آسِرو بابت
معنيٰ
آڌار، ڀروسو، ٽيڪ، سھارو، ڏَڍُ. اميد، آس. دلاسو. اعتماد. اجهو ، پناھ، وسيلو.
Hope, shelter, defense, protection, means of defense, asylum, a prop.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويچارا واڍوڙَ، سَدا شاڪِرَ سُورَ سين، تاڻِين مَٿي توڙَ، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- آئُون جٖي ڏِيَئِين سَنِيھَڙا، چَنڊَ پَلَئِہ ٻَڌُ، چَئِجِ حالُ حَبِيبَ کي، نيئِي نِوِڙائي ڪَنڌُ، تو تيڏاھِين پَنڌُ، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- توڏِي توڙائِين، نِينھَن نَوازِي سُهڻِي، ڳِچِيءَ ھارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين، سو تَڙُ سُوٺائِين، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ، نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي، ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪوھُ ڄاڻان ڪيڏاهِين، مُنھِنجو تَنُ تَڻِي تيڏاھِين، مِيان سائِين نيڻين نِينھَڙو لَڳائي وِئَڙا، دونھِين دوسِتَ ميھارَ جِي، ڏيئِي جِيئَن ڏِٺائِين،…[ سُر سھڻي - وايون ]
- لَڳَھَ پَسُ لَطِيفُ چئَي، آگمِئو آھي، اُٺو مِينھُن وَڏَ ڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي، ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرَ سَنباھَي، وِھو…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- حُڪُمُ ٿِئو حَڪِيمَ جو، ٿا سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ٽاٽا مِينھَن ٽِمَنِ، جَنِ مَھِنگو ميڙِئو، سي ٿا ھَٿَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- سَتِي سِيڏائي، لَنڊِي ٿِي لاڏَ ڪَري، آسِرو آھي، لَنڊِيءَ کي لِبيسَ جو.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ڪُڄاڙِئان ڪاھي، شُتِرَ اُنِ سِينگارِئا، ٽَلِيُون ٽَونئُرَ حَلَوِيُون، وِئا ڇيرِيُون ڇَمڪائي، ڇَڙِھِئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، وِئا ڪَرَھَلَ ڪُڏائي، ٻانڀَڻِ کي…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ، اَنگُ اَڳھَيِن لِکئِو، مُنھِنجو مِيثاقا، مَنْ طلَبَ شَیئاً وَ جَدَّ وَجَدَ ، اُتو…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڏُکُ لَڳو ڏُونگَرُ ٻَرِئو، ڀينَرُ کاڻِي ڀُون، مَنان لاٿو مُون، سَندو جِيئَڻَ آسِرو.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- لائي جَڙَ جَتَنِ سين، آئُون جا چَڙِھِي نِينھَن نظاري، آئُون جا ڪُٺِيَسِ ڪاڻِ ڪوھِيارِي، مَچُ مُھِنجي مَنَ تي، وِئو ٻاروچو…[ سُر حسيني - وايون ]
- لَنگهُہ لاھُوتان ڪاپَڙِي، دُونھِيُون ڪِيمَ دُکاءِ، اوري ڪَرِ مَ آسِرو، پَري پيرُ مَ پاءِ، جَنھِن جِي جاءِ نَہ ماءِ، وانءُ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون نَہ ڇَڏِيندا پاڻَ پَسَندا، پَٿَرِ وارَ پِرِينءَ لَيءِ، ويھُ تُون وِڇائي، ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- اَسُورَ سَندو آسِرو، وِڳَندَ کي وَڏو، جُسي ۾ جَڏو، کِئَڻَ تي کُڙا کَڻي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- مُون کي دوسِتَ حَبِيبَ جو، آسِرو آھي، جان جان اوڏا ڪَرَھا، پُڄان تان ڪاھي، موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين، واڳُون وَرائي، آھي…[ سُر بلاول - وايون ]
- اَسان تُونھِين تُون، توھُ تُنھِنجو آسِرو، تَنَ اَندَرِ تَعويذُ ڪَري، مَڙِهئو آھي مُون، مَڇُڻ ڀانيَين تُون، تَہ ڪِ ويَڙين وِسَرِي.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- اللهَ جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مان وَڏو آسِرو، خاوَندَ تُنھِنجِيءَ کانڌِ جو، پَرو نَہ پاندُ ڪو، نالو رَبَ سَندوءِ، رَھِيو آھي…[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- مِٺو جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مُون وَڏو آسِرو، تو دَرُ ناھِ جِھو، مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- ميرا پَسِي مَڱڻا، سَٻَڙَ سَڏَ ڪِئا، سَٻوجَهنِ سُئا، اَٻوجَهنِ جو آسِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- باللہ آھِيان بَندَ ۾ ڌُئان ڪِيئَن ڌَٻَرُ، ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ، مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ، ويڙِھ پَسان…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- سِکو سِپُنِ کان، سَرَتِيُون رِيتِ سِڪَڻَ جِي، مَڱَنِ جَرُ مَٿان، اوري ڪَنِ نَہ آسِرو.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- آئُون مارُوءَ جِي آھِيان، مُون کي مارُوءَ جو آسِرو. مارُو مُون نَہ ڇَڏِيندو سُومَرا، ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، قَضا پاڻِ ڪَرِيندو،…[ سُر مارئي - وايون ]
- ماڙِيءَ چَڙِهئو مي، ٿِي ھَڻي حَرَفُ حِسابَ جو، جيڏاَنھَن عالَمَ آسِرو، تيڏاَنھَن تَنُ نَہ ڏي، ڄامَ تَماچِيءَ جي، مُون ڪونِهي…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]