وَکَرُ جي سنڌي معنيٰ
سؤدي جو سامان، مال. ننڍن ريزڪي دڪانن تي رکيل سامان. جنس جا روز مرہ استعمال ٿئي. واپار جي ڪا بہ سوکڙي، ٻُڪي، سودو، سامان، وڻج.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Goods sold by small dealers, wares.
وَکَرُ جا بيتن ۾ حوالا
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ چيتاريجِ،
ڇَڏِجِ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ،
وَکَرُ وِھائيجِ، سَڀَ سوداگَرَ سَچَ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 6 ]
ڇَڏِجِ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ،
وَکَرُ وِھائيجِ، سَڀَ سوداگَرَ سَچَ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 6 ]
ٻانَهپَ جو ٻيڙِيُنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون،
موتِي مَعرِفَتَ جا، سَچا سودِيائون،
اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ ڪَمَنْ لَّاذَنْبَ لَهٗ ، اِي کَٽَ کَٽِيائون،
اُنِهين جِيءَ آئُون، بَرِڪَتَ بارُ لَنگهائِيانۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 4 ]
موتِي مَعرِفَتَ جا، سَچا سودِيائون،
اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ ڪَمَنْ لَّاذَنْبَ لَهٗ ، اِي کَٽَ کَٽِيائون،
اُنِهين جِيءَ آئُون، بَرِڪَتَ بارُ لَنگهائِيانۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 4 ]
جَنِي سودي سَچَ سين، وَکَرُ وِھايو،
بَخِرو لَهُمُ الْبُشْریٰ جو، اُنِهين لاءِ آيو،
تَنِ کي لالَڻَ لَنگهايو ساندارو سَمُنڊَ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 12 ]
بَخِرو لَهُمُ الْبُشْریٰ جو، اُنِهين لاءِ آيو،
تَنِ کي لالَڻَ لَنگهايو ساندارو سَمُنڊَ جو.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 12 ]
کُوھا ڪالَهہ کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسِري،
اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي،
وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 1 ]
اللهَ! جُهري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻي،
وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِئين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 1 ]
وَکَرُ وَڻِجارا، پاڻَ پَرائو چاڙِھِيو،
اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا،
جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 2 ]
اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا،
جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 2 ]
ٻيڙِي تُنھِنجِي ٻاجَهہ، وَکَرُ تَنھِن وِصالَ جو،
کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ،
اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو پاڻِهَين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 3 ]
کُوھا اولا تو ڪِئا، سَڀَ سُونھارا ساڄَ،
اُتِ ڪا معلِمَنِ مَجالَ، پُورَڻَ وارو پاڻِهَين.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 3 ]
ٻيڙِي پُراڻِي، وَکَرُ پاءِ نَہ وِتَرو،
تَري ۾ تُنَ گَهڻا، پاسَنِ ۾ پاڻِي،
ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪَڙُھ ڪالُهوڻي ڏِينھَن کي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 4 ]
تَري ۾ تُنَ گَهڻا، پاسَنِ ۾ پاڻِي،
ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪَڙُھ ڪالُهوڻي ڏِينھَن کي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 4 ]
وَکَرُ وِھايُئِي لُوڻُ، ٿو رُنگَ کَٿُورِيءَ گُهرين،
ڀُنگو تُنھِنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳالَهائِين ڪُوڙُ،
جِمَ وِڃائِيين مُورُ، کَٽِئو تُنھِنجو تو رَسِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 8 ]
ڀُنگو تُنھِنجو ڀَرِ تي، جِمَ ڳالَهائِين ڪُوڙُ،
جِمَ وِڃائِيين مُورُ، کَٽِئو تُنھِنجو تو رَسِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 8 ]
وَکَرُ سو وِھاءِ، جو ھِتِ کَٽي ھُتِ سَھانگو،
ويچيندي ولائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ،
سامُونڊِي سَندِياءِ، شَلَ ماٽِيءَ پَئي نَہ مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 10 ]
ويچيندي ولائِتَ کي، ذَرو ٿِئي نَہ ضاعِ،
سامُونڊِي سَندِياءِ، شَلَ ماٽِيءَ پَئي نَہ مَڪُڙِي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 10 ]
وَڻِجارا وِھاءِ، وَکَرُ وينَتِنِ جو،
مُعلِمَ جي مَھِراڻَ جا، لَنئُن تَنِيِ سين لاءِ،
تَہ اِجارو اُتاءِ، مُورائِين مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 11 ]
مُعلِمَ جي مَھِراڻَ جا، لَنئُن تَنِيِ سين لاءِ،
تَہ اِجارو اُتاءِ، مُورائِين مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 11 ]
English Meaning
Goods sold by small dealers, wares.