آتَڻَ بابت
معنيٰ
گڏجي ويھي سُٽ ڪتڻ جون جايُون. وصال جون منزلون يا مڪان. گڏجاڻيون، ميلاپ. آرام، آسائشون. زماني جي زيب زينت جا هنري سامان.
Places where women sit and spin. Places of meeting with love, chanting places.
بيتن ۽ وائين ۾
- آتَڻَ ۾ سَڀَ ويھِي، دُعا ڪَريجا جيڏِيُون، ڪانِهي بَسِ بَھِيرَ کي، ھَلُ چَلُ وَڃي پيئِي، راھَ مُسافِرُ سَڀَڪو، ڪو نَہ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ھوتَ سي ھَلَڻَ ھارا، جيڏِيُون ڪِيئَن ڪَرِيان آئُون اُنِ سين، کُوءِ پَلَنگَ ٻَنِ ماڙِيُون، کِيَڻَ ٿِيَڙَمِ کارا، سُونھَنِ سُپَيرِيَن جا،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڪِھَڙو سَڱُ سِياڪو، ھاري تَنِ ھوتَنِ سين، آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو، مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- اَسِين ذاتِ پَرٽَ، پورھِيَتَ پُنهونءَ ڄامَ جا، ھوتُ کَٿُورِيءَ ھيرَئُون، مُون ۾ صابُڻَ ڇَٽَ، آتَڻَ ۾ اُکَٽَ، ڪَمِيڻِيءَ جِي ڪامَ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- نَڪو تَتو ڏِينھُن، نَڪو ليکو ئِي ٿِئو، تِھان اوري نِينھُن، ڇِنو آتَڻَ وارِيين.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- اَمَڙِ وَڃِي آڻِ، چَرَکو آتَڻَ وِچَ مان، ڪِتُمِ جَنھِن ڪاڻِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- آتَڻَ ۾ پَرياڻُ، ھو سَڀَنِي جيڏِيين، مُون سَڀاڳِيءَ ساڻُ، ڪيرَ ڇُلَندِي ڇَپرين.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ھُوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تَنھِن کي چَرِي چُوَنِ، اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، ھوتَ پُڄاڻا ھُونِ، پَرا تَنِي پُونِ، ڏِٺو جَنِ…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- آتَڻَ مَٿي گوجَريين، اوچتو آيوسِ، سِرِ سيلا ڳَلِ ڪَچُئا، گهُورُنِ تِنِ گهايوسِ، ڇَھَ مَھِينا ڇوھَ مان، پاسي ڀَرِ پِئوسِ، مَنجِهہ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- اَدِيُون آتَڻَ وارِيُونِ، نِرجا نَڪَ ٿِئا، وِڍِئا تان نَہ وِئا، پاڻان مورِئا مُنھَن ۾.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- اَچِئو آتَڻَ وارِيُون، مُون کي طَعنا ڏِينِ تي، ڪِيئَن ڪَرِيان ڪاڏي وَڃان، مُون کي سوڍو سَجُهہ نَہ ڏي، پَٿَرِ وارَ…[ سُر راڻو - وايون ]
- ڪَرُ کَڻِئو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ تي مَضبُوطُ، آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيھا ثابُوتُ، ڪانگَلَ اَٿُون قُوتُ، پَيغامَ پِرِيَنِ جا.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڏائو چَڙِهئو ڏارَ تي، زاغُ ڪَري زارِيُون، آڻِئو آتَڻَ وِچَ ۾، ڏي سَنِيھا سارِيُون، ماٺِ ڪَرِئو مارِيُون، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڏائي چَڙِھِي ڏارَ تي، ڪا جَا لاتِ لَتِي، آتَڻَ مَنجِهہ اَندوھُ ٿِئو، سَگهي ڪانَہ ڪَتِي، ويڙِھي مَنجِهہ وَتِي، ڪِي جو…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪو جَو وَھُ ڪاپائِتِيين، ڪَنبَنِ ۽ ڪَتَنِ، ڪارَڻِ سُودَ سَوارِيُون، آتَڻَ مَنجِهہ اَچَنِ، اُنَ جي سُونھَن سَيِّدُ چئَي، صَرافَ ئِي…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- پائي پاندِ ڪَپاھُ، مُون آتَڻَ سَڀَ نِھارِئا، کَڻي ڪا نَہ پَساھُ، سَرَتِيُون وَڃِي سُتِيُون.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- وييُون ڪَنھِن وِڳَھَ تَڙِ، ڀيرا ڀَڃِي ماءِ، آتَڻَ مَٿي اُسِرِي، آيَسِ اُنِين لاءِ، تِئان ھِتِ نَہ ڪا، آتَڻِ ڪِتُمِ جَنِ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]