهي جِيءُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- پَڳَھَ پاسي پَچُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنَئِي اوھَرِي.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- پَڳَھَ پاسي ويھُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، تُون ويسَلِي وِکَ کَڻين، پُورِيندَءِ پَرَڏيھُ، سَمُنڊُ جَنِ ساڻيھُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَن تَنِ سين.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- پَڳَھَ پَنڌَ پَرُوڙِ، آيَلَ سامُونڊِيَنِ جا، ساندارو سَمُنڊَ جو، آھي دُوران دُورِ، ڪي لَنگِهئا پِھرِئين پُورِ، ڪَنِ ويٺي وَرِھَ ٿِئا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا، بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- نَہ سي تَڙِ خُراڪَ، نَہ وايُون وَڻِجارَنِ جُون، سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻ چِڪِيَمِ چاڪَ، مارِينِهُون فِراقَ، پاڙيچِيُون پِرِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اُھَرِئا جِئائِين، ڍُڪَنِ تَنِ تَرائِيين، سامُونڊِيَنِ سائِين، واءُ سَڻائو وارِيين.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ، مُون اُڀي ھُنَ ٿيلِهيو، سَعيو سامُونڊِيَنِ سين، اَڳي تان نَہ ڪِئومِ، وِجَهڻُ مَنجِهہ ھومِ، پاڻُ وَراڪي…[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا، نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ، ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- اُتَرَ لَڳي اوھَرِئا، واھُوندي وَرَنِ، آئُون گهَڻو ئِي گهورِيان، سودو سامُونڊِيَنِ، اَڱَڻِ جَنِ اَچَنِ، عِيدَ وَرَتي اُنِ کي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا، اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَري، ويندِيَسِ ماءُ مَرِي، ساري سامُونڊِيَنِ کي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- کارو جي کيڙِينِ، سيئِي مُنھِنجا سُپِرِين، رُئان رَھَنِ نَہ سُپِرِين، جَهلِيان جَهلَ نَہ ڏيِنِ، وِرھَ ويڌَ ڪَرِينِ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا جٖي اُھَرِئا، پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ، آئُون…[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون، ھَلَڻَ ھارا سُپِرِين، رُئان تان نَہ رَھَنِ، آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ، پَڳَھَ…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَھَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِئا، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آھي اَڙانِگي جُوءِ، ڪَڏِھِين ڏِسَندَيِسِ رُوءِ، وَرِي ھِنِ اَکِيُنِ سين.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جُون، ڌَڳِيُون ڌَڄائُون، آيَلِ تَنِ آئُون، موٽِيو ڪِينَ وِسَهان.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وِجِهيو وَرُ وَنجَهہ کي، رَوئَي وَڻِجارِي، مارِيندَءِ مارِيۡ، پِرھَ سُورَ پِرِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، آئُون سُورَنِ سِجهائِي، جيڏِيُون جُدائِي، سَهان نَہ سُپيريَنِ جي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي، وَڻِجارَنِ وائِي، آھي پَرِيين پارَ جِي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- ٿِئا ڏِيارِيءَ ڏيِنھَن، سامُونڊِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جي، مُون سِرِ اُٺا جيڏِيُون، سَندا مَحَبتَ مِينھَن، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن کاري کيڙائُنِ جي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سَعيو، سَدائِين سَفَرَ جو، ڪو ڏيھُ چِتايو، اُونِهي وَڃَنِ اوھرِي[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- اَڃا اَسارِي، مَٿي تَڙَ گُذارِيين، تو ڪِيئَن وِسارِي، سَنگَتِ سامُونڊِيَنِ جِي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- پرَڏيھِ پُورِيائُون، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا، مان تَنُ ماريائُون، پاڻان وِجِهي گُوندَرين.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ وَرِيُنِ واءُ، ٻارَھين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ آيُنِ ساءُ، جيڪُسِ لَڪا کانءِ، اوڏاھِين آسودا ٿِئا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، اُتَرَ واءُ وَرِيونِ، ٻارَھِين ماھِ نَہ موٽِئا، سَمُنڊَ ڪاڄُ سَرِئونِ، ٻَرِ ٻَرِسُورُ سَندونِ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ، ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ، کَڻِيو سُورَ سَمَرَ،…[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- جَنِ لاءِ جِهڄَنِ نيڻَ، تَنِ پَرَڏيھِ پُورِيو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ ري، کارا ٿِيَمِ کيڻَ، وِردَ ٿِئڙَم ويڻَ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- وَڻِجارو آيو، ماءَ مُرادُون پُنِيُون، مُعَلِمُ ڪَري مُوڙَھَنِ جو، ھادِيءَ ھَلايو، سامُونڊِيَنِ سَفَرَ جو، سَدائِين سَعيو، اُونِهي وَڃَنِ اوھَرِي، ڪو…[ سُر سامونڊي - وايون ]