واھُڙُ جي سنڌي معنيٰ
واھ، ڪسي، ڪڙيو، شاخ، نھر. درياھ مان نڪتل ڦاٽ ننڍو وهڪرو، ڦاٽ جو پاڻي، جو پاڻيءَ جي چاڙه وقت نھايت تکو هلندو آهي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A kind of water course or canal. A branch of the river running off and joining it again.
واھُڙُ جا بيتن ۾ حوالا
اَنڌِيءَ وَڇُون ڪَنڌِيءَ وَڇُون، تَنگِئان لَھي نَہ تِکَ،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، ڏِيلَ مُنھِنجي ڏِکَ،
واھُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ سانڀاران سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 2 ]

جِئان وَھي تِئان واٽَ، ڪَپرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون،
جَنِ کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سي گهيڙَ نَہ پُڇَنِ گهاٽَ،
جَنِ کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واھُڙُ ڀائِينِ وِکڙِي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 4 ]

واھُڙُ جَنازو سُهڻِي، ڪانڌِي ڪَنگَ ٿِئاسِ،
ٻَگها جٖي ٻيٽَنِ جا، ڪُلَها تَنِ ڏِناسِ،
اَکِيين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 19 ]

لهوارا تان لَکَ، ھُونءَ تان ھُرِڀُ ھيڪِڙو،
اُڀِيُون اوٻاھَنِ ۾، جُوٺِيون مارِينِ جَکَ،
لُڻِيو اُتِ لَطِيفُ چَئِي، ڪُوڙِيُون ٻَڌنِ ڪَکَ،
واھُڙُ تَنِي وِکَ، جَنِ کي نَدِي ناھِ نِگاھَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 11 ]