واھَ بابت
معنيٰ
پاسو، طرف، سڳرُ، سِير، اوٽ، بچاءُ، سام، اجهو، آسرو، آڌار، ڀرجهلو،آڙَ، پناھ، پنارو، حمايت، مدد، وسيلو. وجهہ، موقعو، ڏَت، سانگو، سَٺو، ٽِڻ، سمجهہ. وَل، وار، اوسر. اُپاءُ، رستا بچاءُ.
Protection, means, way, opportunity.
بيتن ۽ وائين ۾
- سو ھِي سو ھُو، سو اَجَلُ سو اللهُ، سو پِرِين سو پَساھُ، سو ويرِي سو واھَرُو.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- مَنجهان مَچَ مَچُ ٿِئا، چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھَ، اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ، سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- صُوفِي لاڪُوفِي، ڪونَہ ڀائيسِ ڪيرُ، مَنجهان ئِي مَنجِهہ وِڙھي، پَڌَرِ ناھيسِ پيرُ، جَنِي ساڻسِ ويرُ، ٿِئي تَنِي جو واھَرُو.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- سي پُوڄارا پُرِ ٿِئا، سَمُنڊُ سيوِئو جَنِ، آندائُون عَمِيقَ مان، جُوتِي جَواھَرَنِ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، لالُون مان لَهرِنِ، ڪانِهي قِيمَتَ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرِ نَہ وِڙِھي تَنِ سين، ڏيئِي تَوَڪَلَ تَڪِيو، آرِ لَنگهِئا آسانُ، توبَهَ جِي تَحصِيلَ سين، ترِي وِئا…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اللهُ، پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- جِتي وَنجَهہ نَہ واھَ، چُپا چُرَنِ ڪِينَ ڪِي، ڪِشِتِي ڪاغَذَ ڪَچَ جِي، چاڙِھِيَمِ مَنجهان چاھَ، پَسِي سَخِتِي سَمُنڊَ جِي، ماندا…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- اَچَنِ اُھيئِي، جَنِ لاءِ ڪانگَ اُڏايان، ٻيڙِياتا ٻيڙِيُنِ ۾، پِئا ڀُڻَنِ سَڀَيئِي، سامُونڊِي سيئِي، جَنِ واھَڻَ کَٿُورِيءَ واسِئا.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ اَڳي ٿِئو، گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان، صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري سانگو ڇَڏي ساھَ، ويچارِيءَ وڏِيُون ڪِيُون دانھُون مَنجِهہ دَرياھَ، ٻَر ٻانھُن ڇڏِئو، وييَسِ چُڪِي واھَ، مَدَدَ…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين، ڀَلا ۾ بي راھَ، تو ري تارِي ناھِ ڪا، والِي تو ري واھَ، ساھَڙَ جِي صَلاحَ، تَنِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ، نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي، ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- پِرِينءَ پَسايو پانھِنجو، نِظارو ناگاھَ، لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَ، اُمِيدُون اَرواحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ٿَرُ گَجِئو بَرُ گَجِئو، گَجِئو ديسان ديسِ، واھَ تَنِي جي ويسِ، جي وِڄُون وَسَڻ آيُو.[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِئو، مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- راتِيين روءِ رَتَ ڦُڙا، مُنڌَ مُرڪي ڏِينھَن، اَندَرِ نَعرو نِينھَن، ٻَھَران واھَ وِڙَنِ سين.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين، اَندَرِ مُنڌَ ماتامُ، سَسُئِيءَ سُوٽي ڪَڍِئا، تَعَلُقَ سَڀَ تَمامُ، نِئُسِ نِينھَن نِيامُ، ڏِسَنِ ڏارِيءَ ويسَ ۾.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ھي جٖي آيا ھيرَ، سي جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾، آئُون تَرسان ھُو تَڪِڙا، پَٽِ نَہ کوڙِينِ پيرَ، ڀَنڀُولِيَسِ بَرَنِ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- جَنِ ريءَ سَري نَہ ساھَ، رَتِي رُسُ مَ تَنِ سين، ھُوءِ ڪَرَھِينِ ڪُڇِجِ ڪِي مَ ڪِي، ڪِجِ سَيِّدُ چئَي صَلاحَ،…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- آندِيُون ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واھَ، مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيُون سَرَھايُون ساھَ، آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنھِنجا سابِ پِئا.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، ھادِيءَ لَھان نَہ حَدُ، سُپيرِيان جي سُونھَن جو، نَڪو قَدُ نَہ مَدُ، ھِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ،…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهگَلِ رَھَڻُ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻِي، مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي، وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا مُورَتَ ماھَ، نَہ ڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرَضُ گُناھَ، ھيڪائِي ھيڪُ ھُئِي،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]