آسِري بابت
معنيٰ
آڌار، ڀروسي، ٽيڪ، سھاري، ڏَڍُ. اميد، آس. دلاسي. اعتماد. اجهي، پناه، وسيلي.
Shelter, defense, protection, means of defense, asylum.
بيتن ۽ وائين ۾
- ناسِيندي نِگاھَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، اَحوالَ عاجِزَنِ جا، آکِجِ لَڳِ اللهَ، روزُ نِھارِينِ راھَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ناسِيندي نَظَرُ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ، ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ناسِيندي نِرتِ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، ساري ساڻُ سُرِتِ، ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَتِ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ناسِيندي نِھارَ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، آئُون جي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَئِجِ چَنڊَ اَپارَ، ساجَنَ سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- کُوھا ڪالَهہ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسِري، اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي، وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- سُتا سَڀَ پَئِي، سَندي مُعلِمَ آسِري، اَئِين پُڻ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناھِ ڀَئِي، جَنِ جِي سَيِّدَ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀَ…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- توڙي تَوائِي، توءِ تُنھِنجي آسِري، جِيئَن وَڻِجارِي سين وَکَرين، تِيئَن مان گهَرَ سَرَھائِي، سَڄَڻُ ڳَرِ لائِي، کِيرُون ڏيِندَيِسِ جيڏِيين.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي، سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا،…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- اَڱُ پَسِي رَڱُ ٿِئو، ڪو جَو دَورُ دِلي، ٻَرِ ٻَرِ ٻيلِي نَہ ٿِئو، ڪَچو مَنجِهہ ڪِلي، جِيئَن تَران تِيئَن تارِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ماڻُهو مِرگهَہ مينھِيُون، سارَنگَ کي سارِينِ، آرُون اَبُرَ آسِري، تاڙا تَنوارِينِ، سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِھارِينِ، پَلُرُ پِيارينِ،…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمَڙِ مُنھِنجي آسِري، ڏيئِي لَتَ چَرَخي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ، ڪِتُمِ جَنھِن لاءِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمَڙِ مُنھِنجي آسِري، ڏيئِي گَرِٿُ ڪَتاءِ، مُون کي نِينھَن نِھوڙِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ڇَڏِيَمِ حُجَ ھَلَڻَ جِي، چاڙِھيڪا چَکِئامِ، آرِياڻِيءَ جي آسِري، ڏُونگَرِ ڏِينھَن لَڳاَمِ، پُڇِجِ پِرِين سَندامِ، وِرتِيَسِ وِکَ نَہ اُپِڙي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- وَسان تي ويياسِ، آيَلِ آيَلِ لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، آھي آرِيءَ آسِري، نَڪو پيءُ نَہ ماسِ، پُرِزا پَٻَ وَرَنِ ۾،…[ سُر حسيني - وايون ]
- جَنِ جو وارثُ تُون، سي ڪِيئَن رَھَندا نيڻَ نِماڻا، آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون، جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن…[ سُر پورب - وايون ]
- ڪوجها پَسُ ڪَرِيمَ، جي آھِينِ تُنھِنجي آسِري، پائي پَنھِنجي پاٽِ ۾، سِگهو ڏي سَلِيمَ، ھَٿان تو حَلِيمَ، وِڙَ پُڻ وَڃَنِ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- اَسُورَ سَندي آسِري، ويٺو آھِ وِڳَندُ، ھَڏِ نَہ ڇَڏي ھَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَھارَ جِي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- مَدِيني جا گهوٽَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، ڪَرِ مُحَّمَدَ موٽَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- مَدِيني جا شيرَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، ڀَرِ مُبارَڪَ پيرَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- آيُون ڍورِ ڍَرِي، اَصلَ سَندي آسِري، کَرِيھَرَ ڀُونءِ کَرِي، پيرَ ڏُکويا پَکَڻِين.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- آيُون اَڳِيئَن ھيرَ، اَصلَ سَندي آسِري، پِڙَ ۾ پَسان نَہ پيرَ، سيڻَنِ ساجُهرِ لَڏِئو.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- سَھِسين سيبا ڪَنجِري، لوئِي لِيڙَ ٿِئامِ، اَباڻَنِ جي آسِري، ڪَتِي ڪانَہ ڪِئامِ، ڍَٽِ جا ڍَڪِيامِ، تَنھِنجو پَرَوَرَ پنُ رَھائيين.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- اَنگَڙِيارو ڪَنجِرو، لوئِي سين لِيڙُنِ، ھِھَڙو حالُ وَٺِي ڪَري، وَڃان مَنجِهہ ٿَرنِ، مارُو مانَ چَوَنِ، ھُئِي اَسان جي آسِري.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- جانۡ ڪو سَتِنِ سِيلُ، تانۡ ڪِينَ وِهَندِيَسِ ڪوٽَ ۾، سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، نَدِيءَ پِيي نَہ نِيرُ، جِيئَن اُوءِ اَبُرَ آسِري،…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- آهِينِ اَبُرَ آسِري، جَرَ ۾ سِپُون جِيئَن، ڪُونجُون سارِينِ روھَ کي، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن، هُتِ وَعدا وَڃَڻَ جا، هِتي…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- سِکو سَڀَ سَرَتِيُون، سِپُنِ مُلا سِيلُ، ٻِئو مَٽائي نِيلُ، اُڀِيُون اَبُرَ آسِري.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئِجِ چِتائي، مَٿو آن جي آسِري، مُون ڌوتو نَہ آهي، کائُرِ جَنِ کانئي، هِنيُون هولَنِ ڇڏِئو.[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]