پَسِين بابت
معنيٰ
پويون، آخري. جهونو.
Last, old
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ، پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- آٽِي ٿِيءُ اَڱارَ، کامِي کِردارَنِ سين، پَسِين سي نَہ ڀَتارَ، پُرِ پِيتوءِ جَنِ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اَندَرِ رُومِي راءُ، ماڻُهو اِتِ ڪِئا، مَنڊُ نَہ پَسِين مَنڊِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- تُون چَنڊُ اُھوئِي، جَو ھُتي پَسِين پِرِينءَ کي، آڏِتَ چَئِجِ عَجِيبَ کي، ڏِيان جَي روئِي، ھيڪانديءَ ھوئِي، سانگُ نَہ پوئي…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چيتاريجِ چِتُ، تَہ دائِما دُورِبِيءَ ۾، پَسِين ولاتُنِ وِتُ، نِيَھُ نِکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مُعلِمَ سين.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، آسَرَ مَ لاھيجِ، لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْـمَةِ اللّـٰهِ ، تُرَھي اِنَ تَريجِ، حَبِيباڻي ھيجِ، پَسِين مُنھُن…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- جهولَ نَہ جَهلِي سُهڻِي، سائِرُ سَٽَ سَندِياسِ، جَنھِن اِھَڙِي ڄائِي عاجِزَ، سا مَرُ مَرَڪي ماسِ، پَسِين جَي پِياسِ، تَہ ڪِي…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- سُورِھَہ مرِين سوڀَ لاءِ، تَہ جَنگِ جامي سين جوڙِ، آرَڻِ تيغَ عِشقَ جِي، تَنھِن کان مُنھُن مَ موڙِ، وَھمَ حِيلا…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڪِھَڙِي پُڇين ڪالَهہ، ڪَرَ، نَہ ڪا اَڄُ صُباحَ، وَنءُ تَنھِين سين واڳِئو، جيڪِي پَسِين مَنجِهہ پَساھَ، رَمُ رَبانِي راھَ، مَٿي…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، کُوءِ راوَلَ ٻَنِ رُجاتُ، لِباسان لَطِيفُ چئَي، پَلِ ويراڳِي واتُ، مَنُ ماري ڪَرِ ماتُ، تَہ…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- ڏوري لَھُ ڏُھاڳُ، جَنھِن ڪَرَ لاھُو داسَڙو، گهورِئو سو سُھاڳُ، جَنھِن ۾ پَسِين پاڻَ کي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي، تانۡ تانۡ ناھِ نِمازَ، سَڀَ وِڃائي سازَ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئُہ.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- جانۡ جانۡ پَسِين پاڻَ کي، تانۡ تانۡ ناھِ سُجُودُ، وِڃائي وُجُودُ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَئُہ.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- اَکِيُون سيئِي ڌارِ، جَنِ سين پَسِين پِرِينءَ کي، ٻي ڏانھَن ڪِيمَ نِھارِ، گهَڻو رِيسارا سُپِرِين.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ٿَرِ جَي ٿوڪَ ٿِيَنِ، سي جَي پَسِين سُومَرا، ھِڪُ مَوتُ ٻِئو ڦوڙائو، ٽِئو ساڻيھَ کي سِڪَنِ، تُون ڪِيئَن مَٿان تَنِ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]