وِکَ جي سنڌي معنيٰ
قدم، چال، گام، رفتار، ٽؤر. درجو، ٻلانگهہ، ٻرانگهہ. هلڻ وقت ٻن پيرن جي وچ وارو ويڇو يا مفاصلو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A pace, step. A walking pace of horse.
وِکَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرَھا ڪَسَرَ ڇَڏِ، وِکَ وَڌَندِي پاءِ،
مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ،
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِيَھِين اُٺَ اُٺاءَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 9 ]
مُنھِنجو ھَلَڻُ اُتَھِين، جِتي جانِبَ جاءِ،
توکي چَندَنُ چارِيان، ٻِئو وَڳُ لاڻِي کاءِ،
اِيَھِين اُٺَ اُٺاءَ، تَہ ھُوندِيءَ راتِ ھُتِ مِڙُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 9 ]
پَڳَھَ پاسي ويھُ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جي،
تُون ويسَلِي وِکَ کَڻين، پُورِيندَءِ پَرَڏيھُ،
سَمُنڊُ جَنِ ساڻيھُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَن تَنِ سين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 3 ]
تُون ويسَلِي وِکَ کَڻين، پُورِيندَءِ پَرَڏيھُ،
سَمُنڊُ جَنِ ساڻيھُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَن تَنِ سين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 3 ]
اَنڌِيءَ وَڇُون ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگِئان لَھي نَہ تِکَ،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏِکَ،
واھُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ سانڀاران سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 2 ]
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏِکَ،
واھُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ سانڀاران سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 2 ]
ڪانڌَ ڪَلاڙين ڪَپَڙين، وَرَ وَناھِيو آءُ،
جِتِ سانگُنِ جِي سَٽِ وَھي، وِکَ وَڌندِي پاءِ،
جانۡ جانۡ نُوڌين نَہ چَڙِهين، تانۡ تانۡ ڀَؤُ مَ لاھِ،
مَڇُڻ تو پُئان، ڪَچو ڪَنِم جيڏِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 10 ]
جِتِ سانگُنِ جِي سَٽِ وَھي، وِکَ وَڌندِي پاءِ،
جانۡ جانۡ نُوڌين نَہ چَڙِهين، تانۡ تانۡ ڀَؤُ مَ لاھِ،
مَڇُڻ تو پُئان، ڪَچو ڪَنِم جيڏِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 10 ]
ڪِجي جِيئَن ڪيچنِ لَئي، تِيئَن تان ڪِينَ ڪِيوءِ،
وِيجهائي وِڌوءِ، وِکَ نَہ کَنيَئِي ھيڪَڙِي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 19 ]
وِيجهائي وِڌوءِ، وِکَ نَہ کَنيَئِي ھيڪَڙِي.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 19 ]
سَؤُ ڪوھَنِ سَڀَڪا ڪَري، تُون کُھِي کَڻِجِ وِکَ،
تاڻِجِ مَ مَنجهان تِکَ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 14 ]
تاڻِجِ مَ مَنجهان تِکَ، پَنڌُ پاسي ڀَرِ نِبِري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 14 ]
کُھِي جَا کَنيائِين، تَنھِين وِکَ ويجهِي ڪِي،
ڇِڪي ڇِنائِين، پَنڌُ مِڙيوئِي پَٻَ جو.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 15 ]
ڇِڪي ڇِنائِين، پَنڌُ مِڙيوئِي پَٻَ جو.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 15 ]
توڙي وِلاڙُون ڪَرِيين، توڙي ھَلين وِکَ،
لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَہ ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 23 ]
لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نَہ ٿِيي.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 23 ]
ڏاگهَنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ڏُکَنِ آئُون ڏَڌِي،
پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو، وِجهان وِکَ وَڌِي،
لِکِئي آئُون لَڌِي، نَہ تَہ پَٽَنِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 5 ]
پُڇان پيرُ پُنهونءَ جو، وِجهان وِکَ وَڌِي،
لِکِئي آئُون لَڌِي، نَہ تَہ پَٽَنِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 5 ]
ڏوٿِيَنِ چَيُسِ ڏورِ، ڪيچُ اَڳاھُو پَنڌُ ٿِئو،
پاڻان چَڙِھِي پُورِ، وِکَ وِڌائِين وِتَرِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 10 ]
پاڻان چَڙِھِي پُورِ، وِکَ وِڌائِين وِتَرِي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 10 ]
English Meaning
A pace, step. A walking pace of horse.