جالَ بابت
معنيٰ
جام، تمام گهڻو، بي شمار، جهجهو.
Pleanty, large quantity, huge.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي مَنجِهين مالَ قَطِيفِيءَ جِي ڪَرَھا، ھَيدِي پائِيَئِين حالَ، چَندَنُ چارِيَئِين جالَ، جَي مُون راتِ رَساڻِيين.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَھي ٿو جالَ، سَئِين وَھَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ موتِي لالَ، جي ماسو جُڙيئِي مالَ،…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ٻيڙِي تُنھِنجِي ٻاجَهہ، وَکَرُ تَنھِن وِصالَ جو، کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ، اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- لَهرِ مِڙيوئِي لالُ، وِھَڻُ کَٿُورِيان وِتَرو، اوٻارا عَنبِيرَ جا، جَرَ ۾ اَچَنِ جالَ، ڪُنَنِ گِهڙِي ڪالَهہ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي، پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ، چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين،…[ سُر معذوري - وايون ]
- جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين، سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ، مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- جَبَلَ سُڄَنِ جالَ، آڏا آرِيچَنِ کي، ھاڙِھي ڏُونھِن ھَٿُ کَڻِئو، ڇَپَرِ مِڙان ڇالَ، ڪيچِي وِئَڙمِ ڪالَهہ، تي ٿِي ڏُونگَرَ ڏورِيان.[ سُر ديسي - آڏ تراڇا جبل ]
- واءَ وِڃايُمِ ڪالَهہ، پُٺِي جَنھِن پَنڌُ ڪَرِيان، وَڃَڻُ مُون واٽي پِئو، ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، جَبَلَ ڏورِيان جالَ، ڪارَڻِ پيرَ پُنُوھَ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، جا تِيرا جَتَنِ، ڪاجاوا ڪَرَھَنِ تي، جَڙِئا جالَ جَتَنِ، گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ٽَلِيُون سين ٽَؤُنرَنِ، ٻَڌا ڏورِيءَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- والِي وَڃِي پَسان شالَ، ھيڪَرَ ھوتَ پُنهونءَ کي، جَنھِن ڪارَڻِ جالَ، ھاريان ٿِي ھَنجُنِ کي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيَمِ جالَ، سوڍا مُون کي ڪالَهہ، وٽِي مُنھَن ۾ آيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- آئُون اُتاھُون آيو، جِتِ ڪَنھِن جِي ناھِ مَجالَ، مُومَلَ جي ماڙِيءَ کي، طَرَحين طَرَحين تالَ، لَکين مارايو لالَ، موٽِئو اَچان…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- سَما تو سِرِ ڇَٽُ، نَہ تَہ پاڳارا پُرسَ ٻِئا، ڳَھڙَ تُنھِنجي ڳَنڃَڙي، اَچي جالَ جَڳَٽُ، جَنِ جيھوئِي پَٽُ، تَنِ تيھائِي…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو، تَنِ اَکِيُنِ پُنُون نِينھُن، سِڪِيُون ٿي سَلامَ کي، ڪالَهہ سَڄو ئِي ڏِينھُن، سَندو موتِيَنِ مِينھُن، اُنِ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جُھ اُڌَمِئو اَڄُ، تَہ وَسَندو سونَ ڦُڙِيين، جالَ ڍَئِيندو جَهنگُ، جُنگَ ڍَئِيندو جَکرَو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- دُڪو دارُونءَ ھيڪِڙو، جٖي وِڪامي پَدَمَ، سَمُو دَمَ قَدَمَ ، ٿو جالَ پِياري جَکِرو.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- لُڏِي آيا لالَ، پاٻُوھي پَيدا ٿِئا، ساڄَنُ اَکِيُون جي کَڻي، ڪوڙيِين ڀانيان ڀالَ، مُنھِنجي ناھِ مَجالَ، تَہ ڪو ويڻُ وَرايان…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- تانۡ تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، جانۡ جَرُ ھُئَڙو جالَ، پُونِئِي اَڄُ ڪِ ڪالَهہ، سانڀُويُون سانگُنِ ۾.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- ڪيھَرِ قَصَدُ ڪَبابَ سين، مَڇِي مُورِ نَہ کاءِ، جَي سِينھان سَؤُ لَنگهَڻين، توءِ نَہ لِکَ لَکاءِ، پيرُ تِتَھِين پاءِ، جِتِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، کائُرِ ۾ خُوشِحالَ، سائُون سيارَڇُ مَکِڻِي، جيڏِيُون آڻِينِ جالَ، اُتان اوٺِي آيو، ڪَھِي مُون وَٽِ ڪالَهہ،…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- ماندِي ٿِيءُ نَه مارُئِي، وَرَقَ وَرَندا پَسُ، جُسو زَنجِيرُنِ ۾، جالَڻُ آهي جَسُ، مارُو آڻي مَسُ، آجِي ڪَندا ڪوٽَ کان.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]
- عُمَرَ اوٺِي آيو، ڪاڪارَنِئا ڪالَهہ، اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، جَرَ ٿَرَ ڀَرِيا جالَ، هَي مُنھِنجي حالَ، جِيئَن مُندُون سارِئو نَہ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]