واھَ جي سنڌي معنيٰ
پاسو، طرف، سڳرُ، سِير، اوٽ، بچاءُ، سام، اجهو، آسرو، آڌار، ڀرجهلو،آڙَ، پناھ، پنارو، حمايت، مدد، وسيلو. وجهہ، موقعو، ڏَت، سانگو، سَٺو، ٽِڻ، سمجهہ. وَل، وار، اوسر. اُپاءُ، رستا بچاءُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Protection, means, way, opportunity.
واھَ جا بيتن ۾ حوالا
مَنجهان مَچَ مَچُ ٿِئا، چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھَ،
اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ،
سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 24 ]
اِيءَ پَرِ آڳَڙِيَنِ جِي، ٻِي ڇَڏِيائُون واھَ،
سيڻَنِ جِي صَلاحَ، سِرَ ڏِنائُون سَٽِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 24 ]
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اللهُ،
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 23 ]
پاڻِهين وِجِهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري اوڙاھُ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 23 ]
ڀِرُ ڀَليرا سُپِرِين، ڀَلا ۾ بي راھَ،
تو ري تارِي ناھِ ڪا، والِي تو ري واھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، تَنِ کي ڪَڍي تارِ مان.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 25 ]
تو ري تارِي ناھِ ڪا، والِي تو ري واھَ،
ساھَڙَ جِي صَلاحَ، تَنِ کي ڪَڍي تارِ مان.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 25 ]
پِرِينءَ پَسايو پانھِنجو، نِظارو ناگاھَ،
لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَ،
اُمِيدُون اَرواحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 5 ]
لَٿِي ڪَٽُ قُلُوبَ تان، ٿِي وِرُوھَڻَ واھَ،
اُمِيدُون اَرواحَ، پِيَ پَسَندي پُنِيُون.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 5 ]
ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِئو،
مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 2 ]
مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ،
تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 2 ]
ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين، اَندَرِ مُنڌَ ماتامُ،
سَسُئِيءَ سُوٽي ڪَڍِئا، تَعَلُقَ سَڀَ تَمامُ،
نِئُسِ نِينھَن نِيامُ، ڏِسَنِ ڏارِيءَ ويسَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 11 ]
سَسُئِيءَ سُوٽي ڪَڍِئا، تَعَلُقَ سَڀَ تَمامُ،
نِئُسِ نِينھَن نِيامُ، ڏِسَنِ ڏارِيءَ ويسَ ۾.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 11 ]
جَنِ ريءَ سَري نَہ ساھَ، رَتِي رُسُ مَ تَنِ سين،
ھُوءِ ڪَرَھِينِ ڪُڇِجِ ڪِي مَ ڪِي، ڪِجِ سَيِّدُ چئَي صَلاحَ،
ٻِي وِروھَڻَ واھَ، ڪا توکي آھي تَنِ ري.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 21 ]
ھُوءِ ڪَرَھِينِ ڪُڇِجِ ڪِي مَ ڪِي، ڪِجِ سَيِّدُ چئَي صَلاحَ،
ٻِي وِروھَڻَ واھَ، ڪا توکي آھي تَنِ ري.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 21 ]
آندِيُون ڪانگَ قَرِيبَ جُون، اَڄُ واڌايُون واھَ،
مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيُون سَرَھايُون ساھَ،
آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنھِنجا سابِ پِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 17 ]
مَنَ مُرادُون پُنِيُون، ٿِيُون سَرَھايُون ساھَ،
آندا پِرِين اللهَ، سَڏَ مُنھِنجا سابِ پِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 17 ]
جَهڻِ پِيَڻُ جَهگَلِ رَھَڻُ، آھِينِ ڌَڻَ ڌَڻِي،
مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي،
وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾ ڀِتِ ھَڻِي،
مُون کي واھَ وَڻِي، مَجلِسِ ماروئڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 21 ]
مُون کي مارُوئَڙَنِ جِي، آھي گهُرِجَ گهَڻِي،
وِھان اَڏي وَٽَنِ گَڏي، ڀَرِ ۾ ڀِتِ ھَڻِي،
مُون کي واھَ وَڻِي، مَجلِسِ ماروئڙَنِ جِي.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 21 ]
نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا مُورَتَ ماھَ،
نَہ ڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرَضُ گُناھَ،
ھيڪائِي ھيڪُ ھُئِي، وَحدانِيَتَ واھَ،
لِکِيائِين لَطِيفُ چئَي، اُتِ ڳُجهاندَرَ جِي ڳاھَ،
مُون تَوِھِين سين آھي، اُھا ساڃاءِ سُپِرِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 6 ]