جهائِين بابت
معنيٰ
گهنگهرو، ڇيريون.
Tinkling anklets.

بيتن ۽ وائين ۾
- ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ، مُون کي ٿا مارِينِ، لُھان لُھارَنِ جا.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- مُون کي ٿا مارِينِ، ڪو پَھُ پِيَڙو سَڄَڻين، ٻارِئو اُجهائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻارِينِ، لُھان لُھارَنِ جا، مُون کي ٿا مارِينِ،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون سُورُ، لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ، ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- سَڀَيئِي سَنئينءَ ڪَرِين، ڪومَ مُنجهائِين واٽَ، سَھُکِي ڪَرِين سَچا ڌَڻِي سُڄي جا صِراطَ، سُپيرِيان جي ساٿَ، لَڱو لائُون ميڙِيين.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ جَرَ واڳُون جهائِين، پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين، لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، جِيئَن تَران تِيئَن تارِ، تُونھِين رَھِيين رُوحَ ۾، تُونھِين اَکنِئا ٻَھارِ، پِرِين تُنھِنجي پارِ، مُون واجهائِيندي وَرِھَ…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪَڪَرَ ھُونِ نَہ ھُونِ مِينھُن منجهائِين نِڪِري، سارِيو سُپَيرِيَن کي، لُڙِڪَ لَڙِيو پُونِ، سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، مَٿان آيو مَوتُ، مُون واجهائِيندي وَرِھَ پِئا، ھَئَي نَہ گَڏُيِمِ ھوتُ، جيڪُسِ ٿيِندِيَس فوتُ، فَنا…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- ڪَنھِن جَنھِن نِينھَن لَڌاھُ، جِيئَن مُون واجهائِينديءَ نَہ وَرِئاھُ، جيڪِي مُئِي ڪَنداہُ، سو جانِبَ ڪَرِئو جِيئَري.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين، پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ، صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو ھِئائِين، چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين، ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين، وينَتِيُون…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- پاڻِهين ويٺا پاڻَ سين، پَرِ ۾ پَرِياڻِينِ، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، آسَڻَ اُجهائِينِ، رُخصَتَ رُئاڙِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- چانڪِ چَڙَھَندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ، اِھڙوئِي اللهُ، پورِھِيَتُون ٿو پيشِ ڪَري.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ھُيَسِ دادِلِي دوُسَ جِي، ٻئو وَرَ جو ھومِ واءُ، چانڪِ کِلي چَڙَھندِيَسِ کَٽَ تي، ريجهائِيندِيَسِ راءُ، ڪَونئُوروءَ جَھِڙِيُون ڪيتِرُون، دايُون…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- جيڪي ڏَڏَنِ ڏي، ڳُجهائِين ڳُجَهہ ۾، سو جو سُڻِين ڪَڏِھِين، ڪِيرَتِ وارا ڪي، تَہ سازَ مِڙيئِي سي، پِٿُون ڪَنِ پَلڪَ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- سَميعُ بَصِيرُ عَلِيمُ، حَيُ ھَميشه، سو شَيءُ سائِرُ سَدائِين، ھيڏي ھوڏي ھَٿَڙا، ڇا کي ڇو پائِين، وَ فِیۡ اَنۡفُسِڪُمۡ اَفَلَا…[ سُر آسا - وايون ]
- چِڪِي چِڪِئَمِ چاڪَ، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جا، واجهائِيندي وِصالَ کي، فَنا ڪِيَسِ فِراقَ، سيئِي سارِئَمِ سُومَرا، ٿَرِ جَنِي جا ٿاڪَ، مارُوءَ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]