وِکَ بابت
معنيٰ
قدم، چال، گام، رفتار، ٽؤر. درجو، ٻلانگهہ، ٻرانگهہ. هلڻ وقت ٻن پيرن جي وچ وارو ويڇو يا مفاصلو.
A pace, step. A walking pace of horse.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ، مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ، توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ، اِيَھِين…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- پَڳَھَ پاسي ويھُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي، تُون ويسَلِي وِکَ کَڻين، پُورِيندَءِ پَرَڏيھُ، سَمُنڊُ جَنِ ساڻيھُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَن تَنِ سين.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اَنڌِيءَ وَڇُون ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگِئان لَھي نَہ تِکَ، صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏِکَ، واھُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ سانڀاران…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- لهوارا تان لَکَ، ھُونءَ تان ھُرِڀُ ھيڪِڙو، اُڀِيُون اوٻاھَنِ ۾، جُوٺِيون مارِينِ جَکَ، لُڻِيو اُتِ لَطِيفُ چَئِي، ڪُوڙِيُون ٻَڌنِ ڪَکَ،…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ڪانڌَ ڪَلاڙين ڪَپَڙين، وَرَ وَناھِيو آءُ، جِتِ سانگُنِ جِي سَٽِ وَھي، وِکَ وَڌندِي پاءِ، جانۡ جانۡ نُوڌين نَہ چَڙِهين، تانۡ…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ڪِجي جِيئَن ڪيچنِ لَئي، تِيئَن تان ڪِينَ ڪِيوءِ، وِيجهائي وِڌوءِ، وِکَ نَہ کَنيَئِي ھيڪَڙِي.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- سَؤُ ڪوھَنِ سَڀَڪا ڪَري، تُون کُھِي کَڻِجِ وِکَ، تاڻِجِ مَ مَنجهان تِکَ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- کُھِي جَا کَنيائِين، تَنھِين وِکَ ويجهِي ڪِي، ڇِڪي ڇِنائِين، پَنڌُ مِڙيوئِي پَٻَ جو.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ھَٿين پيرين مُونَڙِيين پُري پَنڌُ پَرَکُ، قَدَمُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ ڏي، وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ، جي ھُونَئِي ھوتَنِ لَکَ، تَہ پَڙِجِ ڪومَ…[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- توڙي وِلاڙُون ڪَرِيين، توڙي ھَلين وِکَ، لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَہ ٿِيي.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ڏُکَنِ آئُون ڏَڌِي، پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو، وِجهان وِکَ وَڌِي، لِکِئي آئُون لَڌِي، نَہ تَہ پَٽَنِ ڪيرَ…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ڏوٿِيَنِ چَيُسِ ڏورِ، ڪيچُ اَڳاھُو پَنڌُ ٿِئو، پاڻان چَڙِھِي پُورِ، وِکَ وِڌائِين وِتَرِي.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- واڪِئو واڪِئو وِکَ، پاٻُوھِيو پيرُ کَڻِي، سي نَہ چَڙَھندِيُون ڏِکَ، موڙي پيرُ مَڻَن جي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ، مَڇُڻ لِکَ لَکائِيين، ڏُکُ تَنِي کي ڏِکَ، حُبَ جَنِي کي ھوتَ جِي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڇَڏِيَمِ حُجَ ھَلَڻَ جِي، چاڙِھيڪا چَکِئامِ، آرِياڻِيءَ جي آسِري، ڏُونگَرِ ڏِينھَن لَڳاَمِ، پُڇِجِ پِرِين سَندامِ، وِرتِيَسِ وِکَ نَہ اُپِڙي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- وِرتِيَسِ وِکَ نَہ اُپِڙي، اَڄُ آرِياڻِي آءُ، چُڪِيءَ تو سين چاھُ، پاسي ڀَرِ پيئِي رِڙِھي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- کِڄِئا کاھوڙِي، پَسِي پورِھِيَتِ ويسَرا، ڏوٿِيئَڙا ڏوڙِي، وِکَ وَرايو پَنڌَ جِي.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- نَہ گِدا نَہ گَبِري نَہ لانگوٽِيءَ لِکَ، جيڏانھَن ڀَرِينِ وِکَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين، جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي، مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- جَو ڇَلِيُون پَسِي ڇَڪِئو، تَنھِن واکاڻِئو وِکَ، لُڏي ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، لَکَنِ اَڳِئان لِکَ، پيرُ نَہ موڙي پانھِنجو، تَنگِيءَ پيئِي…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]